ڳوٺ لغاري بجراڻي جون يادون (ب) ـ

Village Leghari Bijrani Mapلغاري بجراڻي جو شهر ڪڏهن ٻڌو ان جو صحيح سن يا تاريخ جي اڃا ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي. پر ڪن وڏن جي اندازي موجب اهو سن 1840 جو ٿيندو. يعني ميرن جي صاحبي جو آخري دور هو. لغاري بجراڻي جو شهر ديھ خيروديرو تعلقي مورو ۾ آهي. اها ايراضي ڪنهن وقت درياھ جي پيٽ ۾ هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کان اڳ اها زمين ٻگهين جي هجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن لغاري اچي اتي آباد ٿيا تڏهن ٻگهين هنن جي سخت مخالفت ڪئي. پُراڻن واهڙن ۽ ڍورن مان ائين معلوم ٿو ٿئي ته درياھ ڪنهن زماني ۾ گچيرو شهر کان ميل کن اولھ طرف وهندو هو. سندس وهڪري جا نشان اتر طرف نهال ماڇي جي ڳوٺ ۽ ميرن واري ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي ۽ بچاءُ بند کان ٿيندو، مهرن جي ڳوٺ جو الهندو پاسو ۽ گچيرو کان ميل کن اولھ طرف ٿيندو وڃي، عرض محمد جي ڳوٺ وٽ هاڻوڪي درياھ سان ملندو هو. هينئر جيڪو عرض محمد جو واهڙ آهي اهو درياھ جو وچ هوندو. انهي وقت جڏهن درياھ اتان وهندو هو تڏهن موجوده لغاري بجراڻي جو ڳوٺ لازم درياھ جي پيٽ ۾ هوندو. يعني انهي وقت تائين ان جو وجود ئي ڪونه هو. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت گچيرو، عرض محمد جو ڳوٺ ۽ خيروديرو وسندڙ ۽ آباد هجن. گچيرو ۽ عرض محمد جو ڳوٺ ته هينئر ئي پنهنجي اصلوڪي جاين تي آهن پر ڳوٺ خيروديرو درياھ پائي ويو. ان کان ڪجھ عرصي بعد درياھ پنهنجو رخ ڦيرائي اولھ طرف هليو ويو. ۽ سندس وهڪرو پرين ڀر، ڀٽر پنهور، جهلي ڳوٺ کان ٿيندو سڌو ڏکڻ طرف هليو ويو ۽ اٽڪل 3 يا 4 ميل پنهنجي اصلوڪي ماڳ کان هٽي ويو. درياھ جي هٽڻ کانپوءِ ڪافي زمين درياھ جي پيٽ مان نڪري نروار ٿي. درياھ خوردي جو قانون آهي ته جيڪا به زمين درياھ پائي ويندو آهي ۽ پوءِ ڇڏيندو آهي ته اها سرڪار جي ملڪيت هوندي آهي ۽ يڪساله يا 5 ساله ليز تي هارين کي ڏني ويندي آهي. اسان جي چاڪر ڪوٽ جي لغارين جڏهن ڏٺو هوندو ته درياھ ڪافي زمين ڪڍي آهي ۽ آبادي جي لائق آهي ته انهن ڪاڇي کان ڪچي ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي. ان وقت تائين اهو علائقو گهاٽو جهنگ هوندو هو. جڏهن لغارين کي انهي علائقي ۾ ڪافي زمين جي نڪرڻ جي خبر پئي ته هنن اتي اچي آباد ٿيڻ شروع ڪيو. پهريائين ڪاڇي مان احمد خان، بجر خان ۽ سندس اولاد ديھ خيروديرو ۾ اچي انهي زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيا. هنن جي خلاف ٻگهين ۽ بگن سخت مخالفت ڪئي پر ان وقت باگو خان لغاري جيڪو ميرن جو سپھ سالار هو تنهن هنن جي مدد ڪئي. ان کان سواءِ نواب ولي محمد لغاري به هنن جي مدد ڪئي. جيڪو ان وقت جي حڪمرانن جو امير هو. اهڙي طرح اهي لغاري ديھ خيروديرو جي زمين تي قابض ٿي ويا. جلد ئي پوءِ ميرن ۽ انگريزن جي جنگ لڳي. جنهن ۾ ميرن هارايو ۽ سڄي سنڌ تي انگريز حڪمران ٿي ويا. انگريزن جي وقت ۾ اها زمين يڪساله بنياد تي ورهائي ڏني وئي، ورهاست اهڙي طرح ٿي جو احمد خان جي اولاد احمداڻين کي ڏکڻ طرف ۽ بجر خان جي اولاد کي شهر جو اولھ ۽ اتر وارو پاسو مليو، وقت گذرڻ کان پوءِ ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ٻيون ذاتيون به آباد ٿيڻ لڳيون. جن مان ڪي هندو خيروديرو ۽ گچيرو مان لڏي آيا. انهن کان سواءِ ميراثي يا مڱڻهار، لانگاھ، ڪاسائي، هُليا، حجم، ڪوري، موچي ۽ ڊکڻ يعني سومرا پڻ پنهنجي روزگار لاءِ اچي آباد ٿيا. هندن جو ڌنڌو گهڻو ڪري واپار هوندو هو. هنن جا ڪي وڏا شاهوڪار به هوندا هئا ۽ ڪي ننڍن ننڍن دڪانن جا مالڪ، سونارا پڻ هن ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جيڪي هندو برادري سان تعلق رکندا هئا. انهن کان علاوه هندو هاري ناري به هئا. جيڪي زمينون آباد ڪندا هئا، تارومل ۽ سندس ڀائر سندن دور ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسي وارا هئا. سندن گهر ۽ دڪان ڳوٺ جي وچ ۾ هوندا هئا. دڪان ۾ هر قسم جون شيون، کاڌي پيتي جو سامان ۽ ڪپڙو وغيره به رکيل هوندو هو. سندن اوطاق يا بيٺڪ ۾ هر وقت هڪ وڏي ”چلم“ تيار هوندي هئي ۽ اتي ويهي؟ ”چوپڻ“ راند ڪندا هئا. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اٽڪل 25 سال اڳ واري دور ۾ هڪ هندو سيٺ تارو مل ٻاهر گذاريندو هو ۽ سندس دڪان ۽ زمين جو ڪاروبار سندس ڀائر ۽ ڀائٽيا هلائيندا هئا، ان وقت هندن جا ٻيا به ڪيترائي دڪان هوندا هئا، هندو ماڻهو گهڻو ڪري قرض تي پئسا يا جنس وغيره ڏيندا هئا ۽ ان تي وياج وٺندا هئا. سندن لکڻي جنهن کي هندڪي چوندا هئا، ان ۾ حساب ڪتاب ڪندا هئا، هنن جي اها لکڻي ڪنهن سنڌي پڙهيل مسلمان کي سمجھ ۾ نه ايندي هئي. لکندا به پاڻ پڙهندا به پاڻ هئا. هنن جي وياج وٺڻ جو طريقو اهو هو جو هڪ رپئي تي هڪ مهيني ۾ هڪ پائي يا ٻه پايون وياج وٺندا هئا. جيڪو اسان جا غريب لغاري خوشي خوشي ڀريندا هئا. ڪي ويچارا قرض مٿان قرض کڻي زمين گروي ڪري ڏيندا هئا. جيڪا مدي گذرڻ کان پوءِ قرض ادا نه ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ هندو واپاري جي ٿي ويندي هئي. اهڙي طريقي سان واپاري هندن ڪافي زمين هٿ ڪئي ـ
ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري ۾ جيڪي به لغاري آباد هئا، اُهي دراصل ڳوٺ چاڪر ڪوٽ ضلعي دادو جا آهن. چاڪر ڪوٽ مير چاڪر خان جو ٻڌايل آهي. جيڪو بلوچن جو وڏو سردار هو. اصل چاڪر ڪوٽ سٺو شهر هو پر هاڻي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري لغاري، ٻٻر، کونهارا (ڪلهوڙا) وغيره آباد آهن. انهي پاسي کي ”ڪاڇو“ چوندا آهن ڇاڪاڻ ته اهو علائقو باراني آهي ۽ هالار جبلن جي ڪڇ ۾ آهي. چاڪر ڪوٽ جي الهندي پاسي جبلن جي وچ مان هڪ گهاٽي يا لڪ آهي جنهن مان نئين گاج جبلن مان نمودار ٿي ميداني علائقي ۾ اچي ٿي ۽ ڇني ضلع دادو جي ڀرسان لنگهي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهيءَ نئين جو نالو گاج شايد انهيءَ ڪري پيو آهي جو جڏهن به جبلن تي برسات پوي ٿي ته اول گجگوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو پوءِ نئين گاج جو پاڻي جبلن تان لهندو گجگوڙ ڪندو اچي ٿو. پاڻ سان گڏ وڏا پاهڻ به لوڙهيندو وهندو ايندو آهي. جبلن کان ٿورو هيٺ هن نئين کي پٿرن ۽ لوھ جي شيخن سان رڪاوٽون ڏنل آهن، جيئن اهو پاڻي نئين جي تري مان اٿل کائي مٿي ننڍن ننڍن کوٽايل واهن ۾ وڃي ۽ آبادي ٿئي. جڏهن برسات وڌيڪ ۽ زور واري پوي ٿي ته پاڻي جو تيز وهڪرو اهي سڀ رڪاوٽون لوڙهي ويندو آهي. جنهن ڪري واهن ۾ پاڻي صحيح مقدار ۾ وڃي نه سگهندو آهي. مطلب ته هن علائقي جي ماڻهن جي روزگار جو دارومدار برسات تي آهي. بشر طيڪ برسات به پوري پني هجي ۽ سڀني واهن ۾ پاڻي وهي اچي آبادي ڪري. اهو علائقو جنهن کي ڪاڇو چوندا آهن اهو بئراج علائقي جي اولھ واري حد ختم ٿيڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ جبلن جي دامن تائين آهي. چاڪر ڪوٽ جي علائقي ۾ نئين گاج مان ڪيترائي ننڍا وڏا واھ نڪرن ٿا. جيڪي شايد ڪنهن زماني ۾ ان وقت جي حڪومت عوام جي مدد سان کوٽايا آهن. هن علائقي ۾ لغاري قبيلو آباد آهي. دادو ضلعي جا جيڪي به مشهور لغاري سردار آهن سي گهڻو ڪري اصل ڪاڇي ۾ رهندڙ هئا، جن مان ڪي سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ بئراج علائقي ۾ آباد ٿي ويا پر سندن جاگيرون ۽ پٽ اڃان به انهن وٽ آهن. اسان جي لغاري بجراڻي جا جيڪي به لغاري آهن تن جو وڏو چاڪر خان هو. جنهن کي هڪ پٽ نالي صحبت خان هو. صحبت خان کي ٻه پٽ ٿيا جن مان هڪ نالو احمد خان ۽ ٻئي جو نالو بجر خان هئا. موجوده احمداڻي لغاري احمد خان جو اولاد آهن ٻيو پٽ بجر خان جنهن مان باقي لغاري آهن پوءِ بجر خان جي اولاد مان ميرڻ خان، سهراب خان، باگو خان، مهراب خان وغيره پيدا ٿيا. جن مان هينئر هر هڪ جو جدا پاڙو آهي. جيئن ته ميرڻ خان مان ميراڻي، سهراب خان مان سهراباڻي، محراب خان مان محراباڻي ۽ باگي خان مان باگاڻي ٿيا. باگاڻي خاندان مان باگو خان لغاري ميرن جو سپھ سالار به ٿي گذريو آهي. لغارين جو ٻيو قبيلو جنهن کي مراداڻي چيو وڃي ٿو. اهو مراد خان جو اولاد آهن. اهي پڻ چاڪر ڪوٽ ۾ رهندا هئا، انهن مراداڻي قبيلي وارن جو ڪلهوڙن حاڪمن وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ هو. ڪلهوڙا پاڻ کي عباسي سڏائيندا آهن. هنن جي چوڻ موجب هو حضرت عباس جيڪو حضور صلي الله عليه وسلم جن جو چاچو هو. ان جو اولاد آهن. ڪلهوڙن مان ڪيترائي الله وارا بزرگ ٿي گذريا آهن. جن مان ميان آدم، شاهل ۽ ميان الياس پيري مريدي ۾ زور هئا. سندن مريدن ۾ ٽالپر، جتوئي، لغاري ۽ زرداري قبيلا سر فهرست آهن. مراداڻي قبيلي جا گهڻا ماڻهو ڪلهوڙن جا مريد هئا جن کي ميان وال فقير چوندا هئا ـ
فقير گهراڻو ٻين لغارين کان گهڻو پوءِ لغاري بجراڻي آيو. ان وقت تائين بجراڻي ۽ احمداڻي قبيلا ڳوٺ ۾ آباد ٿيل هئا. حڪومت وٽان کين ڪچي جي زمين ليز تي ڏني وئي. جنهن جي آباد ڪرڻ جي اجازت هر سال کين سرڪار کان وٺڻي پوندي هئي. ان کان سواءِ کين اها ليز واري زمين وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي. فقير گهراڻي جي وڏن کي زمين جي آڇ ڪئي وئي پر انهن مان گهڻن زمين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. لغارين جو چاڪر ڪوٽ يا ڪاڇي مان لڏي ڳوٺ لغاري بجراڻي آباد ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. پر سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته هڪ ته مير چاڪر خان سان دشمني ۽ ٻيو ڪجھ اتي جي ڪُلڪُلي لغارين سان جهيڙي سبب کين نقل مڪاني ڪرڻي پئي ـ

Leave a comment