شڪاريات

وري جيڪڏهن انهي ٻيڙي تي شڪاري خفتي قهري ڪان ۽ دوناليون کڻي شڪار واسطي سواري ڪري ٻيلن ۾ لهن ته لطف ئي نرالا، پنجاھ کان سو مڙس تائين ٻيڙي ۾ سوار نر گلو گڏ. سڄي رات ٻيڙي جي آڳل پاڇل ۽ منجڻون به پيون کلنديون ۽ نچنديون هيون، وري جي ڦاڙها مرن ته ديڳيون پيون چڙهنديون هيون. هر قسم جا ماڻهو ٻيڙي ۾ سوار، بيتائي، شاعر، سگهڙ، ڀوڳائي، ڪهاڻيڪار، توبچي، تاڙا، واٺا، پنجوڙون ڪتا وغيره. علودو خان شھ توبچي ٻڌبو هو. نظر فقير به شھ واٺو هو ۽ ساڳئي وقت هڪ سٺو شاعر به هو. خصوصي طور تي ڪلام چوندو هو. کيس جا ڪلام اڪثر علي بخش عرف (همام دسته) کي ياد هوندا هئا ۽ هو ڪچهري ۾ نظر جا ڪلام چوندو هو. شڪار جو ذڪر اچي ويو آهي ته ڪجھ شڪار بابت تفصيل سان لکجي. سنڌو درياھ جي ڪنڌي اڪثر ٻيلن، ٻيٽن، ڪيٽي ۽ جاگيرن جي صورت ۾ هوندي آهي، مذڪوره هنڌن جا سينگار سونن سڱن جي تاج وارا ڦاڙها هوندا آهن. ان کان علاوه پکي جن ۾ تتر، تلور ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ مڇي به جام هوندي آهي. پرديسي پکي جهڙوڪ: نيرنگ، آڙي، ڊرگوش، ڪرڙو ۽ لنگهو وغيره هوندا آهن. شڪاري ڪيترن ئي مختلف طريقن سان جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪندا آهن. انهن سڀني جو شڪار ڪچي واسين لاءِ هڪ لازمي امر آهي. ڪچي ۾ اڪثر هڪ فصل چيٽ جو ٿئي. اڄ ڪلھ سائنسي دور آهي، تنهنڪري اڪثر علائقن ۾ ٽيوب ويل لڳي چڪا آهن، نه ته اڳي ته ڪچي جا جهانگيئڙا صرف حضرت خواجه خضر ڏانهن اڃايل اکڙين سان نهاريندا هئا ته شل ڪا مهر جي ٻوڏ ٿئي ته هيئن خطي ۾ سُڪار ٿئي. ماڻهو توڙي مال آباديون ڪري خوش ٿين. اهڙي طرح ڪچي وارن جي زندگي جا ڏينهن پيا گذرندا هئا. ڦاڙهو ۽ ان جي مادي کي ڦاڙهي چئجي ٿو، ڦاڙهي ٻارنهن مهينن ۾ هڪ ڦر ڏيندي آهي. ڦاڙهي کي چار ٿڻ ٿين ٿا. تتر ٻن قسمن جا ٿين هڪڙا ڪارڙا ٻيا اڇڙا، ڪارڙي تتر جي مادي کي “ڪٻي” به چيو وڃي ته تتري به چيو ويندو آهي. گهڻو ڪري سال ۾ ٽي طُور ڪري هڪڙو مٽرن جي لڙهن ۾ ٻيو ڪڻڪ جي لاباري ۽ ديرن ۾ ۽ ٽيو سرءُ ۾. اڇڙو تتر به طُور ڪري هڪڙو مٽرن جي لوڙهڻ وقت ۽ ٻيو ڪڻڪن جي ديرن ۾. تلور پرديسي پکي آهي. ميرانجهڙي اڇي رنگ جي تلور وزن ۾ هڪ کان ٻن سيرن تائين. آڪٽوبر ۾ روس سائبيريا ڇڏي سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ولرن جي صورت ۾ اچي چڳڻ ۽ چرڻ جي خيال کان اڪثر درياهي ٻيٽن تي لهن ۽ چرن. تلور جو کاڄ ٻيٽن جو گاھ هوندو آهي. تلور جي گجُي، دم، وڏي کنگھ ۽ ٻاراڻي علاج لاءِ بطور دوا به ڪم اچي ٿي. تلور پکي آنا ۽ ٻچا پنهنجي اصلوڪي ماڳ يعني ٿڌن ملڪن ۾ ڪن. توڙي ٻيا پرديسي پکي ائين پنهنجي نسل جو واڌارو ڪن. البت سنڌ ۾ فقط چرڻ ۽ چڳڻ واسطي پنهنجو ماڳ ڇڏي آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني ۾ هتي سنڌو وادي ۾ پهچندا آهن. پوءِ مارچ ۽ اپريل ڌاري واپس وري وڃن ٿا ۽ وڃي ويامن ۽ وڌن. اهي ئي پکي هئا جن جي شڪار ۽ انگريزن جي رسائي خاطر جي ايم سيد، سر شاهنواز ڀٽو ۽ نواب غيبي خان جهڙن عظيم انسانن پنهنجي اصولن جا سودا ڪري انگريزن کان شڪار ڪرائڻ جي عيوض جاگيرون ورتيون. ايتري قدر رسايون ڪيون جو انگريزن جي گهوڙن، اٺن ۽ گڏهن کي به مصرين جا مٺا پاڻي پياريائون ـ
ڪچي ۾ شڪار ڪيترن ئي قسمن سان ڪيو ويندو آهي. جنهن مان ڪجھ نموني طور شڪار بابت احوال پيش ڪجن ٿا. جيئن ئي ماٽي لڙها چڙهندا ۽ لهندا هئا يعني مارچ ۽ اپريل جي مهيني ۾ ويندي ساوڻين تائين اهو مامرو پيو هلندو آهي. ساوڻين جي شروع ۾ بهشتي ميوو ڪچي ۾ گدرا ۽ ڇانهيون لهن. صبح سانجهي واڙين تي سوين ماڻهو گڏ، هر ڪنهن وات ۾ گدرو يا ڇانهين هوندي هئي. هنيو مُڪ گدري يا ڇانهين کي ڀڃي پيا کائيندا هئا ۽ واڇن کان پيو رس وهندو. ڪونجڙا (گدرن جا واپاري) به سانجهي جو واڙين تي ايندا ۽ گدرا ۽ ڇانهيون خري ڪري، واهڻن ٻهراڙين خصوصي طور پڪي تي کپائڻ ويندا هئا. ڪچي واسي به گدرن جي موسم ۾ پري پري کان سنگتين کي دعوتون ڏيئي اچي گدرا ۽ ڇانهيون کارائيندا ۽ سانوڻين جي آمد جا نظارا به ڏيکاريندا ۽ گهمائيندا هئا. شڪار به موسم آهر ڪيا ويندا هئا، جيئن ته اونهاري ۾ گهڻو ڪري ٻيڙين تي چڙهي لهوارا ٿي مذڪوره جهنگن ۾ تڙ جو شڪار ڪندا هئا. واضح رهي ته لغارين جي ڪيٽي کان ڏکڻ ۾ وڏيري دوست محمد ۽ مٺل خان ٻگهيي جي ڪيٽي آهي، انهي کان ڏکڻ ۾ خيروديرو ٻيلو ۽ ان کان ڏکڻ ۾ سيٺر جي ڪيٽي ۽ ان سان دنگ ۾ ان کان ڏکڻ ۾ گلڻ ڄام ڏاهري جي ڪيٽي ۽ ان کان پوءِ دنگ ۾ نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور وارن جي جاگير آهي. موسمي لحاظ کان ڪچي ۾ شڪار ڪرڻ ۽ روح کي راحت ڏيڻ واسطي ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. جيئن ته اونهاري ۾ تڙ جو شڪار، ٽاري يا چيڄ جو شڪار، پياڪي جو شڪار ۽ سياري ۾ تڙ جو شڪار، اوسر جو شڪار ٻولي جو شڪار وغيره. جيئن ئي ڍورا ڍنڍون ۽ واهڙ وهندا هئا، هيٺاهين تي ڇرون ٿي وينديون هيون. پاڻي زمين تي ريلائيندو وتندو هو تيئن ئي خفتين (شڪار جي شوقينن) ۾ شوق شڪار پيدا ٿيندو هو. هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏئي ويندا هئا. مقرر ڏينهن تي هرڪو اوکا پوکا لاهي، بندوقون، پنجوڙون، کاڌي پيتي جو سامان، رليون گودڙيون، ان کان سواءِ ڪتا جن ۾ ڳولو، ٻاهو، واٺو قسمن جا ڪُتا به اچي سهڙندا هئا ۽ ناکئي موسي جي ٻيڙي تي اچي چڙهندا هئا. سڀ گڏ ٿي ۽ ٻيڙي جو پڳھ ڇوڙي لهوارا ٿيندا هئا. مذڪوره ڪيٽين ۽ ٻيلن کان اڳ اولھ ۾ درياھ شاھ وهندڙ آهي پوءِ ته ٻيڙي به لهواري هلي. درياھ جي ڪپر سان يا ڪنهن سائو واهڙ سان ڪنهن پاڻ جي سهاري هلي ناتاري کوڙي جهنگ جي گودرن ۾ بهاريندا هئا. يڪدم خفتي لهي جهنگن کي ڦري پيرا کُرا جانورن جا ڏسي واپس همراهن ڏي ايندا. پوءِ ٻڌندا مُهاڙي ۽ شروع ڪندا تڙ. جهنگن تي به خفتين جا مختلف نالا رکيل هوندا آهن. چوندا ته پهريائين “سونچو” تڙينداسين پوِ “نڪي” پوءِ “ڪامهين” تڙبي، تنهن کان پوءِ تڙبي “ڪچي” ۽ ڇت تي اهڙي نومني صلاحون ڪري لهندا ٻيڙي تان ۽ وڃي جهليندا چوڪڙين ۽ مهاڙين جا پها. يعني هڪ طرف کان پنجوڙون ٻڌبيون ۽ ٻيو پاسو يعني “ٻُٽ” ۽ “ليٽ” جهليندا. بندوقن وارا توبچي ۽ مٿان تاڙا ڪندا “الله توهار” ۽ ڇڏيندا جهنگ ۾ ڪتا ۽ ڪندا هو ڪرون، ڳولائو ڪتا، جانورن جا پير کڻي نوسيندا وڃي جانور جي ٿم تي پهچندا ۽ جانور کي ڪڍندا ٿم مان، باهُو ڪتا جانورن جي پويان رڙندا ۽ چهڪاريندا ايندا، واٺا ڪتا جانورن جي پويان جهنگ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. جانور به ڪتن ۽ ماڻهن جي هوڪرن کان لڪندا ڊوڙندا انهي جهنگ مان ڀڄڻ جي ڪندا. جئين ئي پهن مان ڪنڌ ڪڍندا تيئن ئي کڏڙن ۾ لڪل توبچي ٺڪاءُ ڪرائيندا جانور کي بندوق. تاڙن ۾ هوڪرا پئجي ويندا. جانور کي به بندوق لڳندي ئي جانور ويڙهجي سيڙهجي ڪري پوندا ۽ توبچي اٿي انهي کي تڪبير وجهندو. پر جيڪڏهن يارنهن آڱريو مرون وڃي پنجوڙن ۾ پوندو ته واٺن جا به ويس لٿل هوندا ۽ هڪل ڪري وڃي مرون کي ڀاڪر هڻي وٺندا ۽ يڪدم مٽون ڪڍي قابو ڪري پنجوڙ مان ڪڍي چارئي ٽنگون ٻڌي پيٽي هڻي ڪنهن سل ۾ وجهي ڇڏيندا. جيسين وڃي مهاڙي تڙ جي ختم ٿئي. تاڙا به هوڪرون ڪندا، هڪ ٻئي کي سنڀاليندا، گودرن ۾ داسا هڻندا، اڳتي وڌندا هلندا. اهڙي نموني جي ڪو توبچي جانور مان بندوق گُسي پوندي ته اهو جانور ڀڄڻ ۾ڪامياب ٿي ويندو. پر جي ڪو بندوق لڳڻ سان ڦٽجي پوندو ته انکي به يڪدم ڳولا ۽ واٺا ڪتا وٺي جهليندا. چوڌاري ٽاڄا پيا پوندا. نيٺ مهاڙي به تڙجي ايندي ۽ هرڪو اچي پهي تي بيهندو، مئل ڦاڙها به توبچي کڻائي اچي همراهن وٽ پهچندا. پوءِ جمعدار شڪار وارو سلن ۾ ڦاڙها کڻائي وڃي ٻيڙي ٿيندو. جتي ڦاڙهو کليو ويندو ۽ رڌڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويندو. خفتي به هڪ ٻه يا ٽي مهاڙيون تڙي اچي ٻيڙي ڀيڙا ٿيندا ۽ ڪندا مانجهاندي جو بندوبست، ڦاڙها رڌي پچائي کائي پي وري لڙي منجهند جو لهندا ٻيڙي تان ۽ ساڳئي نموني وري به تڙيندا مهاڙيون، سانجهي تائين جيڪي ڦاڙها مرندا ته اهي به کڻي اچي ٻيڙي تي پهچندا ۽ لڙي آڌي تائين رڌ پچاءُ جو مامرو پيو هلندو ۽ ڪي ڪچهريون پيا ڪندا، ڪي سڀاڻي شڪار جون مهاڙيون پيا سوچيندا. ڪي پيا درياھ يا ڍنڍ ۾ وهجندا، ڪي ٻيٽن تي پيا ڊوڙندا ۽ رانديون ڪندا. سڄي رات کل خوشيءَ جو مامرو پيو هلندو. ٻيڙي تي راڄ هوندا ڏور، بيت ڪهاڻيون، قصا به پيا هلندا هئا. اوڀر اڀري ويندو ڪچهريون کٽڻ ۾ نه اينديون. وري صبح جو مهاڙيون ۽ ڦاڙها. ان زماني ۾ شڪار جا اڳواڻ علودو خان، استاد غلام شبير، ڳهڻو خان، نظر، غلام مصطفي ۽ غلام نقي وغيره هوندا هئا. لغاري اڪثر شاھ توبچي هوندا هئا، ڪيٽين ۽ ٻيلن ۾ دودن لغاري جا ڀاڻ وريام جتوئي جا ڀاڻ، پنهون چانڊيي جا ڀاڻ، نواب جتوئي جا ڀاڻ، ڏاهرين جا ڀاڻ، هاليپوٽن جا ڀاڻ وغيره مشهور هوندا هئا. مذڪوره ڀاڻن تان ڏڌن ۽ کيرن جا باڳيا آڻبا هئا ۽ چاڻا آڻبا هئا. انهن جي عيوض ۾ ڦاڙهن جا گوشت ڏبا هئا. خفتي به خوش ته ڀاڻن وارو به خوش، وڏا مزا هوندا هئا. پنج اٺ ڏينهن ڦاڙهن جي شڪار جو مامرو هلندو هو پوءِ جڏهن ڏکڻ يا اوڀر جو واءَ ورندو هو ته نائکا به سڙهن جا ساڪا ٽوڙي پڳھ ڇوڙي ۽ هلائيندا هئا ٻيڙي کي اوڀارو. سوايو داءُ هوندو ته ٻن چئن پهرن ۾ ٻيڙي ڇڇڪا ڪري اچي ڳوٺ پهچندي هئي پر جي ماٺو واءِ هوندو هو ته نائکا به ٻيڙي کي ڦٽڪا هڻائيندا رسا ڇڪائيندا ۽ ساندرا ڏيندا هلندا هئا. آڌي رات ڌاري اچي ڳوٺ پهچيو هو. ڦاڙهن جون کلون ۽ منجيون يعني سنڱ اڳواڻ شڪاري وٽ رکيا ويندا هئا ته جيئن ضرورت وقت هر ڪنهن کي ڪم اچن، اهو ٿيو گويا سانوڻين جو شڪار ـ
سانوڻين ۾ گهدم جو شڪار: جڏهڻ گهڻي ٻوڏ ٿيندي هئي ته سڄو ڪچي جو علائقو پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو. ڪٿي ڪٿي مٿاهين واريون جايون ٻيٽن جي صورت ۾ ٿي وينديون هيون. اهڙي طرح جهنگ به ڪٿي ٻڏل هوندو هو ڪٿي سُڪي. ان وقت شڪاري خفتي گهوم جي شڪار جا سانباها ڪندا هئا. يعني هڪ بتيلو يا هُهُڙو ڪاهي جنهن ۾ چند ديسي دوست گڏجي کاڌي پيتي جو سامان به کڻندا ۽ قهري ڪان به ڪلهن ۾ وجهندا. هڏانهن ههڙي واري کان به مختلف رڇ ٻيڙي ۾ کڻائيندا. جنهن ۾ نڙا، سنبوهي، گهاتو رڇ، ڪڙهي ۽ پاکا ۽ ڪيترا نڙ به هوندا، ان کان علاوه ٻيڙي لاءِ سڙھ، اڏيون باھ ٻارڻ لاءِ، مٽي جو ٺهيل “قل” به ساڻ کڻندا، جيئن ئي پنجن اٺن ڄڻن تي مشتمل دوست شڪاري ٻيڙي ۾ سوار ٿي پڳھ ڇوڙيندا. ٻيڙي لهواري هلي ڪنهن ڪپر سان بيهاريندا ۽ خفتي لهندا پاڻي ۾، پاڻي ڪٿي پني، ڪٿي گوڏو، ڪٿي سٿر ڪٿي چيلھ، ڪٿي بُبي جيترو، ڪٿي ڳچي جيترو، ڪٿي وري ڪي ڍوريون تار به اچيو وڃن. هرڪو خفتي ڪلهي ۾ بندوق، ڳچي ۾ ڏور ٻڌل چاقو ٻه چار ايس جي ڪارتوس ڪنهن پوتڙي جي پلاند ۾ ٻڌل، پير اگهاڙا پٺا اگهاڙا پوءِ لهندا پاڻي ۾ ۽ ڳوليندا ٻيٽ ۽ انهن تي رهندڙ ڦاڙها. هر ڪنهن توبچي جو پنهنجو پنهنجو مُنهن هوندو. پاڻي ۾ به ڪٿي لٽ ته ڪٿي چيڪو ڪٿي لوڙ ته ڪٿي واري هوندي. آهستگي سان پير پير ۾ ڏيئي کڙڪ ماريندا تمام هوشياري سان. ڦاڙهو ڪنهن ٽٻي تي ڳولي لهندا. ڦاڙهو به جيئن ته کڙڪو ٻڌندو تيئن “جهول” ۾ ڪاهي پوندو. توبچي به کڙڪو ڪنائي جتان جهنگ ۾ ڦاڙهي جو ڏيل ڏسندو تيئن ئي ٺڪاءُ ڪندو ڦاڙهي کي بندوق. بندوق لڳڻ سان ڦاڙهو پٽ تي يا پاڻي ۾ ڪري پوندو ۽ توبچي به وڃي تڪبير وجهندس. پوءِ لوڙهي پاڻي ۾ کڻي وڃي ٻيڙي تي رسندو. ناکئو به رڇ ڪلهي تي کڻي ماٺو ۽ ڪارو پاڻي ڏسي لاهيندا نڙا. پهوکن کان پوءِ نائکو رڇ سنڀالڻ ويندو. پويان رڇ سنڀالي موٽندو ته “قهه” ۾ مورکا ڪرڙا ۽ ٿيلهيون لڙڪايو ايندو. پوءِ ڪندا هئا کائڻ پيڻ جا سانڀاها. اهڙي طرح ٻه چار ڏينهن اهو گهوم جي شڪار جو مامرو هلندو. انهي وچ ۾ خفتي هڪ ٻه گهمرو لعل شهباز قلندر جي زيارت واسطي به ٻيڙي کي ساندارا ڏيئي سيوهڻ سامهون پهچندا هئا. پوءِ جيئن ئي ڏکڻ جو واءِ لڳندو ٻيڙي به اوڀاري ڌڪي اچي ڳوٺ ڀيڙو ٿيندا هئا ـ
سياري ۾ تڙ جو شڪار: سياري ۾ تڙ جو شڪار گهڻو ڪري ڳوٺ جي ويجهي جوءِ ۾ ڪيو ويندو هو. پر جيڪڏهن ڀر پور جوءِ مٽبي هئي ته به لغاري جوانڙا خفتي ڪونه مڙندا هئا. پنج اٺ ڪوهي واري منزل تي شڪار تي ويندا هئا. کاڌي پيتي جو سامان اُٺن تي کڻندا هئا، باقي خفتي سڀ پنڌ ڪندا. هر ڪنهن وٽ اجرڪ، پوتڙو، چادر، توبچين وٽ دوناليون ڪلهن تي، ڪُتا پنجوڙون سڀ ساڻ، گهڻو ڪري ديسي دوست گڏ پر جيڪڏهن ڪو مهمان شڪاري هلندو ته سمجهبو هو ته هن جي عمر شڪار ڪندي گذرندي، لڪندا ڊوڙندا ڀوڳ ڪندا سوچيل جوءِ ڏانهن پيا هلندا. سياري جي موسم به عجيب ٿئي، پر صرف ڪچي واسين لاءِ، ڇاڪاڻ ته چيٽي فصل ڪاهيو ڪچي واسي ٻنا جهليو وتندا واندا گهمندا، مال اڪثر چڻن مٽرن جي ڍارن ۾ هوندو، سڄو ڪچو سائو هوندو، ائين پيو محسوس ٿيندو ڄڻ ته خدائي زمين سائي رنگ جي چادر ويڙهيو ويٺي آهي. سرنهن جي ڦولار مٽرن جي گل ٻاٽي، چڻن ۾ اڇا گل ڪڻڪون ڍڍي ۾ سونف ۽ ڌاڻو نيسر ۾ هوندو واڙي يعني گدرن جا ٻوٽا به ناڙي واري اوڙ کان نروار ٻوٽي جي صورت ۾ هوندا. ويندي ويندي اگر سانجهي جو وقت هوندو ته تترن تي به ٺڪا ٺوڪي ٿيندي هلندي. تتر به سانجهي جي وقت پوکن ۾ سٿ سٿيو پيو هوندو. توبچي ۽ تاڙا چَها هڻندا هلندا. تتر اڏامندا ۽ اچي اچي پئجي ويندا. بگڙا ڀڙڪا ڏيو پيا اٿندا ته ڪارڙا تتر زمين تان ئي ذيل منجهان لاٽ ڪري آسمان ڏانهن ويندا. اڃا سڌا ئي مس ٿيندا ڊزڊزڪا ٿيندا. جاڙيون پيون جٽينديون. تترن جا بج اتي ئي آسماني فضا ۾هوندا باقي ويڙهجي سيڙهجي ڦھ اچي پٽ تي ڪندا. ولر پيا اٿندا ۽ ٺا ٺا هوندي. ڦلا پيا ڀڄندا، غلام مصطفي، غلام نقي ۽ الھ بچايو جي چوڻ موجب سندن ٽهي ۾ پاڻ کان علاوه صاحب مهري وارو، شھ توبچي چئجن. جنهن کي هڻندا هلن اُهي رومال ٿيو اچن. غلام مصطفي کي گسڻ ڄڻ ته ڏانءُ ئي ڪونه ايندو آهي. اسان غلام مصطفي جهڙو توبچي نه ڏٺو نه ٻڌو. هن جو شڪار محتاج چئجي ته هرج نه ٿيندو. جنهن شڪار تي هلي، سرسي غلام مصطفي جي عمر سڄي شڪار ڪندي گذري اٿس، سٺ ورهين جي لڳ ڀڳ آهي. درياھ بادشاھ جي پائڪ کان پوءِ شاهپورجهانيان لڏي وڃي ويٺو ۽ اڃان تائين اتي ئي رهائش پذير آهي. هرڻ جو شڪار ڪيائين، گڊ ماريائين، سرھ ماريائين، ڦاڙها ڳڻڻ کان گهڻا ماريائين، مرون جو شڪار، تترن، پکين، تلورن بلڪ اهڙو شڪاري ۽ توبچي ماءُ ٻچو وري نه ٿيندو. غلام نقي ۽ سندس ساٿي گهڻي وقت کان ساٿ رهيا. غلام نقي خان لغاري طبيعت ۽ مزاج جو رحمدل انسان، سڄي زندگي شڪارن ۾ گذريس. بهترين توبچين ۾ ڳڻيو ويندو هو. پر هينئر فوت ٿي ويو آهي. سندس جوڙ جا شڪاري گهڻا ته هي جهان ڇڏي ويا پر ڪي زندھ آهن. هن وقت اسان جي ٽهي جو شڪار جاري ۽ ساري آهي. استاد بهاول خان ڪتن جو شوقين جن ۾ ڳولا، راڙا، باها، ڌٻڙيا ۽ واٺا. لوڌ جو ڌڻي محمد بخش ولد الهڏتو، خانڻ ولد يار محمد، محمد بخش ۽ خانڻ ڏاتاڻي، علي خان ولد احمد خان وغيره. (هن وقت مٿين دوستن مان ڪي هي جهان ڇڏي ويا آهن.) ذڪر پئي هليو سياري ۾ تڙ جي شڪار جو. سي ڪي شڪاري اُٺن تي ڪي پيرين پاوا جوءِ ۾ پهچي هلي ڪنهن وسيهن ۾ لڏو لاهيندا. پر جي ڪو پاڻي جو دُٻو هٿ اچي ويو ته گهڻو ڪري دُٻي جي ڪپر تي، ليون، لاڻا، ٻٻر ڏسي، ڪهاڙين سان، ويهڻ ماني پچائڻ، ٻي رڌ پچاءِ ۽ ڪچهري لاءِ جهنگ ڪڍي اڇ ڪري. واري واري سان هر ڪو پيو باھ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون آڻيندو ته ڪي ٻيا دٻي تان پاڻي آڻيندا ۽ ڪي رڌ پچاءُ کي لڳي ويندا. سانجهي وارا ماريل تتر به پيا ڇلبا ۽ چڙهندا، پنجاھ کان سو مڙسن تائين نر گلو گڏ، خوشيون ڀوڳ کلڪارا، جهنگ جَر پيو کلندو. رڌ پچاءُ جا اوکا پوکا لاهي ماني ٽڪي کائي پوءِ وچ تي ٻرندو مچ، سڀ خفتي مچ کي ڦريا ويٺا هوندا. خانڻ، محمد بخش، علي بخش، نظر. لوٽي نسوروئي ڀوڳ ٺهيل آهن. سڄي رات ڪچهرين ۾ گذرندي. صبح ٿيڻ سان ماني ٽڪي پچائي کائي، پوءِ تڙ بيون مهاڙيون ۽ ماربا ڦاڙها، پر جيڪڏهن ڪو اوثر هٿ اچي ويو يعني جانور (مرون) انهي جا پير کُر ڏسي پوءِ ڪبو اوثر جو مامرو شروع. سڄو ڏينهن مهاڙيون تڙبيون، سانجهي جو جڏهن ڦاڙها کڻائي “مڏي” تي پهچبو ٻه چار خفتي جيڪي نئين پراڻي پير کي به سڃاڻين ۽ کڻن جوءِ به سوچيندا ۽ اچي خفتين کي احوال ڏيندا. وڏو اسُر ٿيندو توبچي وڃي ليٽ ۽ ٻٽ تي کڏڻا ٺاهي لڪي وهندا. پنجوڙون نُڪي کان ٻڌجي وينديون، اتر وڃي ٻه چار باهيون ٻاريندا. جيئن ئي جانور پهرين اسر جو جڏهن گودرن ۽ پوکن مان چرڳ چري چارئي ڪکيون سنيون ڪري اچي جهنگ ۾ پوندا. خفتي به چوڌاري ڪڙو چاڙهي ويندا. گهٽ گهيڙ سڀ وٺجي ويندا. جڏهن دنگن، پهن ۾ اک سوجهرو ٿيندو ته ان وقت تاڙن ۽ ڪتن بڇڻ وارن جي ٿيندي ”الله توهار“، بس پوءِ ته جهنگ جهر ٻوڙا، ڪانهن، سرن لين ۽ ڪنڍين ۾ لٺيون هڻندا هڪلون ڪندا، جانور کي گاريون ڏيندا، توبچين ۽ واٺن کي هوشيار ڪندا ڇيڙا تاڙا ۽ ڪُتا ئي اڳتي وڌندا هلندا، سڄي جهنگ ۾ هُل هنگامون ٿي ويندو. بڇ وارا هڪ ٻئي جا نالا کڻي پيا پڪاريندا، “وٿي نه ڪيو ڙي وٿي نه ڪجو، جانور نڪري ويندا“. جيئن ئي هڪل سوڙهي ٿيندي ايندي تيئن جانور پريشان ٿي ڀڄڻ شروع ڪندا سڌا اچي دنگن، پهن مان ڪنڌ ڪڍندا. جهنگ ويڪر مطابق کڏڻا هوندا آهن. هٿن ۾ ٻارنهن بور جون دُناليون، ايس جي ڪارتوس سان ڀريل هونديون، نر ڦاڙها هڪ ٻئي پٺيان سهڻن سڱن جا تاج مٿي تي رکيو سڌو اچي قهري ڪانن ۾ پوندا. دنگ يا پهي مان ڪنڌ ڪڍيو ناهي ۽ ڊسڪو ٿيو ناهي. ٺا ٺا سڄي جهنگ ۾ پڙلاءُ پئجي ويندو. ٺڪاءُ جي انداز مان خفتي معلوم ڪيو وڃن ته بندوق جانور کي لڳي يا گٿي، جيئن جيئن هڪل سوڙهي ٿيندي ويندي تيئن تيئن جانورن جا ڌڌڪا هوندا. ڪتن جون چهڪارون هونديون، هيڏانهن ٺڪاءُ، هوڏانهن ٺڪاءُ واٺن جون هڪلون، مرن جا رنباھ، باها، ڳولا، واٺا سڀ ڪتا پيا ڊوڙندا سهڪندا. گهڻو ڪري ڪو يارنهن آڱرين وارو جانور وٺندا، مطلب ته نيرن مهل تائين اوسر جو شڪار مس مس وڃي پورو ٿيندو. سل ۾ جانور کڻي هر ڪو توبچي کڏڻي تان اٿندو، جهنگ کان ٻاهر ايندو ۽ ڏسندو ته تاڙ ۽ بڇ وارا به سيءُ ۾ ڪرونڊڙا ٿيا ماڪ ۾ سارا پُسياهڙ ڪندا اچي ڪنهن “ڪُهڙ ” کي باھ ڏيندا ۽ سيڪ وٺندا. ڪنهن کي ڦاٽل رلي ڪلهن تي ڪنهن کي فوجي جو ڪو نيلامي ڪوٽ بت تي، ڪنهن کي پوتڙو يا اجرڪ هيٺ تي البت سڀني کي گوڏيون ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون، ڪنهن جي پير ۾ پراڻي کٿل جُتي هوندي ورنه عام طرح سڀني جا پير اگهاڙا جن جي کل تتي ٿڌي ۾ گهمي گهمي جنسي ڪاٺ ٿي ويل. نه ٻاٻرو ڪنڊو و اثر ڪري نه نانگ جو ڏنگ، جهڙو هڏو. نيٺ آخر سڀئي خفتي اچي گڏبا، ٻه چار ڦاڙها به مئل هوندا. جيڪڏهن پنجوڙن وارن مرون ورتو انهي کي به پنجوڙن مان ٻڌي ٻاهر ڪڍي آجو ڪري اڇ تي کڻائي ايندا ۽ پوءِ ڪندا الڙ ۽ بڇيندا ڪُتا. ڦاڙها کڻائي هلي پنهنجي منڊلي تي پهچندا ۽ رڌ پچاءُ جو ڪم شروع ڪندا ـ
اوسر جو شڪار ۽ تڙ جو شڪار: اونهاري يا سياري ۾ مهاڙيون تڙجن. اهڙي طرح هفتي کن تائين جهنگ ۾ رهي ڪندا اوسر جو شڪار پوءِ واپس ڳوٺ ايندا هئا ـ
صبح ڇيڄ ۽ ٽاري جو شڪار: ڦاڙها ڪڻڪون ۽ مٽر چرڻ واسطي رات جو پوکن ۾ ايندا آهن. خفتي ٻن چئن ڏينهن جو ڇيڄ ڏسي پير کُرجاچي کڏڻو خبرداري سان ڪنهن ٻوڙي ۾ ٺاهيندو ۽ سج لهڻ سان کڏڻي ۾ اچي وهندو. ڦاڙها به گودرون ڇڏي پوکن ۾ چرڻ ايندا. جيئن ئي ڪنڌ هيٺ ڪري گاھ کائيندا تيئن ئي توبچي ٺڪاءُ ڪندو ڦاڙهي کي بندوق. بندوق لڳڻ سان ڦاڙهو ڪري پوندو ۽ خفتي اتي ئي ان کي تڪبير وجهندو. ڦاڙهو جانور نظر جو تيز ۽ ڪنن جو سَرلو ٿيندو آهي. سياڻو ۽ ڊڄڻو جانور آهي. سياري ۾ جبلن کان ڌنار ٻيلن ۾ مال ڪاهي لهن. ٻيلي کاتي جي سرڪار کان بطور ٺيڪي تي ٻٻر جي ٽاري وٺن ۽ ڌنار ٽاري وڍي مال کي چارين. رات جو بچيل سچيل ٽاري ڦاڙها چرندا آهن. توبچي به جانور جا پير کُر ڏسي تازو لٿل ٽاري ڀرسان کڏڻو ٺاهي لڪي ويهندو. جيئن ئي ڦاڙي کي ٽاري چرندو ڏسندو تيئن ئي توبچي خبرداري سان ڦاڙهي کي بندوق هڻي ماريندو آهي. اهو گويا ڇيڄ ۽ ٽاري جو شڪار چئجي ٿو ـ
پياڪي جو شڪار: ڪنهن ڍنڍ، دُٻي يا درياھ جي ڪنهن گهيڙ تان جانور پاڻي پيئندڙ هوندو، خفتي به پير کُر نوان پراڻا ڏسي، کڏڻو ٺاهي لڪي وهندو. جيئن ئي جانور پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو، تيئن ئي توبچي ٺڪاءُ ڪرائيندو بندوق. اهڙي نموني پياڪي جا شڪار ڪيا ويندا آهن ـ
ٻولي جو شڪار: ڦاڙهو ذيلون هڻندو آهي. اُها گويا ان جي ٻولي چئجي. ولي محمد راهو دولتپور کان ڏکڻ جو ويٺل آهي. لغارين سان شڪار تي دوستي ٿي ويس. مالوند هو، تنهن ڪري سڄي عمر ٻيلن ۽ جاگيرن ۾ ڀاڻ ٺاهي. مال وهاريندو، چاريندو ۽ رهندو هو. ڪنڌي جو مڙس ماڻهو، شڪار جو خفتي لغارين جي دوستي کان پوءِ ٿيو. ڦاڙهي جي ٻولي يعني ذيل وات سان ڪندو هو، ميل کن جي پنڌ تي موجود ڦاڙهو ڊوڙي ٻولي واري هنڌ پهچندو، لڪل توبچي کيس بندوق هڻي ماريندو. خانڻ ٻلال به اسان شڪارين جي دوستي ۾ خفتي ٿيو. پهرين جوڙ جو واٺو چئجي، پيري ۾ شڪار ڪندو اچي. خبر ناهي هينئر زنده آهي يا نه. جابلو دوستن ۾ حاجي مير خان جمالي، ماستر رحم علي کوسو، سِرائي عبدالقادر رند، يار علي ٿهيم اڪثر لغارين ۾ اچي ڦاڙهن جو شڪار ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ هتان ڪچي واسي جبل جي شڪار تي مذڪوره دوستن وٽ ايندا ويندا هئا. ميرپورخاص مان رئيس قمبر علي خان، سوڍل خان، امير علي ۽ بندھ علي ڦاڙهن جو شڪار ڪرڻ ڪچي ۾ ايندا هئا. خصوصي طور شڪاري شڪار تي وڃي زندگي وڌائيندا هئا. پر هينئر اهڙو ڪو واءُ وريو آهي جو ڪيڏانهن ويا شڪار ته ڪيڏانهن ويون ڪچهريون، ڪيڏانهن ويا اُهي پتڻ ته ڪيڏانهن ويون ٻيڙيون، ڪيڏانهن ويون اُهي اوطاقون ته ڪيڏانهن ويون اُهي قرب واريون ڪچهريون. درياھ شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي کي پاتو ته ڄڻ هر شيءِ ختم ٿي وئي. قرب ۽ همدردي ختم ٿي وئي ـ
اوطاقون، اوتارا ۽ داريا سڀ درياھ کڻي ويو. ان کان علاوه ڪيترا پراڻا خفتي، ڪچهري جا مور ۽ پريا مڙس هي جهان ڇڏي ويا. اچي جو اڄ ڪلھ جا ڇوڪرا ساماڻا آهن سو کنيو بندوقون ۽ رائفلون وتن ڪچي واسين بلڪ سنڌين کي ڦريندا، لُٽيندا ۽ ماريندا. وري مٿان جو سرڪار نامدار اچي، تن جا پادر به غريبن مٿان، مڙئي ڪچي واسي، ڌاڙيلن ۽ پوليس لاءِ استحصال جو طبقو آهن سو پيا مارين. نه ڪو ڌڻي نه سائين نه حڪومت. ڪچي واسي وڃن ته ڪيڏانهن، جيئن ته ڪهڙي سهاري، جيئن ڳوٺ درياھ جي پائڻ سبب ختم ٿيو ۽ ڪڻو ڪڻي کان ڌار ٿيو آهي. هينئر زندگي جي سلسلي جون سڀ ڪڙيون ٽٽي ويون. هر شيءِ فنا آهي. فنا جو ننڍڙو ڏيک اسان جو شهر لغاري بجراڻي ٿي ويو ـ

Leave a comment