ميان نور محمد جا قبا

Mian Noor Muhammad Kalhoroهي قبا ڳوٺ نم تعلقو مورو ۾ آهن. هن وقت اوڏانهن وڃڻ جو رستو شاهپورجهانيان کان شگر مل، مقيم ڏاهري جي ڳوٺ کان ٿيندو اڳتي وڃي ٿو، اٽڪل 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پڪي روڊ کان اتر طرف قبا ڏسي سگهجن ٿا. قبن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ پڻ آهي. هنن قبن جا مجاور جتوئي فقير آهن. هي مجاور خاندان پشت به پشت ميان نور محمد جا فقير آهن. هنن جو وڏو سلطان خان جتوئي هو. پنهل خان جتوئي قبن جو مجاور هو. سندس چوڻ موجب سندس پيءُ سلطان خان کان اڳ به سندس ڏاڏو سلطان خان هو. جنهن جي تربت پڻ اتي ئي آهي. هي هڪ وڏو قبرستان آهي جيڪو اٽڪل 70 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ميان نور محمد جي مختصر تاريخ هن ريت آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙو سن 1681ع ڌاري پيدا ٿيو. انهي زماني ۾ هندستان تي مغلن جي حڪومت هئي. ميان نور محمد جي ڏاڏي ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي سنڌ ۾ حڪمراني جو بنياد وڌو. تنهن بعد دهلي جي سلطنت پاران ميان يار محمد ڪلهوڙي کي باقاعدي سنڌ تي نائب بنائي سَنَدََ ڏني. سن 1701ع ڌاري ميان يار محمد دهلي جي سلطنت کان آجو ٿي خود مختيار حاڪم سڏائڻ لڳو. 1719ع ۾ سنڌ جو هي ڏاهو، ديندار ۽ عالم بادشاھ تخت نشين ٿيو. دهلي دربار مان کيس “خدايار” جو لقب مليو. 1730ع ۾ قلات جي بروهي حڪمران کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي دهلي درٻار مان “ثابت جنگ” جو خطاب حاصل ڪيائين. هن 1737ع ۾ مغلن کان ٺٽو صوبو به حاصل ڪيائين. هي ارغونن کان پوءِ سنڌ جو پهريون حڪمران هو. جنهن سنڌ کي وحدت ۾ آڻي حڪومت ڪئي ـFaqeer Muhammad Juman Jatoi
لغاري قبيلن جي فقير قبيلي جو سڌو واسطو ميان نور محمد ڪلهوڙي سان هو، هي پڪا ۽ پختا مريد هئا، جيئن ته ميان نور محمد جا وڏا اوڍاڻي تائين فقيري ۾ ڪافي ڪرامت جا مالڪ هئا. هنن فقيرن جو به انهن سان اٿڻ ويهڻ هجڻ ڪري پاڻ به ڪجھ ڪرامت جا مالڪ ٿي ويا. فقير تمام بهادر ۽ مضبوط هئا. جڏهين نادر شاھ 1739ع ۾ مغل بادشاھ محمد شاھ تي ڪاھ ڪئي ۽ سندس سلطنت مان سنڌ جو پروانو لکرائي اوڏانهن وڃڻ جو خيال ڪيائين. انهي لاءِ هن اتي سنڌ طرفان رهندڙ سفير مير قبارو خان کان سنڌ جي حقيقت پڇيائين ته هن چيس ته ميان نور محمد سان لڙائي ڪرڻ تمام مشڪل ڳالھ آهي. سڀئي سنڌي تلوار هڻڻ ڄاڻن ۽ لڙائي جا ڳولائو آهن. ائين چئجي ته اصيل نانگ آهن. هنن ۾ هاٿي جهڙي قوت آهي. سندن جسم چيتي جهڙا آهن. سڀني جي هٿن ۾ گرز ۽ تلوارون آهن. هو ڪنهن به لشڪر کان نٿا ڊڄن. ڏاڍا بيباڪ آهن. جيڪڏهن انهن جو سالار جوش ۾ اچي ته جيڪر پهاڙ جي دل مان دونهون ڪڍي ڇڏي. نيٺ 1740ع ۾ نادر شاھ سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ ميان صاحب جا ٽي پٽ يرغمال بڻائي ايران ۾ قيد ڪيا. 1750ع ايراني حملن کان بچاءُ لاءِ ميان جان محمد ڏاهري کان هڪ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري ”محمد آباد“ جو شهر ٻڌائي ان کي تخت گاھ بنايو. هتان چار سال سنڌ جي معاملن جا فيصلا ٿيندا رهيا، وري سال 1753ع ۾احمد شاھ ابدالي سنڌ تي ڪاھ ڪئي. ميان صاحب جيسلمير ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. سندس وصيعت موجب سندس جنازو جيسلمير مان آڻي هت دفن ڪيو ويو. پوءِ هي شهر ڦٽي ويو ۽ تخت گاھ مان ڦري قبرستان بنجي ويو. ان وقت جي ٺهيل مسجد شريف ۽ مسافر خاني جا آثار اڃان تائين محفوظ آهن. ميان نور محمد جو مقبرو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي 1765ع ڌاري ٺهرايو. ميان نور محمد جي قبي اندر سندس پوٽو ميان علي مردان ولد ميان محمد مراد پڻ مدفون آهن. ميان نور محمد جي مقبري جي ٻاهر اتر پاسي ميان فصل علي ولد ميان محمد خان جيڪو سندس ڀائيٽو ۽ ڏکڻ پاسي سندس پٽ ميان خداداد مدفون آهن. سندس مقبري جي سامهون سندس عهد جي مشهور وزيراعظم راڄر ليکو جو مقبرو آهي. راڄو ليکي ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ به زنده رهيو. جڏهن سن 1772ع ۾ ميان سرفراز خان تخت تي ويٺو ته هن پنهنجي ٻن جرنيلن ۾ مير بهرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي سازش ڪري مارائي ڇڏيو، تنهن تي مير فتح علي خان جيڪو بلوچن جو چڱو مڙس هو ميان سرفراز تي ڪاھ ڪئي ۽ کيس ڀڄائي ڇڏيو. انهي ڪري ڪلهوڙن جا امير ڊڄي ويا ۽ سندن پاسو ڇڏي ميرن جو پاسو ورتائون. خود راڄو ليکي جيڪو خود ميان نور محمد جي وقت وزيراعظم هو اهو به ميرن جي پاسي ٿي ويو. پر وري جلدئي ميرن کي ڇڏي ڪلهوڙن جي مدد ڪئي ۽ حيدرآباد جو قلعو ورتائون، وري جڏهن مير بجار خان آيو تڏهن راڄو ليکي ڊپ مان بيمار ٿي پيو ڪي چون ٿا ته هن پاڻ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. ميان نور محمد واري قبرستان ۾ ٻيا به ڪيترائي مقبرا آهن. سندس احاطي ۾ ميان رشيد خان، ميان ٻائي خان ۽ ميان غلام علي ڪلهوڙي جا قبا آهن. ميان جي قبي جي سامهون خاص اميرن ۽ فقيرن جا مقبرا آهن. جن مان ٻن ڀائرن آڍي خان ۽ ٻڍي خان فقيرن جون مزارون آهن. اهي ٻئي ذات جا زرداري هئا. جيڪي ميان عبدالغني جي دور ۾ اهم عهدن تي هئا. انهن کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي قبرون فقيرن ۽ مجاورن جون آهن جن مان سلطان خان، ٻارو خان به شامل آهن ـ
اسان جي لغاري فقيرن جون قبرون ميان نور محمد جي مقبري جي بيروني دروازي جي سامهون اوڀر طرف آهن. هن وقت انهن جي چوڌاري کبڙن جون جهاڙيون آهن. جنهن ڪري اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪيتريون آهن پر اسان کي پنهنجن وڏڙن کان معلوم ٿيو آهي ته اهي ڪافي تعداد ۾ ميان جي لغاري فقيرن جون آهن. انهن مان ڪن جا نالا ڏجن ٿا. موندر فقير، عيسن شهيد، سوڍل فقير، شادمن فقير، جڙيو فقير، علي بخش، زوجه جڙيو فقير، زوجه سوڍل فقير، زوجه حاصل فقير ۽ ٻيون نامعلوم قبرون موجود آهن ـ

Leave a comment