عيسن شهيد

فقير گهراڻي مان هڪ فقير “عيسن” نالي ٿي گذريو آهي. عيسن فقير موندر جو پٽ هو. ان جي باري ۾ مشهور آهي ته عيسن شهيد ڄمڻ کان پوءِ پينگهي مان گم ٿي ويندو هو، وري ڪجھ وقت کانپوءِ پينگهي ۾ نظر ايندو هو. وڏي ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن جوڳين سان ڪڏهن کدڙن فقيرن سان ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ ڪيترو عرصو گهر کان غائب رهيو. جڏهن سندس عمر تقريبا 35 کان 40 سالن کن جي ٿي ۽ ڏاڙهي ۾ ڪجھ اڇا به پئجي ويا هئس ته پوءِ واپس گهر موٽي آيو. عيسن شهيد اڃان شادي ڪونه ڪئي هئي. هڪ ڏينهن ماءُ کي چيائين ته پاسي ۾ هڪ عورت جو ويم ٿي رهيو آهي، اوهان اتي هلو. سندس ماءُ اتي ويئي ٻار ڄائو. هن ٻار کي صاف ڪري ڪپڙي جو هٿ کن ڦاڙي ٻار کي ويڙهي سُمهاريو، آهسته آهسته انهي مائي کي چويھ ٻار ڄمي چڪا ۽ رکيل ڪپڙي جو تاڪيو پڻ ختم ٿي ويو. اتي شهيد جي ماءُ ڪلمو پاڪ پڙهيو. ان تي ويامندڙ مائي دانهن ڪئي ته چار ٻار اڃان به ڄڻيان ها پر هاڻي ڪونه ڄمندا بس ڪيم. پوءِ ويامندڙ مائي عيسن شهيد جي ماءَ کي اتي بيٺل ڄار (کبڙ) جا پن روڙي ڏنا ته هي معاوضو کنيو وڃ. عيسن جي ماءَ اها ڳنڍ ٻڌي گهر کڻي آئي. صبح جو اٿڻ تي کوليائين ته پنن بدران چاندي جا سڪا نظر آيا، انهيءَ ڳالھ تي اعتبار ڪرڻ يا نه ڪرڻ قارئين تي منحصر آهي پر اها حقيقت اسان کي اسان جي وڏن پشت به پشت ٻڌائي آهي ۽ ايترو يقين آهي ته هي فقير بلڪل الله وارو ۽ پهتل شخص هو. جيڪڏهن ٻين درويشن جون ڪرامتون اعتبار جوڳيون آهن ته هن تي يقين نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي ـ
فقير جي باري ۾ ٻي به هڪ مشهور حقيقت آهي ته ڪنهن غريب مال چاريندڙ جو ڌڻ ڳوٺ جي ڀرسان ڪنهن آباد زمين ۾ وڃي پيو. اها زمين پنهور ذات جي برادري وارن جي هئي. پنهورن ڇا ڪيو جو مال ڪاهي ڍڪ تي وڃڻ لڳا. مال جا مالڪ انهن جي پويان ويا ۽ مال واپس ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون پر پنهورن مال واپس نه ڪيو. جنهن ڪري هي موٽي آيا ۽ اچي عيسن فقير کي چيو ته تون درويش آهين تنهنجو چوڻ هلندو ۽ تون اسان کي مال ڇڏائي ڏي. عيسن چيو ته مان غريب آهيان ۽ هو منهنجي چوڻ سان مال ڪونه ڏيندا. مال جي مالڪن عيسن کي الله جا واسطا وڌا ته خدا جي نالي اسان سان گڏجي هل ۽ اسان کي مال واپس وٺي ڏي. عيسن وراڻيو ته اوهان الله جو نالو وڌو آهي تنهنڪري مان انڪار ڪونه ٿو ڪريان. الله جي نالي تي سر گهوريو ته صدقي. عيسن فقير مال جي مالڪن سان گڏجي پنهورن وٽ ويو ۽ انهن کي منٿون ڪيائين ۽ الله جا واسطا وڌائين پر هو پڙ ڪڍي بيٺا تنهن تي فقير کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ مال جي اڳيان اچي بيهي رهيو، چيائين ته مان پنهنجي جيئري مال ڍڪ ڏانهن وڃڻ ڪونه ڏيندس، پنهورن هن تي ڪهاڙين جا وار ڪيا ۽ کيس ماري وڌو.ائين الله جي نالي تي شهيد ٿي ويو. فقير مرڻ وقت وصيعت ڪئي ته مان الله جي نالي تي ماريو ويو آهيان تنهنڪري منهنجو بدلو يا وير نه وٺجو، جڏهن عيسن شهيد جي مرڻ جي خبر سندس عزيز ميوو فقير کي پيئي ته هو چاڪر ڪوٽ مان جتي هُو رهندو هو، اتان لغارين جو وڏو لشڪر وٺي پنهورن جي ڳوٺ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ روانو ٿيو، رستي ۾ هن لشڪر کي هڪ نانگ مليو جيڪو ڦڻ ڪڍي ميوو خان کي وڙهڻ لاءِ اڀو ٿي ويو. ميوو خان ان جي مارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر جئين هو نانگ کي لٺ هڻي ته نانگ گم ٿيو وڃي ۽ لٺ وڃي پَٽَ سان لڳي. اهو واقعو هن سان وري وري ٿيو. انهي تي ميوو خان کي فقير جي وصيعت ياد اچي ويئي. جنهن چيو هو ته منهنجو پلاند نه وٺجو ۽ انهيءَ لاءِ فقير نانگ جي صورت ۾ بدلي وٺڻ کان روڪڻ لاءِ هر هر اڳيان پئي آيو. آخر ڪار ميوو خان پنهنجي ماڻهن کي واپس ڪيو ۽ چيائين ته فقير بدلو وٺڻ نٿو چاهي تنهنڪري اهو خيال لاهي ڇڏيو. پوءِ پنهورن کي معاف ڪري ڇڏيائين. عيسن فقير شهيد کي ميان نور محمد جي قبن واري قبرستان ۾ دفنايو ويو جتي ٻيا به فقير دفن آهن. سندن قبرون اڃان تائين ظاهر آهن ـ

Leave a comment