ڳوٺ لغاري بجراڻي جي سماجي زندگي (ب) ـ

ڳوٺ جي قبرستان ۾ نور شاھ سيد جو مقبرو ٺهيل هو. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن ميلو به لڳايو ويندو هو. جنهن ۾ ملاکڙي جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. 1947ع کان اڳ اسان جي يادگيري ۾ ٻه ٽي ميلا لڳا هئا ۽ پوءِ به شايد ٻه ٽي دفعا لڳو هو. پر ماضي قريب ۾ ڪوبه ميلو نه لڳو. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ڀرسان ڳوٺ گچيرو پراڻو ۾ هندن جي وقت ۾ شِوِ مهاراج جو ميلو لڳندو هو. اهو ميلو اتي جا هندو ڪرائيندا هئا. ميلي ۾ ڀڳت جو خاص انتظام ڪيو ويندو هو. وڏا وڏا ناميارا هندو ڀڳت هن ميلي ۾ ڳائي وڄائي ويا جن مان ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت، جاڙو ڀڳت پنهنجي ساٿين سميت قابل ذڪر آهن. هاڻي اُهي جايون ۽ بلڪل کنڊرات ۽ دڙا ٿي ويا آهن، چوندا آهن ته اوطاقون ڳوٺ جو سينگار هونديون آهن ۽ چلم يا حقو وري اوطاق جو سينگار آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ اوطاقون ۽ داريا جام هوندا هئا. اوائل ۾ شادمن فقير جو داريو هوندو هو جتي پري پري جا ماڻهو فقير سان ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان کان پوءِ اهو وداريو سندس پٽن، پوٽن کان ٿيندو سندس پڙ پوٽي غلام حسين فقير تائين هلندو آيو. پوءِ غلام حسين جي لڏي وڃڻ کانپوءِ اهو داريو ڦٽي ويو ۽ اتي جهنگ ٿي ويو. ماضي قريب ۾ هيٺ بيان ڪيل اوطاقون موجود هيون ۽ وسندڙ هيون پنهل خان جي اوطاق، قادر بخش جي اوطاق، صاحب فقير جو داريو، سليمان جي اوطاق، يار محمد جي اوطاق، مڱڻ خان جي اوطاق، حسن ۽ خانڻ سهراباڻي جي اوطاق، خدا بخش جي ڳوٺ واري اوطاق، مٺي فقير جو اوتارو، وچ بازار ۾ تاري مل هندو جي بيٺڪ، مٺي موچي جو گهر ۽ دڪان جنهن ۾ پڻ مارڪو ٿيندو هو. رات جو هر ڪو ماڻهو ساڳ يا دال سان ماني کائي مٿان کير جو وٽو پي ڏڪارون ڏيندو گهر مان نڪرندو هو سندس گهر جي ڀرسان ڪنهن اوطاق ۾ پوءِ اتي حُقي جي وزم لاءِ وڃي پاسو وٺندو هو، حقي جي چوڌاري ويٺل ماڻهو واري واري سان ڍُڙڪو ڀري وري نڙ ڀر واري کي ڏيندا هئا. ائين حقي جو نڙ پيو ڦرندو هو ۽ ڪچهري پئي ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن حقي جي نڙ کي عام رواجي وقت کان وڌيڪ وقت ورتو ته ان کي “پڪي ٽيشن” چوندا هئا. ڪي خاص ماڻهو پڪپو ٽيشنون هوندا هئا. يعني گهڻو وقت نڙ جهلي حقو ڇڪيندا هئا، ڪچهري جي دوران ڀر پاسي جون خبرون چارون، چرچا ڀوڳ، ٽوٽڪا، ڪهاڻيون وغيره مطلب ته محفل متل هوندي هئي. سياري جي موسم ۾ وچ ۾ باھ جو مچ به پيو ٻرندو هو. چوڌاري ڪچهري جا ڪوڏيا مچ جا مور پيا ٽڙندا ۽ ٽلندا هئا. انگريزن جو دور هو. شينهن ٻڪري گڏ کائيندا هئا. سستائي جو زمانو ماڻهو قنائت پسند ۽ سادا هئا. انهي ڪري اهو دور “سونهري دور” ڪري چئجي ته وڌاءُ ڪونهي، ڪن ڪن اوطاقن ۾ جيڪي گهرن کان ٿورو ڀرڀرو هونديون هيون ته اتي راڳ روپ جي محل به ٿيندي هئي. جتي پنهنجي شهر لغاري بجراڻي ڳوٺ جا ڳائڻ جا شوقين ڪافيون ٻڌائيندا هئا. ڪافي ٺاهڻ وارا به پاڻ ۽ ڳائڻ وارا به پاڻ، اسان جي ڳوٺ ۾ نظر حسين عرف نظر سٺو شاعر هو، سندس ڪلام پڪو ۽ طنزيه هوندو هو. ڪي صوفياڻه ۽ نصيحت ڀريا ڪلام به چيائين هو ويچارو پاڻ اڻ پڙهيل هو پر ڪافي ٺاهڻ تي عبور حاصل هوس ويٺي ويٺي ڪافي ٺاهي ويندو هو ۽ اتي جو اتي محفل ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو . ڪيتريون ڪافيون قدرت جي رنگ ۽ سونهن بابت چيل اٿس، نظر حسين تمام خوش مزاج صاف گو ۽ حاضر جواب ماڻهو هو. نظر حسين جا هم عصر ياد حسين عرف يادو ۽ شيرل به حاضر جوابي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. جتي انهن ٽنهي مان ڪوبه هڪ هوندو هو ته محفل گرم هوندي هئي ـ
هندن جي وقت ۾ هندن جون الڳ بيٺڪون ۽ چوپاره هوندا هئا. جتي گهڻو ڪري رڳو هندو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئا. انهن وٽ به چلم جو رواج عام هو. هنن جون چلمون تمام ڀليون ۽ عجيب هونديون هيون. چلم تمام وڏي ۽ ان سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 6 فوٽ کن نڙ، نڙ جي چوڌاري سٺو ڪپڙو ويڙهيل ۽ موتي جڙيل، نڙ جي مٿان ڪپڙو اهڙي طرح ويڙهيل هوندو هو جو ڪٿان به ڦاٽي نڪرڻ جو انديشو نه هجي ڪپڙو انهي لاءِ ويڙهيو ويندو هو جو چلم جو نڙ هميشه ٿڌو رهي. نڙ جي مٿان وقت به وقت پاڻي ڏيندا ويندا هئا. جيئن چلم جي ڦوڪ هميشه ٿڌي رهي. چلم جي هيٺين حصي ۽ مٿئين حصي جي وچ ۾ بلور يا ڇڌا لڳل هوندا هئا. جيئن اڄڪلھ بيرنگ ڪم ڪن ٿا. چلم جو هيٺيون حصو هميشه جامد هوندو هو ۽ مٿئين حصي کي ڦيرائڻ لاءِ رڳو نڙ جو هلڪو اشارو ڏيڻو پوندو هو ته چلم جو مٿيون يعني نڙ وارو حصو ڦري ڇڪڻ واري جي طرف ٿي ويندو هو. چلم جي مٿئين حصي ۾ اڇي رنگ جا لاٽون جڙيل هوندا هئا. جيئن نڙ وسيلي کيس ڦيرائڻ ۾ سهولت ٿئي. سڀني هندن کان وڌيڪ پئسي ۽ پهچ وارو تارومل ۽ سندس ڀاءُ هريمل هوندا هئا. کين هڪ وڏو دڪان به هوندو هو جتي ڪپڙن سميت هر قسم جون گهرو استعمال جون شيون، کاڌي پيتي جو سامان وغيره هميشه موجود هوندو هو. وياج تي قرض به ڏيندا هئا. سندن زمينون ڳوٺ جي پڪي واري ايراضي ۾ هونديون هيون. ڳوٺ جا غريب هاري اڪثر ڪري هندن کان قرض کڻندا هئا پوءِ قرض تي وياج وڌندو ويندو هو تان جو نوبت اتي وڃي پهچندي هئي جو ويچارا غريب قرض ۾ زمين به گروي ڪري هندن کي ڏيندا هئا. ڪي گروي ٿيل زمين پئسا ادا ڪري واپس وٺندا هئا ته ڪي اها گروي ٿيل زمين وڪرو ڪري ڇڏيندا هئا 
ـ

Leave a comment