ڳوٺ لغاري بجراڻي جون يادون (الف) ـ

Village Photoڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقو مورو ضلع نوشهرو فيروز ۾ واقع آهي. اٽڪل 500 يا 600 سال اڳ جو ٻڌايل آهي، ٿي سگهي ٿو ته لغارين جي اچڻ کان اڳ به ڪنهن ٻئي نالي ۾ هو پر جيئن ته نالي مان ظاهر آهي ته لغاري ذات جي بجراڻي قبيلي جو ٻڌايل ڳوٺ آهي. ڳوٺ جي صورت حال مان معلوم ٿيندو ته هندو آبادي شهر جي وچ ۾ هئي ۽ ننڍڙي بازار جا ٻئي حصا پڻ هندن جي گهرن جي سامهون هئا ۽ دڪاندار به اهُي ئي هندو هئا، بازار جي وچ ۾ کوھ هندن جو هو. جنهن جي ڀرسان وهنجڻ جي جاءِ به هئي، گهڻو ڪري اهو کوھ هندن جي استعمال ۾ ايندو هو. انهي هندو آبادي جي چئني پاسي مسلمانن جا گهر هئا، جيڪي گهڻو ڪري لغاري ذات جا هئا، ٻيون ذاتون به جهڙوڪ: هُليا، ڪاسائي، لانگاھ، ميراثي ۽ ڪوري وغيره هئا، جيڪي اڃا به پاسيرا هئا. جيڪڏهن اهو شهر لغارين جي اچڻ کان اڳ موجود هو جيئن نقشي مان ظاهر آهي ته لازمي سندس نالو ٻيو هوندو، لغاري بجراڻي تڏهن ٿيو: جڏهن لغاري اچي اتي آباد ٿيا. ڪن روايتن موجب اها زمين سيٺ نائون مل هندو جي جاگير هئي ۽ جڏهن خيروديرو جي ڀرسان درياھ پائڻ لڳي ته اتي جي هندن لڏي اچي انهي زمين تي گهر جوڙيا، کوھ کوٽايائون ۽ خيروديرو ڇڏي هنن نائون مل جي جاگير جي هڪ حصي تي شهر ٻڌو. هندن مان ڪن کي پنهنجي زمين هئي ۽ ڪي هندو آبادگار هئا ۽ ڪن جو ڪاروبار واپار سان هوندو هو. هنن جا دڪان ڳوٺ کان علاوه ٻين شهرن ۾ به هوندا هئا. هن ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ٻگهيا، ميمڻ، مهر ۽ ماڇي وغيره پڻ آباد هئا. شهر گچيرو ان وقت هڪ سٺو شهر هو. جيڪو هڪ وڏي دڙي تي اڏيل آهي ۽ اهو قديم شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري وڏيون وڏيون کڏون آهن جن مان ڪيترين کڏن ۾ ٻارنهن ئي مهينا پاڻي هوندو آهي. ان زماني ۾ خيروديرو پڻ آباد هو. نائون مل جي ڪيٽي درياه جي پائڻ سبب سرڪاري زمين ٿي وئي. ڪن سالن کان پوءِ ڪيٽي واري زمين تان درياھ ڇڏي ويو ۽ زمين ظاهر ٿي. جڏهن اها ايراضي هڪ جهنگ جي صورت ۾ بيڪار ڏٺي ته ڪي لغاري باگو خان جي سربراهي ۾ اچي ڪيٽي تي قبضو ڪيو. هندن کان سواءِ ٻين پاڙيوارن زميندارن هنن جي سخت مخالفت ڪئي پر جيئن ته باگي خان جا تعلقات ان وقت جي حڪمران طبقي سان هئا، هن احمد خان ۽ بجر خان جي مدد سان اتي اچي ديرو ڄمايو. ڪجھ وقت ۾ ٻيا به لغاري جيڪي ضلع دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ هئا جهڙوڪ: مهراب خان ، مڱڻ خان، ميرڻ خان ۽ سهراب خان اتي آيا ۽ هندن جي نئين آبادي جي چوڌاري گهر جوڙي اچي ويٺا. انهي وچ ۾ باگو خان مير ٺاري خان جي طرفان دشمنن سان وڙهندي مارجي ويو. لغاري پاڻ ايتري قدر يڪ مشت ٿي ويا جو پاڙيوارن زميندارن جي سخت مخالفت باوجود ڪيٽي مان هٿ نه ڪڍيائون. سندن مدد ان وقت جي حڪمرانن ۽ نواب ولي محمد لغاري ڪئي ـ
درياھ بادشاھ جيڪڏهن لغاري بجراڻي شهر پائي ختم نه ڪري ها ته شايد اڄ ان جي يادگيري ۾ لکڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها ۽ نه وري ڳوٺ جي نئين سر آباد ٿيڻ بابت ڪنهن کي ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت پيش اچي ها. ڇهن يا ستن صدين کان ڳوٺ جي آباد ٿيڻ کانپوءِ جئين وقت گذرندو پئي آيو. تيئن هاڻي به گذرندو وڃي ها. درياھ بادشاھ اسان کي هنج ۾ نپايو ۽ وڏو ڪيو پنهنجي جئيءُ ۾ جاءِ ڏني. لغارين جو درياھ جي پيٽ ۾ سر جڻ کان ڄمڻ، درياھ جو مٺو پاڻي ماءُ جي ٿڃ وانگر پيئڻ ۽ وڏو ٿيڻ، اهو سڀ زماني جي گهرين نظرن ۾ هو. قدرت واري کي اها سڀ ڄاڻ هئي. هر ڪنهن وجود کي فنا آهي. ڪيترا شهر آباد ٿيا ڪيترائي ڦٽي دڙا ٿي ويا ۽ ڪيترا شهر صدين کان پنهنجو وجود قائم رکيو اچن. شايد انهن جو وجود قيامت تائين رهي. اسان جي ڳوٺ جي عمر بلڪل ٿوري هئي. ائين کڻي چئجي ته هو معصوم هو، هر گناھ ۽ ثواب کان پاڪ. هن اڃان دنيا ۾ ڏٺو ئي ڇا هو؟ نه رستو، نه اسپتال، نه بجلي، نه ٽيليفون، نه پاڻي، نه گئس ڪجھ به ته نه ڏٺو هئائين. جيئن ماءُ جي پيٽ مان نڪتو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجن رهڻ وارن کي ڏيکاري ۽ ان جون يادگيريون ڇڏي فنا ٿي ويو. پر سندس رهڻ وارا اڃان به زنده آهن. ڪي رهڻ وارا همت هاري ويٺا ۽ اها جوءِ ڇڏي ويا. ڪنهن کي پنهنجي ماءُ جي هنج پياري نه آهي؟ ڪنهن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت نه آهي؟ ڪنهن کي اهي يادگيريون وسرنديون؟ ٻار ڄمندو آهي ته پهريائين کيس پنهنجي ماءُ جي هنج سان محبت هوندي آهي. پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ مخصوص خوشبو هوندي آهي. سندس هنج ۾ ڪيڏو نه سڪون ۽ سُرور محسوس ڪندو آهي. جيڪڏهن معصوم اٻوجھ ٻار کي ڪنهن ٻي ماءُ جي هنج ۾ ڏبو ته ان کي اتي آرام نه ملندو آهي. کيس ڪنهن ٻي ماءُ جي هنج ۾ اها خوشبو نه ملندي ۽ اهو قرار نه ايندس. بلڪل اهڙي طرح اسين جيڪي پنهنجي ماءُ جي هنج يعني پنهنجي ڳوٺ کان وڇڙي ويا آهيون تن کي اها خوشبو بلڪل ياد آهي. بهار جي موسم ۾ ٽڙندڙ سرنهن جي ڦولار زمين تي چڻن ۽ مٽرن جي پوک ۽ ڪڻڪ جي فصل جي وڇايل سائي چادر، اُهي مسحورڪُن نظارا تصور ۾ سدائين زندھ رهندا. انهي موسم جي خوشبو بلڪل نرالي آهي. گرمي جي موسم ۾ درياھ جي اٿل سبب ڀريل ڍورا ۽ ڍنڍون ۽ انهن ۾ وهنجندڙ ٻارن جو گوڙ، ڇنڊڻ ۽ ڇٻاڪن جو آواز اڃان تائين ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. درياھ جي لهڻ کان پوءِ زمين تي تازي ڄاول ڇٻر ۽ آلاڻ جي خوشبو پڻ اڃان تائين دماغ ۾ رچيل آهي. اسانکي پنهنجي ڳوٺ جون گهٽيون، گهر، اوطاقون، وٿاڻ، رستا ۽ ميدان بلڪل ياد آهن ۽ انهن جو تصور لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ ياد بيتاب ڪندڙ آهي. بيشڪ انهيءَ وقت اسان جا گهر، اسان جون اوطاقون، درياه بادشاھ پنهنجي وڏي پيٽ ۾ ڳڙڪائنيدو پئي ويو. تڏهن اسان کي رئنوشو پئي لڳو ۽ اها آنڌمانڌ ڪانه هئي ته هن ڳوٺ جي مٽجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهو تماشو بيهي ڏسڻ وارن ۾ آءُ به هوس پر مان سمجهان ٿو ته اهو سوال ته هن کان پوءِ ڇا ٿيندو مون کان سواءِ ٻين باشندن جي دل ۾ به ضرور پيدا ٿيو هوندو. پر حال مستقبل تي حاوي هو ـ


پري کان ڪنڌي تي ڪرندي ڪجھ ڏٺام
ڪي ٻڏا ڪي وهي هليا ڇپر تيز تمام
نهاريندي شاھ ڏي اکيون نم ٿيام
مهراڻ جي موجن جي اڳ نه اهڙي هيام
خبر تڏهن پيام، نجات نظر نه اچي ـ
******
مهراڻ جي موجن جي اڳ نه اهڙي ڄاڻ
ڪٽي ڪپرن کي ويو نه گهر ڇڏيو نه ڀاڻ
قياس نه ڪيائين مارن تي کوٽي ڪيائين کاڻ
ڏسندا رهيا گهر ڌڻي موجن جو مانڌاڻ
راضي پنهنجو پاڻ، ڪيو درياھ شاھ دادلي ـ


درياھ بادشاھ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هو، سندس گجگوڙ ميل کن پنڌ تان به ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، درياھ پار وارو ڪنارو ڇڏي ڏنو هو. شايد پار وارن سان سازباز ٿي ويو، اتي سندس وهڪرو نه هئڻ جي برابر هو. انهي سبب ڪري اتي واريءَ جا ڍير تحفي طور ڏيندو ويو. اتي به اسان لغارين جي جوءِ هئي. اتي به اسان جي مارن مال چاريا هئا، اتي به مٽر پوکي لوڙهيا هئا ۽ اتي ئي ڳاھ ٻڌي اَن صاف ڪري کڻي آيا هئا، پر هاڻي اتي صحرا جي ڀٽن وانگر واريءَ جا دڙا ٿي ويا هئا. آباد زمينون جيڪي درياه پائي وري ڪڍيون آهن، انهن ۾ ڪابه آبادي جي اميد نه هئي تان جو مهراڻ وري مهر ڪري اتي لٽ وجهي ۽ واري دٻجي وڃي. هن ڪپر جو به ساڳيو حال ڪرڻ وارو هو ۽ پائڻ شروع ڪري ڏنو هئائين. پڪين جاين کي هيٺان پائي کين اونڌهي منهن ڪيرائي ڇڏيائين. کوھ پنهنجي چڪ سميت ائين پٽي اڇلايو جو هيٺيون پاسو مٿي ۽ مٿيون پاسو منهن ڀر تي ڪيرايائين ۽ سڄو ٻڌل کوھ چڪ سميت درياھ جي تر ۾ وڃي پهتو. درياھ بادشاھ ته اوڳرائي به ڪانه ڏني، چند بوڙ يا نڪتا ۽ پوءِ ساڳي ماٺ. وري ڪنهن ٻئي اڱڻ جو وارو ائين سڄو ڳوٺ درياھ جي پيٽ ۾ هليو ويو. وڏي ڳوٺ جي پائي وڃڻ کان پوءِ نور شاھ بادشاھ جي مزار جو وارو آيو. ڇاڪاڻ ته اها قبرستان جي اتر اولھ جي پاسي هڪ ڪنڊ ۾ هئي، ٻين قبرن جي پائڻ جي اجازت پئي ورتائين، ائين ئي قبرون پائيندو رهيو. قبرن مان هڏيون نڪري پاڻي ۾ ترنديون نظر آيون. ڪن جون کوپريون ڪنهن ٻئي ڍائچي سان يا ڪن جون پاسيريون ڪنهن ٻئي جي گوڏن سان ملنديون ۽ ڌار ٿيندي پئي نظر آيون . ائين پئي معلوم ٿيو ته مرده به خوش ٿيا آهن. جو کين صدين کان پوءِ قبرن مان آزادي ملي آهي ۽ پاڻ ۾ گلي ملي رهيا آهن. درياھ بادشاھ سڄو قبرستان پائي مُردن کي سمنڊ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڳوٺ جي پائجي وڃڻ کان پوءِ ڪير اهڙو باشندو هوندو جيڪو ٿڌيون آهون ڪونه ڀريندو هوندو؟ اهو ڳوٺ جتي سڀ گڏ، جن جا گهر جنڊي سان جنڊو مليل، هڪ ٻئي کي سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ بلڪل ائين جيئن تسبيح جا داڻا هڪ ساڳي لڙهي ۾ پوتل هوندا آهن. هاڻي اُهي ڌار ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته تسبيح جو سڳو هوندو هو سو ٽٽي ويو آهي. هر هڪ گهر تسبيح جي داڻن وانگر ڌار تي ويو آهي. بلڪل ائين لغاري بجراڻي جي ڳوٺ جو گهر گهر لاءِ جئين تسبيح لاءِ سڳو هو سو ٽٽي پيو. هر ڪو گهر تسبيح جي داڻي وانگر ڌار ٿي ويو. هر ڪنهن باشندي کي ڪونه ڪو زمين جو ٽڪر جيڪو درياھ جي پائجڻ کان بچي ويو هو پنهنجو رهيل کيل سامان کڻي هليو ويو ۽ وڃي پنهنجي پنهنجي زمين تي خيما کڙيا. بلڪل ڌار ڌار ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان کين ڪابه مدد نه ملي. خدانخواسته ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر ۾ ڪو اهڙو قدرتي حادثو جهڙوڪ ڌرتي جو ڌٻڻ، باھ لڳڻ يا فسادن ۾ ڪي ماڻهو متاثر ٿين ٿا ته ڪروڙين جون امدادون کين ملي وڃن ٿيون، پر هي مسڪين ماروئڙا ڄڻ ڪنهن ٻئي ديس جا هئا. ساڻن همدردي ڪرڻ به ڪير ڪونه آيو. اڳ ۾ لغاري بجراڻي جيڪو هڪ هنڌ گهر ۾ گهر گڏيل، گهٽيون گڏيل، ٻاهران اوطاقون، سو هاڻي ميلن ۾ پکڙجي ويو آهي، هر ڪنهن پاڙي جي وچ ۾ اڌ يا مُني ميل جو مفاصلو ٿي ويو آهي. هاڻي ڪير به ڪنهن جو سڏ ڪونه ٿو ٻڌي، ڪير ڪنهن کي آئي ويل ۾ مدد ڪونه ٿو ڪري سگهي، ڪير به ڪنهن ٻئي جي اوطاق ۾ وڃي رهاڻ نٿو ڪري، ڪٿي به اُهي محفلون ۽ رئونشا ڪونهن. درياھ بادشاھ انهيءَ خطي جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. بلڪ هن ته خطي جي ماڻهن جو مزاج به مٽائي ڇڏيو آهي. ڳوٺ جا پراڻا ۽ عمر وارا ماڻهو جن درياھ جي ڪاروائي ڏٺي ۽ سڀ ڪجھ ڊهندي ڏٺو. سي ناراض ٿي هي جهان ئي ڇڏي ويا، دل جو سور دل ۾ سانڍي پنهنجي اصلي ماڳ روانا ٿي ويا. درياھ جي دانهن ڪنهن کي ڏين، هينئر سندن دانهن ڪير ٻڌندو، جيئن ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ وڃي نٿو سگهي. تيئن اسان کي اسانجو ساڳيو ماڳ نٿو ملي سگهي. اهو سڀ درياھ توتي ڀائيندس پر “درياه توتي دانهن ڏيان ڪنهن کي” هاڻي اسان جا اصل ماڳ ته ويندا رهيا، ڪجھ وقت کانپوءِ نئون نسل پيدا ٿيندو، جن کي هن ڳوٺ بابت ۽ سندس رهڻ وارن جي اصليت، سندن هلت چلت، رسم و رواج، معاشي، معاشرتي، مذهبي ۽ سماجي زندگي بابت ڄاڻ نه رهي ته اهو ڪيڏو الميو هوندو، اسان جي بزرگن جيڪي ڪشالا ڪڍي محنتون ڪري هن نئين نسل کي ڪنهن ڪنڌي لاتو، اهو انهن جي محنت بهادري ۽ زندھ دلي کي وسارڻ اسان جي نالائقي ۽ احسان فراموشي ٿيندي ـ

Leave a comment