ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ آباد ٻيون ذاتيون

Village
ڪوري: هي ڪپڙو اُڻڻ جا ڪاريگر هئا، هنن جي رهائش ڳوٺ جي اتر طرف بلڪل ڇيڙي ۾ هئي. سندس نالو جمعو ڪوري هو ڪجھ وقت کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري حاجي علي محمد لغاري ۽ ٻين هن کي اتان لڏائي ڇڏيو. هي پوءِ گچيرو ۾ وڃي آباد ٿيو. سندس پٽ ولي محمد ڪجھ وقت اتي رهيو پوءِ اتان لڏي دادو هليو ويو، جتي سندس نياڻو محمد بخش رهائش پذير هو. ولي محمد گهڻو ڪري حجامت جو ڪم ڪندو هو. انهيءَ کان علاوه عرس ۽ سندس ڀائر نالي حسن ۽ مَسُو پڻ هتي آباد هئا. اهي ٽيئي ڀائر پنهل خان جي اوطاق جي سامهون رهندا هئا ۽ گهر جي ٻاهران ائٽ جوڙي گربي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا. هنن جو اٿڻ ويهڻ لغارين سان ڀائرن وانگر هوندو هو. کين ڪابه اوپرائي محسوس ڪانه ٿيندي هئي. حَسو ۽ مَسو ٻئي جانٺا جوان هوندا هئا ۽ ڳوٺ ۾ ٻلهاڙي راند ۾ به حصو وٺندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ هنن جي ڪاروبار کي ڪافي ڌڪ لڳو. جنهن ڪري هي گهراڻو به لغاري بجراڻي مان لڏي گچيرو وڃي آباد ٿيو ـ
هُليا: هي هڪ مارو طبقي جا ماڻهو هئا، جن وٽ مينهون، ڍڳيون ۽ ٻڪرين جي ڌڻن جا ڌڻ هوندا هئا، سندن مينهون سڄو ڏينهن ڀر واري ٻيلي ۾ چرنديون هيون ۽ اتي ئي ڀاڻ ٺهيل هوندا هئا، جتي ڏُهائي ڪري ولوڙي گيھ ڪندا هئا. دَٻن جا دٻا شهرن ڏانهن موڪليندا هئا. هنن جا گهر لغاري بجراڻي ڳوٺ جي انتهائي ڏکڻ واري پاسي ڏانهن هوندا هئا. هنن مان ميهر هُليو سڀني کان وڌيڪ مال وارو هوندو هو. هن جا ٻيا مائٽ هندن جي لڏپالڻ کان پوءِ موري شهر ۾ لڏي آيا ۽ بعد ۾ خبر ناهي ته ميهر پنهنجو ڌڻ ڪيڏانهن ڪاهي ويو. هُلين مان هڪ مُلو به هوندو هو انهيءَ جي مٺڙي آواز جي آذان ڏاڍي عمدي لڳندي هئي ـ
ڪاسائي: ڪاسائين جو پاڙو به ڳوٺ جي ڏکڻ طرف هوندو هو. هنن جو ڌنڌو به ڏاڍو سٺو هلندو هو. وٽن ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا ۽ ننڍو گوشت وڪرو ڪندا هئا. هندن جي وڃڻ کان پوءِ هي تقريبا بي روزگار ٿي پيا، انهن مان ڪي لڏي موري هليا آيا ۽ ڪي اڃا تائين هارپو ڪندا آهن ـ
حجم: اسانجي وڏي ڳوٺ بجراڻي جي اوڀر ۾ اٽڪل هڪ فرلانگ تي خدا بخش لغاري جو ڳوٺ ٻڌل آهي جتي خدا بخش لغاري ۽ سندس پويان رهندا هئا. جحم به انهيءَ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. اسان جي يادگيري ۾ ٽي ڀائر پاڻ ۾ هوندا هئا. هڪ جو نالو ڏاتن يا ڏاتر ڏنو ٻئي جو نالو جعفر ۽ ٽئي جو نالو صادق هئا. حجم گهڻو ڪري لغارين جا آهتي هئا يعني حجامت ڪرڻ وقت روڪ پئسا ڪونه وٺندا هئا، بلڪ فصل لهڻ کان پوءِ پنهنجو آهت جيڪو جنس جي صورت ۾ هوندو هو اُهو ئي وٺندا هئا. هر هڪ ديري تان پڄندي آهر هر هڪ هاري يا زميندار 5 يا 6 ٽويا ڀري ڏيندو هو. جيڪو خوشيءَ سان کڻي ويندا هئا. هر فصل جي موسم کان پوءِ کين ايترو ملي ويندو هو جو سال جي پورت به ٿيندو هو ۽ بچت اَنَ وڪڻي ڪنهن ٻي گهرج جي پورائي ڪندا هئا. حجم شادي مرادي ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪندا هئا، سڄي ڪاڄ جا انچارج کاڌي پيتي جي لحاظ کان حجم ئي هوندا هئا. کين پنهنجي راڄ جي خبر هوندي هئي ۽ اوتري ماني تيار ڪندا هئا. گهور وغيره مان کين ڪافي پئسا ملندا هئا. سال 1950ع ڌاري حجم به اسان جي ڳوٺ مان لڏي گچيرو وڃي رهيا ۽ اتان ئي دستور موجب پنهنجو راڄ سنڀاليندا پيا اچن. البت سندن پوين مان ڪي حجم ڌنڌي خاطر ٽڙي پکڙجي ويا آهن. پر سندن تعلق اڃان به ڳوٺ وارن سان آهي ـ
ڊکڻ: هي پاڻ کي سومرا ٿا سڏائين. هنن جا ٻه ٽي گهر ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ آباد هئا. آڳاٽي وقت ۾ يعني اٽڪل 70 سال اڳ ڳوٺ ۾ ڍورن ڍنڍن تي نار چاڙهي خريف جو فصل يعني جوئر يا ٻاجهري وغيره ڪاهيندا هئا. ڊکڻن جو خاص ڪم نار ٺاهڻ هوندو هو. ان زماني ۾ پاڻي ڇڪڻ لاءِ موٽر پمپ وغيره ڪونه هئا. پاڻي هيٺ ڍورن ڍنڍن مان نار وسيلي ڪڍي مٿي زمين کي پهچائيندا هئا. نار جا مختلف اوزار يا پرزا جهڙوڪ چڪرن جو جوڙو، جن مان هڪ ننڍي چڪر ۽ ٻي وڏي چڪر انهن کان علاوه لٺ، ڳاڌي، نيسر ۽ پاڙڇ وغيره به ڳوٺاڻا ڊکڻ ئي ٺاهيندا هئا. ان کان علاوه هر پاڃاري، کٽ، هندورو اُهي ئي ٺاهيندا هئا. انهي ڌنڌي ۾ اسان جي ڳوٺ جا ڪاريگر تمام هوشيار هوندا هئا. هنن جي مهماني، ڳُڙ جي بُسري ۽ پاءُ کن مکڻ يا گيھ لازمي هوندي هئي. جيڪا هو چاھ سان کائيندا هئا. هر هڪ نار گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو کائي ويندو هو. سخت پورهئي هئڻ جي ڪري کين اهڙي کاڌي کائڻ جي واقعي ضرورت هوندي هئي. نه ته عام ماڻهو اهڙي کاڌي کي هضم ڪري ئي نه سگهي. هنن ڊکڻن مان جيڪي آخر تائين يعني تقريبا سن 1955ع تائين ڳوٺ ۾ آباد هئا سي هي آهن: الھ رکيو، حاجي غلام محمد، حاجي علي گوهر ۽ ٻيا. هنن مان پويان ٻئي پاڻ ۾ ڀائر هئا، اهي ڊکڻ به اسان جي ڳوٺ مان لڏي گچيرو ۾ آيا ۽ بعد ۾ موري شهر ۾ اچي مستقل آباد ٿيا. حال ۾ سندن اولاد به موري ۾ آهي. ڊکڻ اسان جي ڳوٺ وارن جا آهتي هئا. فصل لهڻ بعد کين ايترو ڪجھ ملي ويندو هو جو سڄو سال آساني سان گذر سفر ڪندا هئا ـ
موچي: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ مٺو موچي رهندو هو، جيڪو ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ هو، چوندا هئا ته نوجواني ۾ هي تمام ڏنگو ماڻهو هوندو ۽ پنهنجي پيءُ کي تڪليف ڏيندو هو، کيس ان جي بد دعا هئي. جنهن ڪري سدائين سورن ۾ هوندو هو، جڏهن ڳوٺ ۾ ڪا شادي مرادي يا خيرات نياز وغيره ٿيندو هو ته جانورن جون کلون پاڻ گڏ ڪندو هو. جيڪي پنهنجو پاڻ سڪائي مصالحا ڏيئي استعمال جي قابل بنائيندو هو. “سنڌي جُتي” ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو، زنانيون جُتيون ٽنئور گل هوندا هئا، اُهي به هي ٺاهيندو هو، هن جي ماءُ دائپو ڪندي هئي. مٺي موچي کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. پڇاڙي جو هڪ غريب بنگالي عورت سان شادي ڪيائين. جڏهن بنگال ۾ سخت ڏڪار پيو هو ته اتي جا ماڻهو پنهنجيون ڇوڪريون وٺي اچي سنڌ ۾ وڪڻندا هئا. يا ڪي واپاري اتان ڇوڪريون خريد ڪري وڏي ملھ ۾ سنڌ اچي وڪرو ڪندا هئا. اڄ به ڪيتريون ئي بنگالي عورتون بنگله ديش مان وڪرو ٿي پاڪستان ۾ اچي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي سنڌين جي گهرن ۾ آباد آهن. مٺي موچي جي گهر ۾ گهڻي بيٺڪ هوندي هئي، سندس چلم سدائين تيار هوندي هئي. پاڻ نوٽڻ راند جو گهڻو شوقين هوندو هو. اتي منهنجو والد محترم ماستر ميوو خان جنهن جو کوھ هن جي گهر جي ڀرسان هوندو هو. اُهو به اچي وهندو هو. ان کان علاوه حاجي الله بخش پڻ انهي راند جو شوقين هوندو هو ۽ ڏاڍي سٺي ڪچهري مچندي هئي. مٺي موچي کان علاوه ڪجھ وقت لاءِ هڪ ٻيو موچي به اچي مٺي موچي جي گهر جي ڀرسان رهيو. هُو آڌي رات جو ائين الله جو ذڪر ڪندو هو، الله هو، الله هو جو آواز سڄي ڳوٺ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته هن وٽ ڪا جنڙي آهي ۽ هوش ۾ ڪونه ٿو رهي. جڏهن کيس صبح جو ڏسندا هئاسون ته پاڻ عام رواجي ڪم ۾ مشغول هوندو هو ۽ ظاهري طور ڪا به اهڙي علامت ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي جو ڀانجي ته هن ۾ ڪو حساب آهي. ڏسڻ ۾ هو بزرگ باريش بانماز پرهيزگار هوندو هو ـ
ميراثي يا مڱڻهار: هي به وڏي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ رهندا هئا. سندن ڪم ڌنڌي مطابق دُهل وڃائڻ هو. جڏهن ڪٿي به ڳوٺ ۾ شادي ٿيندي هئي ته هي شادي واري ماڻهو سان گڏجي شادي جو سڏ ڏيندا هئا. پوءِ انهيءَ شادي ۾ هفتو کن اڳ دهل وڃائيندا هئا. لڳاتار هفتو کن روزانو شام جو گهوٽيتن جي گهر جي در جي سامهون دهل وڃائي مراد وٺندا هئا. کين جنس جي صورت ۾ اناج پاڙيوارن وٽان ملندو هو. انهن مڱڻهارن مان ڪيترائي ماڻهو پوکي به ڪندا هئا ۽ پنهنجي زمين تي آبادي ڪندا هئا. ڳوٺ جي ڀرسان سندن کوھ هوندو هو. جتي ٻئي فصل کان علاوه ڀاڄي به پوکيندا هئا. هاڻي ميراثين جا سمورا گهر لڏي ڪي وڃي پڪي تي يعني بئراج علائقي ۾ آباد ٿيا آهن. ڪي پڙهي لکي ماستر، ڊاڪٽر يا ٻين نوڪرين ۾ لڳي ويا آهن. سندن اباڻو ڌنڌو گهڻو ڪري گهٽ ٿي ويو آهي. انهن مان پيارو فقير، محمد فقير ۽ غلام علي فقير قابل ذڪر آهن. هنن جا وڏا به نهايت شريف ۽ بردبار هئا ـ
لانگاھ: لانگاھ هندن جي لڏپلاڻ کان ستت ئي پوءِ بئراج علائقي ڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا. هنن جو ڌنڌو به کيتي ڪرڻ هوندو هو، هنن جو لغارين سان ڏاڍو سٺو ميل ميلاپ هوندو هو، ٻئي ذاتيون سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ هيون. لانگاهن مان هڪ ٻه ڄڻا ذاڪر به هئا. محمد اساماعيل لانگاھ سٺو ذاڪر ٿي گذريو ـ
کٽي ۽ ٻاليشاهي پڻ هن ڳوٺ ۾ رهندا هئا پر اُهي هندن جي لڏپلاڻ وقت لڏي هليا ويا. مطلب ته لغاري بجراڻي شهر هندن جي وقت تائين سٺو شهر هو. جنهن ۾ سنڌي اسڪول پڻ هو. جنهن ۾ هڪ هيڊ ماستر کان علاوه ٻه ٻيا نائب ماستر به هوندا هئا. هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ڳوٺ جو زوال شروع ٿيو حالانڪه آبادي پوءِ به چڱي خاصي هئي پر ڌنڌو واپار جيڪو 1947ع کان اڳ هو اهڙو وري ڪين ٿيو. هندن جي لڏڻ کان پوءِ ٻيا ڪمي ڪاسبي جهڙوڪ ڌوٻي، ڪوري، موچي، ڊکڻ، ڪاسائي ۽ هُليا وغيره سڀ آهسته آهسته لڏيندا ويا. انهن جي جاين تي سندن ڀر ۾ رهندڙ لغاري قبضو ڪندا ويا تان جو آخر ۾ صرف لغاري وڃي رهيا ـ

Leave a comment