ميوو فقير ۽ ان جا پويان

لغارين جو هڪ ٻيو وڏو قبيلو جنهن جو وڏو علي مراد فقير يا ٿي سگهي ٿو موندر نالي هو. کيس ٽي پٽ هئا. جن مان هڪ جو نالو سوڍل ٻئي جو ميوو ۽ ٽيون عيسن هو. سوڍل فقير ته اڳ ئي ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيو هو ۽ هن سان گڏ عيسن به هو. جيئن اڳي چيو ويو آهي ته عيسن پاڙيوارن زميندارن هٿان شهيد ٿي ويو . باقي ميوو اتي ئي ڪاڇي ۾ رهجي ويو. ميوو خان کي هڪ پٽ هو جنهن جو نالو ميان داد هو. ميان داد کي ٻه پٽ ٿيا جن مان هڪ جو نالو ميوو ۽ ٻئي جو نبي بخش هئا. ميوو خان جي شادي ڪمال خان لغاري جي ڌي ۽ ميرڻ خان ۽ عبدالله خان جي ڀيڻ سان ٿي، ميوو خان کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو اصل نالو ميان داد رکيو ويو، پر پيار مان کيس “ڏتل” ڪوٺڻ لڳا. ان زماني ۾ هن جا هم عصر عزيز ڳوٺ ڇڏي جيمس آباد ڏانهن هليا ويا هئا. سندس شادي مقصودي فقير جي نياڻي سان ٿي. جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا، جن مان هڪ پٽ ننڍي عمر ۾ ئي فوت ٿي ويو هو. پٽن جا نالا، ميوو خان (منهنجو والد) خان محمد ۽ حسين علي هئا ـ
ڏتل ڪاڇي ۾ رهندو هو. پر ٻيا لغاري شهر لغاري بجراڻي ۾ رهندا هئا ۽ ڪي لڏي جيمس آباد ڏانهن هليا ويا هئا. ڏتل خان جو شهر لغاري بجراڻي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ هو. ڏتل خان وٽ سواري لاءِ هڪ ڍڳو هوندو هو جنهن تي رلي وجهي چاڪر ڪوٽ کان ڳوٺ لغاري بجراڻي ايندو ويندو هو. هن ڳوٺ ۾ سندس ٻيا مائٽ مقصودو فقير ۽ سوڍل فقير پڻ هوندا هئا. ڏتل جي شادي مقصودي جي ڌي سان ٿي ويئي. ڏتل خان کي اباڻي ورثي مان اٽڪل 60 جريب يعني 30 ايڪڙ زمين ورثي ۾ مليل هئي ۽ سندس رهائش پڻ چاڪر ڪوٽ ۾ هوندي هئي. دراصل اسان جي سڀني لغارين کي ڪاڇي ۾ ڪافي زمين هوندي هئي پر پاڙي جي وڏن زميندارن انگريزن جي صاحبي جي وقت ۾ غريب لغارين جي زمين تي ناجائز قبضو ڪندا رهيا ۽ ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ڪافي زمين ڦٻائي ويا، نه ته جيڪر مڱڻاڻي ۽ مراداڻي واھ تي صرف مڱڻاڻي ۽ مراداڻي قبيلي وارن جون زمينون هيون. اها زمين نئين گاج جي منهن کان وٺي بچاءُ بند تائين پکڙيل هئي. بحرحال مراداڻي واھ واري زمين آهسته آهسته گهٽ ٿيندي ويئي تان جو ڏتل خان کي صرف 60 جريب وڃي بچيا. ڏتل خان جا ويجها مائٽ، عزيز ۽ ٻيا لغاري لڏي ڳوٺ لغاري بجراڻي پهچي ويا هئا ۽ اتي ئي سرڪاري پيل زمين تي آباد ٿي ويا ۽ ڏتل خان پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ لڳو. تنهن کان سواءِ برسات جي گهٽ پوڻ سبب آبادي به گهٽ ٿيڻ لڳي. تنهنڪري پنهنجي ناناڻن يعني پنهنجي مامن ميرڻ خان ۽ عبدالله خان جي چوڻ تي ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيو. ان وقت سندس وڏي پٽ ميوو خان جي عمر صرف 12 سال هئي ـ
هنن فقيرن جي باري ۾ ڪافي روايتون مشهور آهن. هي فقيري ۾ ايڏو ته اڳتي وڌيل هئا جو ٻين ذاتين وارن ماڻهن سان اٿ ويھ به گهٽ ڪندا هئا. وڏو ڊگهو پهراڻ، مٿي تي پٽڪو ٻڌاندا هئا. مٿي جا وار به گهڻو ڪري وڏا هوندا هئن. ڏاڙهي به ڊگهي، پاڻ سان گڏ سُرندو هوندو هئن. جيڪو وڄائي ماڻهن مان “جن” ڪڍندا هئا. هڪ فقير جي متعلق مشهور آهي ته ڪنهن ڪم سان درياھ پار ڪري رهيو هو. پاڻ سان گڏ ڪجھ ماني به کنيائين ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ “وٽو” پڻ، جڏهن ٻيڙي رواني ٿي ته هن پنهنجي چادر جي پلاند ۾ ٻڌل ماني کاڌي ۽ درياھ مان پاڻي جو وٽو ڀري پيئڻ لڳو. جڏهن هن پاڻي پي بس ڪئي ته ڀرسان ويٺل هڪ مسافر چيس ته فقير اهو وٽو مون کي ڏي ته آءُ به درياھ مان پاڻي ڀري پيان، ڏاڍي اڃ لڳي اٿم، ان تي فقير وٽي کي چادر ۾ ٻڌندي وراڻيو ته “بابا آءُ ٻاليشاهي آهيان، مهنجي وٽي مان ڪيئن پاڻي پيئندي”. مسافر ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ٻُڪ ڀري درياھ مان پاڻي پيتائين، ڪي فقير بلڪل الڳ ٿلڳ رهندا هئا. ڪنهن ٻي ذات جنهن کي هو هلڪي ذات سمجهندا هئا تنهن کان پرهيز ڪندا هئا. انهن ذاتين ۾ ماڇي، ٻاليشاهي، ميربحر ۽ ٻيون غير مسلم ذاتيون آهن، گهر ۾ جيڪڏهن شڪ پوندن ته فلاڻي شيءِ مان ڪنهن ڪانو يا ٻلي وغيره ڪجھ کاڌو يا پيتو آهي ته اهو هاري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪا قيمتي شيءَ جيئن ته کير يا گيھ گهڻي مقدار ۾ هوندي هئي ته اها بازار ۾ وڃي ڪنهن هندو کي ڏيندا هئا ۽ کانئس قيمت وٺندا هئا
 ـ

Leave a comment