ڳوٺ لغاري بجراڻي جي معاشي زندگي (الف) ـ

اسان جي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو هوندا هئا، پهريون قسم انهن ماڻهن جو هئو جن جو گذران پوکي راهي تي ٿيندو هو. ٻيو طبقو واپاري هئو جي گهڻو ڪري سڀ هندو هوندي هئي. جيتوڻيڪ ڪجھ هندو کيتي باڙي به ڪندا هئا، مثال طور آوت مل، مورج مل، ڀيرومل ۽ ٻيا. هي بازار جي ڏکڻ طرف بجراڻي پاڙي جي ڀرسان رهندا هئا. ٽيون طبقو هُنر مند جهڙوڪ: ڊکڻ، ڪوري، موچي، ڌوٻي ۽ حجم وغيره. پهرين طبقي ۾ اُها برادري هئي، جيڪا شروع ۾ اچي اتي آباد ٿي هئي. کين ڪهڙي به طريقي سان زمين ملي تنهن جو ذڪر پهريان ڪيو ويو آهي. ڪچي جون زمينون جيڪي وڏي جهنگل جي صورت ۾ هيون انهن مان جهنگ ڪڍي آبادي جي لائق بڻايو ويو. انهن مان بجر خان، مڱڻ خان، ميرڻ ۽ باگو خان قبل ذڪر آهن. انهن کان پوءِ سندن اولاد ڪچي واري زمين پاڻ ۾ ورهائي ۽ آباد ڪندا هئا. گهڻو ڪري سڀڪو پنهنجي زمين جي ٽڪر تي پاڻ آبادي ڪندو هو. زميندار به پاڻ ته هاري به پاڻ، زمين ۾ گهڻو ڪري درياھ جي اٿل سبب صرف ربع جو فصل ٿيندو هو. جهڙوڪ ڪڻڪ، چڻا، مٽر، سرنهن، ڄانڀو وغيره. ڪجھ آبادي خريف جي فصل جي به ٿيندي هئي. جڏهن گرمي جي موسم ۾ درياھ چڙهندو هو ته ڍنڍون ڍورا پاڻي سان ڀرجي ويندا هئا. انهن ڍنڍن ۽ ڍورن تي نار چاڙهي جوئر ۽ ٻاجهري جي آبادي ٿيندي هئي. ماضي قريب ۾ کوٽايل واھ جيڪو درياھ کان نڪري ڳوٺ جي اولھ کان ٿيندو عرض محمد جي ڳوٺ جي اولھ طرف درياھ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو ڍورو قدرتي ٺهيل هو. شايد ڪنهن زماني ۾ اتان درياھ وهندو هو ۽ پوءِ اتان ڇڏي ويو. ٻيو ڍورو جنهن کي واهڙ چيو ويندو هو، اهو ڳوٺ کان ميل کن اوڀر طرف هو، اهو واهڙ به ڳوٺ ڪورائين کان ٿورو ڏکڻ طرف درياھ مان نڪرندو هو پوءِ لغارين جي اوڀر کان ٿيندو ساڳي عرض محمد جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ درياھ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جا نشان اڄ به ظاهر آهن. هي واهڙ به ڪڏهن درياھ جي سينٽر يا وچ هو. انهي واهڙ کان وٺي اولھ ۾ درياھ جو پار دادو ضلع جي حد تائين اها ديھ خيروديرو سڏبي هئي. هن ايراضي ۾ زمين جا مالڪ صرف لغاري هئا، پوءِ انهن مان ڪجھ زمين پاڙيوارا زميندار قبضو ڪري ويا. ڪجھ زمين هندن خريد ڪئي. جيڪڏهن ڍورن جي ڪن حصن ۾ کاٽي جي ضرورت پئي ته لغارين گڏجي ان جي کاٽي پي ڪئي. اسان جي يادگيري ۾ جيڪڏهن اهو ڍورو ڪنهن هنڌان لٽجي ٿي ويو ته ان جي کاٽي ونگار وسيلي ڪندا هئا. هرڪو پنهنجي زمين جي ڀرسان واري ٽڪر جي کاٽي جو ذميوار هوندو هو. سڀني کان وڌيڪ سرگرم گاجي خان ولد دلاور خان لغاري هوندو هو، جنهن جي زمين انهي ڍوري جي ڪناري تي هئي. کاٽي جي وقت هو سڀني آباگارن کي اڳيان ڪري گهربل کاٽي ڪرائي پاڻي وهائي ايندو هو، پوءِ ڍورن جي ڪپ تي نار چاڙهي زمين آباد ڪندا هئا. جڏهن درياھ ۾ چاڙھ ايندو هو ته مذڪوره ڍوري ۾ جون مهيني ڌاري پاڻي اچي ويندو هو، پوءِ ڍوري جي ٻنهي پاسي ڪيترائي نار وهندا هئا. ان وقت نار جو رينگٽ، ڏاندن کي ٻڌل چڙا ۽ ٽليون وڻندڙ موسيقي جو رو پ ڌاري مست ڪري ڇڏيندا هئا. رات جي آخري پهر ڳاڌي تي ويٺل ڳوٺاڻو انهي موسيقي جي ڌُن ۾ پاڻ به شاھ صاحب جا بيت جهونگاريندو هو. ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ڪنهن به ڌارئي جو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو. هر ڪو پنهنجي پوکي تي مست، شاڪر ۽ صابر هوندو هو. انهي موسم ۾ ٻار به انهن ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ ترندا ۽ تڙڳندا نظر ايندا هئا. کين ڍورن ۾ وهنجڻ جي ڪابه جهل پل ڪونه هوندي هئي. ننڍو هجي توڙي وڏو کيس ترڻ ايندو هو. جيئن ننڍي ٻار کي پير کڻڻ ۽ هلڻ سيکاريو ويندو آهي تيئن اسان جي ڳوٺ وارا ننڍي ٻار کي ترڻ به سيکاريندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪچو هئڻ ڪري هر سال ٻوڏ جو پاڻي ڍنڍن ڍورن ۽ کڏن ۾ ڀرجي ويندو هو. جنهن ڪري تيراڪ کان سواءِ ڳوٺ ۾ هلڻ چلڻ به مشڪل سان ٿيندو هو. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري جوئر ۽ ٻاجهر آنڀو ڪري ويندي هئي، جنهن لاءِ جهار تڙڻ به هڪ مسئلو هوندو هو. انهيءَ جي تڙڻ لاءِ وڏا وڏا پيها ٺاهيا ويندا هئا. جنهن تي چڙهي فصل تان جهار هڪليندا هئا. ان وقت هر پاسي کانڀاڻين جا ٺڪاءُ ۽ هارين جا بي سُرا آواز به دل کي زندگي جو پيغام ڏيندا هئا. ڪيڏي نه ڀرپور زندگي هئي. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ وارن جون، لاباري جي وقت ۾ عورتون مٿي تي کارا کنيون پنهنجي مردن سان گڏ لاباري تي وينديون هيون ۽ ڪانن مان سنگ علحيده ڪري گڏ ڪنديون هيون ۽ مرد وري ڪانن جا ننڍا ننڍا گڏا ٺاهي هڪ هنڌ گڏ ڪندا هئا. جنهن جي ڍير کي ڪانن جي وُن چئبو آهي. شام جو عورتون پنهنجا کارا سنگن سان ڀري واپس موٽنديون هيون، هاري کي پنهنجي محنت جو ڦل ڏسي کيس ڪيڏي نه خوشي ٿيندي هوندي. لغاري بجراڻي ڳوٺ جي سڀني باشندن کي گهڻو ڪري ڪچي جي زمين ضرور هوندي هئي ۽ اُها پنهنجي پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ هاري زميندار جو گهڻو چڪر ڪونه هوندو هو.جيڪا زمين ڪچي کان ٻاهر پڪي ايراضي ۾ هوندي هئي ان جو زميندار به هارين سان نهايت ڀائپي وارو سلوڪ ڪندو هو. روايتي زميندار وانگر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته ڪو زميندار ڪنهن هاري تي ناجائز ڪم جو بار وجهي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀ لغاري هڪ ٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن هنڌ مٽي مائٽي ۾ به ڳنڊيل هئا. جنهن ڪري زميندار هجي يا هاري ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت ڪانه هوندي هئي.
لغاري بجراڻي جي پوک جو ذڪر جيڪڏهن گدرن جي فصل کان سواءِ ڪبو ته اڌورو آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي آس پاس لغارين جا پوکيل گدرا گهڻو مشهور هوندا هئا ۽ هن وقت به آهن پر ان وقت جي ڳالھ ٻي هئي. گدرن جي واڙي پوکڻ جا شوقين حيدر بخش ولد بهادر، قادر بخش ولد بهادر، محبوب علي ۽ نظر حسين ولد احمد فقير ۽ ٻيا به ڪيترائي لغاري هئا. اُهي واڙي پوکڻ ۽ سار سنڀال لهڻ ۾ خاص حيثيت رکندا هئا. گدرن جون واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي ڀرسان سندس ڇڏيل پيٽ ۾ ٿينديون آهن. جيڪڏهن زمين تي پيل لٽ جي مٿان واري گهڻي انداز يعني هڪ ٻن فٽن تائين هوندي آهي ته ان ۾ ٻي ڪا پوک ٿي نه سگهندي آهي. گدرن لاءِ ان ۾ کڏا هڻي ان جو ترو پاڻي جي سيڪ تي بهاري ان ۾ ٻج پوکيندا هئا ۽ پوءِ ٿوري گهڻي لٽ واري مٽي بج جي مٿان هڪ ٻه انچ کن وجهندا هئا. اٺن يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ سَلو نڪرندو آهي ۽ آهسته کڏن مان ٻاهر نڪري وڏو ٿي زمين تي ٽڙي ويندو آهي ۽ گل جهلي پوءِ ان ۾ گدرا ٿيندا آهن. گدرن جي پوکڻ جي موسم سياري اچڻ کان ٿورو اڳ آهي. جيڪڏهن سياري جي موسم جو سخت پارو نه پيو ته مارچ مهيني ڌاري گل ڪڍندو آهي ۽ اپريل ۾ گدرا ڏيڻ شروع ڪندو آهي. پر جيڪڏهن گهڻي سيءُ ۽ پاري سبب ڪي سلا سڙي ويا ته به وري پوکي سگهبا آهن. کڏن وارن سَلن کي سياري ۾ بچائڻ سولو آهي. ڇاڪاڻ ته کڏي جي مٿان ڪک پن يا سَر ڪانهن جو ڍڪ ڏيئي ننڍڙي سلي کي بچائي سگهجي ٿو. جتي سيڪ مٿي هوندو آهي اتي هڪ ٻه هر ڪاهي ان ۾ ناڙي رستي به گدرا پوکيا ويندا آهن. پر انهن کي سياري جي پاري کان بچائڻ مشڪل آهي. واڙي جي گڏ ڪرڻ به تمام ضرور آهي ته خاص ڪري ناڙي سان پوکيل گدرن ۾ ڇاڪاڻ ته ان ۾ گدري جو ٻوٽو زمين جي هيٺين سطح تي هوندو آهي ۽ ڀرسان غير ضروري گاھ به ڄمي ويندو آهي. جيئن اهو گاھ زمين مان نمي نه کڻي وڃي. جڏهن ٻوٽا وڏا ٿي هڪ ٻئي ۾ گڏجي ويندا آهن ته ڦر جهلڻ شروع ڪندا آهن. انهن ڦرن کي به گدڙن، مِرن يا ٻين جهنگلي جانورن کان بچائڻ به تمام ضروري هوندو آهي. انهيءَ لاءِ واڙي واري پوکيل زمين تي هڪ ننڍي اوطاق يا جهوپڙي پڻ ٺاهي ويندي آهي جيئن واڙي پوکيندڙ رات ڏينهن ان جي رکوالي ڪري سگهن. گدرا پچڻ تي هر روز شام جو گدرا ڪڍيا ويندا هئا. سج لٿي کان اڳ واڙي مان سمورا پڪل گدرا ڪڍي هڪ هنڌ ڍير ڪندا هئا. جيئن واپارين جا اُٺ راتو رات کڻي صبح جو ڪنهن مارڪيٽ تي پهچائين. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي مارڪيٽ موري شهر يا دادو ۾ هوندي هئي. گدرن جا واپاري سمورين واڙين مان گدرا گڏ ڪري ٻورين ۾ وجهي اُٺ قطاري سومهڻي ڌاري موري يا دادو جي شهر روانا ٿيندا هئا. رات جو اُٺن کي ٻڌل ڇير جتن جون جهونگارون ۽ بيت اهو اعلان ڪندا هئا ته هي گدرن جي موسم آهي ۽ گدرا مارڪيٽ ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ انهي موسم جي خاص اهميت هوندي هئي. گدرا ته هينئر به ٿين پيا پر تقريبن 50 سال اڳ وارا گدرا مٺا، رسدار ۽ ڳر وارا هوندا هئا. سانجهي جو پٽيل گدرو جڏهن صبح جو سويل کائبو هو ته ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو هو ۽ وات جي واڇن جي ٻنهي پاسي پاڻي پيو ٽمندو هو. هينئر به جيڪڏهن انهن گدرن جو تصور ٿو ڪجي ته وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو. ڳوٺ جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي واڙي ۾ ويندو هو ته ان کي گدرن کائڻ جي ڪابه جهل پل نه هوندي هئي ڀلي کائي ڍوءَ ڪري ۽ ٻه ٽي گدرا گهر ڏانهن به کڻي وڃي سگهيو پئي. مٿي ذڪر ڪيل لغارين جون واڙيون 100 جريبن ۾ هونديون هيون. واڙي جي وچ ۾ هڪ سٺي لانڍي به ٺهيل هوندي هئي. جتي ڏينهن رات چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. کاڌي پيتي جو سامان لانڍي ۾ موجود هوندو هو. واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي وارياسي ڪنارن تي هونديون هيون. درياھ جي ڀرسان هئڻ ڪري اتي مڇي به جام ملندي هئي. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ پلا جام هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن مڇي يا پلي جي ماري کي 5 يا 10 سير گدرا ڏيندا هئا ته هو جوڙي پلن يا مڇين جي لانڍي ۾ ڇڏي ويندو هو. مطلب ته ڪنهن به واڙي ۾ وڃي رات رهي اچڻ هڪ سٺي تفريح هوندي هئي. رات جو به راڳ روپ ۽ ٻي تفريح جو ڪافي سامان هوندو هو. جنهن ڪچهري ۾ نظر حسين ولد احمد وفير هجي اتي کل ڀوڳ ۽ نظر جا گفتا رنگ لائي ڇڏيندا هئا. گدرن سان گڏ ميها، ڇانهيون ۽ ونگا به جام ٿيندا هئا. اهو خريف ۽ ربيع جو وچ وارو فصل انتهائي فائدي وارو ۽ نفح بخش هوندو هو. ربيع جي موسم ته هن ڳوٺ ۾ عجيب موسم هوندي هئي. مٽر، چڻا، ڄانڀو، سرنھ وغيره پوکي ويندي هئي. ان کان سواءِ بوسي ڪڻڪ پڻ ناڙي رستي پوکڻ جو رواج هو. فيبروري ۽ مارچ جي مهيني ۾ جڏهن موسم بهار پنهنجي اوج تي هوندي هئي ان وقت ربيع جي فصل جي خوشبو، جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن جي مهڪ مست ڪري ڇڏيندي هئي. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي. شام جي وقت جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري اولھ طرف رخ ڪبو هو ته ڏسڻ ايندو هو ته ڪو ماڻهو ڪاٺين جي ڀري کنيو پنهنجي مال سميت ڳوٺ پيو اچي. سرنهن جي ساڳ يا مٽرن، چڻن جي “پلي” پٽڻ جي ڪنهن کي جهل پل نه هوندي هئي. تنهن ڪري ساڳ پٽي رات جي ڳنڌڻ جو سٺو بندوبست ٿي ويندو هو. هونءُ به رات جو جوئر يا ٻاجهري جي ماني سان ساڳ کائي مٿان کير جو وٽو پي هر ڪو ڏڪار ڏيندو ڀر واري اوطاق ۾ ايندو هو. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سواءِ هندو آبادي جي ٻين ماڻهن جا گهر ڪچا هوندا هئا. يعني اوڏڪيون، ڀتيون ۽ مٿائين ڪانهن يا سرن جا ڇپر هوندا هئا. انهن جو سبب ڪجھ غربت ۽ ڪجھ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هوندو هو. گهڻي ٻوڏ سبب ڪنڌي وارن گهرن کي ڪوبه خطرو ڪونه هوندو هو. پر ڀتين کي بچائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون هيون. ٻوڏ وقت جڏهن ٻوڏ جو پاڻي گهرن جي ڀتين کي ٽڪرائيندو هو ته ان وقت اڱڻ کوٽي اتان مٽي ڪڍي ڀتين کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀراءُ ڏيئڻو پوندو هو. هندن جا گهر گهڻو ڪري وچ شهر ۽ مٿاهين واري هنڌ تي هوندا هئا. تنهنڪري کين معمولي ٻوڏ جو خطرو ڪونه هوندو هو. ڳوٺ وارا ٻوڏ جو مقابلو وڏي جوانمردي سان ڪندا هئا. ڳوٺ کي چوڌاري پاڻي گهيري ويندو هو پر سندن منهن مان خوشي پيئي ٻهڪندي هئي. چوڻي آهي ته “ٻڏي جا ٻيڻا” ٻوڏ کان پوءِ وڌ کان وڌ پوک ٿيندي هئي. ٻوڏ ۾ ڪجھ نقصان خريف جي فصل کي ٿيندو هو پر ربيع جو وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻا اها قرباني ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هوندو هئا. وڏي ٻوڏ ۾ شهر لغاري بجراڻي جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. ڪن ڪن گهٽين ۾ به پاڻي اچي ويندو هو ۽ گهر گهر کان الڳ ٿي ويندو هو جنهن ڪري سندن اچڻ وڃڻ ٻيڙين کان سواءِ ڪو به ذريعو ڪونه هوندو هو. تانگهي پاڻي ۾ ور کڻي هڪ ٻئي جي گهر اچڻو وڃڻو پوندو هو. ڳوٺ جا مير بحر ٻيڙيون ڪاهي ڳوٺ جي ڀرسان بيهاريندا هئا. روزانو هڪ يا ٻه چڪر ٻيڙيون ماڻهن ۽ سامان وغيره کڻي گچيرو ۽ بند تائين وينديون هيون. جيئن ڳوٺاڻا گچيرو يا موري مان ڪم ڪار لاهي وري موٽي ٻيڙي تي چڙهي ڳوٺ پهچي سگهن. ديھ خيروديرو جي اوڀر واري دنگ مان هڪ واهڙ به هوندو هو. جيڪو اڃان تائين سُڪل حالت ۾ موجود آهي. ان واهڙ ۾ ٻوڏ جو پاڻي سڀ کان اول ايندو هو. اُهو واهڙ شهر ڪورائين کان اولھ ـ ڏکڻ طرف کان درياھ منجها نڪري واپس عرض محمد جي ڳوٺ جي سامهون درياھ منجھ ڇوڙ ڪندو هو. ان واهڙ جي ٻنهي ڪنارن تي اونهاري جي موسم ۾ جڏهن واهڙ وهي ايندو هو تڏهن نار چاڙهيندا هئا ۽ خريف جو فصل جهڙوڪ: جوئر، ٻاجهري وغيره پوکيندا هئا. انهي واهڙ جي ڪناري تي ڪن هندن جون زمينون به هيون. جن مان ڪجھ پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ ڪجھ ڳوٺ وارن هارين کي هارپ تي ڏيندا هئا
 ـ

Leave a comment