ڳوٺ لغاري بجراڻي جي سماجي زندگي (الف) ـ

ڳوٺ لغاري بجراڻي جنهن جو نالو لغاري بجراڻي جو ميلاپ آهي. انهي جو مطلب ته اهو ڳوٺ لغارين جي بجراڻي قبيلي جو ٻڌايل آهي. بجراڻين ۾ ٻيا به سڀ پاڙا لغارين جا اچي وڃن ٿا. دراصل اها هڪ ذات هڪ قبيلو ۽ هڪ ڏاڏي جا اولاد آهن. ڪن محققن جو چوڻ آهي اهي سڀ مقصودي لغاري جا اولاد آهن. جن مان چاڪر ۽ مُراد ٿيا، پر اها تصديق شده حقيقت آهي ته هي سڀئي پاڻ ۾ اهڙي طرح ڳنڍيل آهن جو سندن سڃاڻپ به هڪ ٻئي کان علحيده ڪين آهي. هو پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڀائپي واري رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. سندن اٿڻ، ويهڻ، شادي غمي هڪ ٻئي جي شرڪت کانسواءِ نامڪمل آهي. جيئن مٿي واضح طور تي لکي آيا آهيون ته هر ڪنهن عيد نماز مهل، صفون ٺاهڻ مهل جيڪو ڪو اڃان نماز تي نه پهتل هوندو هو ته ان جو شدت سان انتظار ڪيو ويندو هو. جيئن هو پهچندو هو ته پوءِ نماز شروع ڪندا هئا. بلڪل اهڙي طرح سان شادي، مرادي جي موقعي تي هر ڪنهن جي شرڪت ضروري هوندي هئي ٻي دنيا وانگر رُساڻا پرچاڻا به هوندا هئا، هتي به ڪنهن شادي جي وقت ائين ٿيندو هو ته سڀ چڱا چڱا گڏ ٿيندا هئا. يعني هر هڪ پاڙي جا پير مرد گڏجي تاريخ مقرر ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ سڏ ڏيڻ جو رواج ائين هوندو هو ته گهوٽ طرف واري ڌر کان هڪڙو ماڻهو ڪنهن ميراثي مڱڻهار کي ساڻ ڪري هر هڪ پاڙي ويندو هو ۽ سندن اوطاق تي وڃي فرد فرد سڀني کي رات ۽ ڏينهن جي کاڌي جي دعوت ۽ نڪاح جو سڏ الڳ الڳ ڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي گهوٽ وارن طرفان ڪا شڪايت يا رنجش هوندي هئي ته اهو پنهنجو نقطو اٿاريندو هو. سندس رنجش روڪڻ لاءِ گهوٽ وارن طرفان ٻه ٽي چڱا مڙس اچي کيس پرچائيندا هئا ۽ رنجش جو پاءُ پلاند ڏيندا هئا ڪهڙي به طرح کيس راضي ڪندا هئا ٻي حالت ۾ ان رٺل همراھ پاران سندس ڀائر يا ٻيا عزيز به شادي نه کائيندا هئا. اها ڳالھ گهوٽ وارن کي ڪڏهن به پسند نه هئي. هي سڀ ڳالهيون ماضي جون آهن. شادي جي تاريخ گهڻو ڪري ائين مقرر ڪئي ويندي هئي جيئن اهي ڏينهن چانڊوڪين وارا هجن ۽ فصل کڻڻ بعد هجي. شادي واري رات کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو اڳ گهوٽ وارن جي اوطاق تي خوشين جون محفلون ۽ مجلسون ٿينديون هيون. ان کان علاوه ڏونڪي هڻڻ جو بندوبست به هوندو هو. ڏونڪي هئڻ لاءِ هڪ عدد مڱڻهار دهل کڻي وچ تي بيهندو هو ان جي چوڌاري دهل جي دهن ۾ ڏونڪي باز ناچ ڪندا هئا. ڏونڪا ٺڙڪائيندا جهمريون پائيندا ڦرندا ويندا هئا. ڏونڪي ماهر ان زماني ۾ ميرڻ خان ميراثي، غلام علي بجراڻي خاص سمجهيا ويندا هئا. ڏونڪن کان پوءِ آڌي رات تائين محفل گرم رهندي هئي. جنهن ۾ کل، ڀوڳ، بيت، ڳجهارتون ۽ ٽوٽڪا وغيره ٿيندا هئا. ننڍن ننڍن ڇوڪرن جا ميڙاڪ انهن کان علاوه ٿيندا هئا، جي پڻ ڏسڻ جي لائق هوندا هئا، شايد شادي واري رات کي “ڦنڊرليڪ” واري رات ڪري چوندا هئا. اول هڪ عدد ڪڪڙ ڪهي شروعات ڪندا هئا. ان کان پوءِ ٻيا جانور جهڙوڪ ڍڳو، پاڏو يا ٻڪرو ذبح ڪندا هئا، ضرورت آهر هڪ يا ٻه جانور يا ان کان وڌيڪ جانور ذبح ٿيندا هئا. شادي ۾ ذبح ٿيل جانور کي ڦنڊر چوندا هئا. انهي حوالي سان ان رات کي ڦنڊر ليڪ جي رات چوندا هئا. ان رات رواجي محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل آڌي رات مهل ڦنڊر ذبح ڪندا هئا. باقي رات ان جي گوشت جا ٽڪر ٽڪر ڪري ديڳين ۾ وجهندا هئا. ديڳيون رڌڻ يعني ٻوڙ يا چانور رڌڻ ڳوٺ جا حجم ڪندا هئا. جيڪي اطلاع ملڻ تي هڪ ڏينهن اڳ پهچي ويندا هئا. پاڻي جي بندوبست لاءِ ڳوٺ جا ملاح ذميوار هوندا هئا. جن کي اڳواٽ ئي ٻڌايو ويندو هو. اڄ ڪلھ قناطون ۽ شاميانه لڳائڻ جو رواج آهي پر ماضي ۾ ڇنو يا منهن ٺاهيندا هئا. اهو ڇنو هڪ کلئي ميدان تي تقريبن هڪ جريب جي ايراضي تي مشتمل هوندو هو. اهو سڀ ڪم ڳوٺ وارا ملي ڪري شادي کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ تيار ڪري ڇڏيندا هئا. ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مزور يا ڪمي ڪا سبي جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي هئي. هر هڪ پاڙي مان ٻه ٽي ماڻهو رضاڪارانه وڏي خوشي سان گهوٽ وارن جي ڪم ۾ جنبي ويندا هئا. هنن کي اهو فخر ٿيندو هو جو کين پنهنجو سمجهي هن ڪم لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي. صبح ٿيڻ تائين ڪافي ديڳون گوشت جون ۽ چانورن جي پلاءُ جون تيار ٿي وينديون هيون، نڪاح پڙهڻ جو وقت اڪثر ڪري صبح جي پهرين پهر ۾ هوندو هو. البت طوهر ڪرڻ جو وقت شام جو هوندو هو. نڪاح ڳوٺ جو مُلو يا ٻيو ڪو مولوي يا عالم پڙهندو هو. اسان جي يادگيري ۾ اهو ڪم حاجي خان ولد عبدالله خان لغاري ڪندو هو. ان کان اڳ خانڻ فقير يا ڳوٺ ۾ رهندڙ سيد به نڪاح پڙهندا هئا. نڪاح کان پوءِ گهوٽ کي گهوڙي تي چاڙهي سرڪس گهمائڻ به ضروري سمجهيو ويندو هو. اڳيان نچڻ ڳائڻ وارا پٺيان گهوڙي تي گهوٽ جلوس سميت ڪنوار جي گهر روانه ٿيندا هئا. ٻارن جو رونشو ڏسڻ لاءِ پتاشا يا کارڪون پڻ جلوس جي اڳيان اڇلايون وينديون هيون. ڪي شوقين پئسا سِڪن جي صورت ۾ کُليا ڪرائي اُهي جلوس جي اڳيان ڇٽيندا هئا. جيئن اڳيان ٻارن جي پئسن کڻڻ جي ويڙھ ڏسن. گهوٽ ڪنواريتن جي گهر روانو ڪري واپس اچي سڀ ڇني تي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ پوءِ ماني کارائڻ جو دور هلندو هو. پهريائين ٻاهرين مهمانن کي کارايو ويندو هو ۽ پوءِ راڄ جا ماڻهو، ڇني ۾ کٽون وڇايل هونديون هيون ۽ هر هڪ کٽ تي ٻه چار ڄڻا گڏجي ويهي کائيندا هئا. ماني ٺڪر جي ننڍن ننڍ پاٽوڙن ۾ ڏني ويندي هئي. اُهي پاٽوڙا سَون جي تعداد ۾ نزديڪ واري ڳوٺ جا ڪنڀر ڏيئي ويندا هئا. گوشت ڏيڻ لاءِ الڳ ماڻهو، پاڻي پيارڻ لاءِ الڳ، هر حال ۾ پنهنجي راڄ ۽ ڀائرن کي کارائي خوش ڪيو ويندو هو. کاڌي کائڻ کانپوءِ راڄ وارا ماڻهو ڪنهن وڏي ٿالھ يا پاٽ ۾ گهر لاءِ ماني وٺندا هئا. ماني هميشه پنهنجي مرضي مطابق کڻندا هئا. جيسين ماني وٺندڙ بس نه چوي يا پاٽ ڀرجي نه وڃي تيسين پل وارو ڍڪڻ ڀري ماني ڏيندو رهندو، اهو صرف ان ڪري لکجي ٿو ته ان وقت اسان جي ڳوٺ وارن ۾ زندهه دلي ۽ ڪشاده دلي جو اندازو ڪري سگهجي. شادي وارن کي مَنَهن يا پَوو ايترو ڪونه ملندو هو جو سندس ڀت جو خرچ نڪري سگهي. اڄ ڪلھ پارٽين جو رواج آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري سمورو پارٽي جو خرچ منافعي سميت نڪريو اچي. حجم ۽ مڱڻهار جي الڳ الڳ گهور ٿيندي هئي. تن کي به ڪافي ڪجھ ملي ويندو هو. حجم کي چيڙائڻ جو پڻ رواج هو. حجم جڏهن ڪنهن ٻار جي طوهر ڪندا هئا ته ان ٻار کي سيکاريو ويندو هو ته جيڏي مهل حجم پاڪي سان طوهر ڪري بس ڪري ته طوهر ٿيندڙ ٻار حجم کي چماٽ وهائي ڪڍي، چماٽ جهلڻ سبب حجم ڪاوڙجي پوڻ جي اداڪاري ڪندو، ان کي پرچائڻ لاءِ وڌيڪ پئسا يا ڇيلو ٻڪرو ڏيڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شادي ۾ راڳ روپ جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. اتي مختلف ڳائڻ وارن کان علاوه آسي پاسي وارا ناچو ڇوڪرن جا ٽولا به ايندا هئا، انهن سان گڏ سندن مائٽ ڪي باجي وارا ڪي ڍولڪ وارا به هوندا هئا. ڇوڪرن کي ساڙهي پارائي زنانو روپ ڏيئي نچايو ۽ ڳارايو ويندو هو. شوقين مٿائن پئسا گهوريندا هئا، هر شادي جي محفل وڏي جوش خروش سان ملهائي ويندي هئي ـ

Leave a comment