ايران جو سفر (مورو کان ايران) (ب) ـ

اڄ 14 مئي 1983ع صبح جو سوير اٽڪل ساڍي 5 بجي ڌاري تيار ٿي انور صاحب جي موڪليل گاڏي تي سامان رکائي اسٽيشن ڏانهن روانا ٿياسون. انور صاحب هڪ ڏينهن اڳ ايس ڊي او ريلوي واري کي سيٽن بابت فون ڪئي هئي پر اسٽيشن تي وڃڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته ڪابه سيٽ رڪيل ڪونه هئي ۽ ايس ڊي او ريلوي وارن جو ڪوبه ماڻهو اسان کي اتي ڪونه مليو، اسان سان ڪالھ ٻٻرلوءَ جي سنڌين سان ملاقات ٿي هئي. جيڪي پڻ زيارتن لاءِ ايران وڃي رهيا هئا. اٽڪل 21 ماڻهو زالون ۽ مرد هئا. مامي غلام عباس انهن کي به سيٽ والارڻ لاءِ امام بارگاھ ۾ چيو هو پر اهي به سيٽون رکي نه سگهيا. پهريائين سامان پوليس جي گاڏي ۾ رکيو ويو پر پوليس وارن اتان سامان واپس ٻي گاڏي ۾ رکايو جتي اڳ ۾ سنڌين قبضو ڪيو هو. هو اسان کي ٻه ٽي سيٽون ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا پر اسان کي ته 9 سيٽون گهربل هيون. انهي دوران برادرم صاحب اسٽيشن تان رڪشا ڀاڙي تي ڪري انور صاحب ڏانهن سيراب ويو هليو ڇاڪاڻ ته گاڏي ڇٽڻ ۾ اڃا ڏيڍ ڪلاڪ هو. مامي غلام عباس انهي وچ ۾ پوليس واري کي 150 رپئن تي راضي ڪري ورتو ۽ اسان کي پنهنجي گاڏي ۾ 9 سيٽون ڏنائين. اسان سامان رکي سيٽون ولاري ويٺاسون. ڪلاڪ کن کان پوءِ احسان علي خان انور صاحب کي ساڻ وٺي آيو پر ان کان اڳ اسان کي سيٽون ملي ويون هيون. انور صاحب گاڏي رواني ٿيڻ تائين بيٺو رهيو. اسان سندس شڪريه ادا ڪيو ۽ کيس موڪل ڏني. گاڏي اڌ ڪلاڪ کن ۾ سپيزند پهتي جتان هڪ ڪلاڪ ترسڻ کان پوءِ اڳتي رواني ٿي. رستي ۾ مستونگ جي پسگردائي ۾ ڪجھ باغات وغيره هئا پر شيخ واصل اسٽيشن کان وٺي نوشڪي تائين رڳو جبل ئي جبل هو جتي لاتعداد گولايون هيون. ٻه ٽي سرنگهون پڻ هيون. گاڏي تمام آهسته رفتار سان هلي رهي هئي. اڄ منجهند جي ماني اسان ڊائنگ ڪارمان گهرائي کاڌي ـ
شام گاڏي اٽڪل 7 بجي ڌاري احمد وال پهتي. اتي پهچڻ سان خبر پئي ته دالبدين جي ڀرسان ريل جي پٽڙي تي پاڻي اچي ويو تنهنڪري گاڏي احمد وال رڪجي ويئي. پهرائين چيو ويو ته گاڏي واپس ڪوئٽه ويندي پر پوءِ چيائون ته رات اتي رهي صبح جو ستين بجي اڳتي رواني ٿيندي. مجبور اسان کي به اتي ئي رهڻو پيو. اسان لاءِ رات جي ماني جو مسئلو ٿيو. ڊائنگ ڪار مان پڻ ماني ختم ٿي ويئي هئي. اسٽوو ۾ گاسليٽ ڪونه هو. اتي پڇا ڪئي سون پر اتي به گاسليٽ ڪونه مليو. انهي دوران ڪجھ پڪل ماني ٻي هنڌان ملي ويئي جنهن ڪري ٻه ٽي گرھ هر هڪ کي نصيب ٿيا. گاسليٽ پڻ سنڌين کان بوتل کن ملي ويو جنهن مان صرف چانھ تيار ڪري سگهياسون، جيئن تيئن ڪري رات گذاري ويئي ـ
اڄ 15 مئي صبح جو ستين بجي هتان گاڏي رواني ٿي. جيڪا هاڻي رڳو رڻ پٽ مان هلي رهي هئي جيڪو اتر ۽ ڏکڻ طرف کان جبلن ۾ ڦاٿل هو. ڪٿي ڪٿي آبادي به هئي جتي ڪڻڪ پوکيل هئي ۽ لاباري لاءِ تيار هئي. ڪنهن ڪنهن جاءِ تي لابارو به ٿي رهيو هو. گاڏي اٽڪل 50 کن ڪلوميٽر هلي نوڪ چاھ هالٽ تي 12 بجي اچي پهتي. هتي پهچڻ سا معلوم ٿيو ته دالبدين جي ڀروارو گهارو اڃا نه ٻڌو ويو آهي جنهن ڪري گاڏي اتي رڪجي وئي. انهي اسٽيشن تي سواءِ پاڻي جي ٻيو ڪجھ به ڪونه هو. جيئن تيئن ڪري ڪينٽين مان اڦراٽا ۽ بيدا تيار ڪرايا ڇاڪاڻ ته لنچ جلدي ختم ٿي ويو هو. سڄو ڏينهن گهاري ٻڌجڻ جو انتظار ڪندا رهياسون. گاڏي مان ريلوي جا ڪي آفيسر ٽرالي تي چڙهي اوڏانهن ويا جتان موٽي اچي ٻڌايائون ته رات جو ساڍي اٺين بجي گاڏي اڳتي هلندي. گهڻا ماڻهو گاڏي مان سامان لهرائي روڊ ڏانهن کني ويا ته جيئن هو بسن رستي منزل مقصود تي پهچي وڃن. باقي ٻين گاڏي جي هلڻ جو انتظار ڪيو. اسان سان گاڏي ۾ مولوي گلفار به هئو جيڪو پڻ زاهدان وڃي رهيو هو. انهي اسٽيشن وارا به مجبور هئا. مولانا صاحب گاڏي مان 4 ماڻهو بسن رستي دالبدين روانا ڪيا ته جيڪڏهن گاڏي اڳتي نه هلي ته بسون ڪرائي تي وٺي اچن جيئن سمورا زائرين انهن ۾ اڳتي وڃي سگهن. الله جي مهرباني سان رات جو ڏيڍ بجي گاڏي هتان به رواني ٿي. جيڪا گهاري واري جاءِ تي اچي بيهي رهي. اسان سڀني کي ته ننڊ اچي ويئي خبر ناهي ڪهڙي مهل گاڏي انهي گهاري وٽ پهتي. اسان کي جاڳ ٿي ته گاڏي کي گهاري وٽ بيٺل ڏٺوسون ۽ اڳيان ريلوي جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ريل جي ٻنهي پاسي پاڻي هو ـ
اڄ 16 مئي 1983ع تي احمد وال اسٽيشن کان وٺي اڃا تائين ريل جي ٻنهي پاسي ويراني ئي ويراني آهي. چوڌاري اڇو ڪلر وڇايل آهي. نظر کٽڻ تائين ڪوبه وڻ ٽڻ يا گهر گهاٽ ڪونه آهي. ڪٿي ڪٿي 20 ڪوهن کان پوءِ ميل يا اڌ ميل جو ٽڪر آباد ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر اتي به ٻه ٽي گهر آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻي اڻ لڀ آهي ـ
هينئر گاڏي انهي گهاري وٽ بيٺي آهي. هتان سج نڪرڻ کان اڳ رواني ٿي. وري به انڌي ۽ جنڊ گاڏي ۽ پنڌ، اٽڪل ساڍا 7 بجي ڌاري دالبدين وٽ پهتي، دالبدين جو شهر چڱو موچارو آهي. جنهن جي آبادي گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار کن ٿيندي. منجهس کجين جا وڻ به هئا. ڀرسان جبلن مان نيون نڪرن ٿيون پر هينئر اهي سڪل آهن. خبر ناهي ته انهي نين ۾ ٽيوب ويل يا کوھ آهن جتان شهر کي پاڻي ملي ٿو يا ڪنهن ٻئي وسيلي جي ڪري، هتان گاڏي 2 ڪلاڪ ترسڻ کان پوءِ رواني ٿي آهي. هينئر به ريل جي ٻنهي پاسي ڪاري واري ۽ ڪاري بجري سان لٽيل زمين آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪنهن انهي زمين جي ٽڪري تي باھ ٻاري آهي ۽ ٽانڊا وسائي نه سگهيو آهي ۽ ڪوئلا ٿي ويا آهن. گاڏي هڪ اسٽيشن تي ٻيٺي جنهن جو نالو يڪ مچ آهي. هڪ ڪراس گاڏي جو ٿيو جيڪا مال گاڏي هئي ۽ ڪوئٽه وڃي رهي هئي. گاڏي ڇاڪاڻ ته ڪلاڪ کن بيٺي جنهن ڪري مان روڊ جي ڀروارن هوٽلن تي ويٺس جتي هوٽلن تي ڪرسين جي بجاءِ فراسيون وڇايل هيون ۽ ٻروچ انهن تي پلٿي ماريو ويٺا هئا. مون کي ماني ۽ سالن کپندو هو. هڪ ماني ميري اٽي جي پچايل ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل ورتي ۽ 5 رپئن جي ڀينڊين جي پليٽ ورتي جيڪا هن رڻ پٽ ۾ غنيمت محسوس ٿي. هتان جو پاڻي ٻاڙو ۽ گرم آهي ۽ ڪابه اڃ ڪونه ٿو لاهي يڪ مچ کانپوءِ گاڏي نو ڪندي وٽ بيٺي. نوڪندي هڪ جبل جي ڀرسان شهر آهي. جبل ڪاري واري ۽ بجري جو ڍڪيل آهي. شام جو ساڍا 4 بجي ڌاري گاڏي پهتي. شهر ۾ واري جو جهولو لڳي رهيو هو جابجا مٽي گرد بريل هوا هئي. ٻاهر نڪرڻ مشڪل هو. گاڏي 1 ڪلاڪ کن اتي ترسي جنهن ڪري ماڻهن پنهنجا ڪولر وغيره پاڻي سان ڀريا. نوڪندي کانپوءِ تفتان تائين وري ساڳي سڃ هئي. ڪٿي به ڪو ٻوٽو ڪونه هو. رڳو ڪارو جبل ڪٿي ڪٿي ڪارا ٽڪر ڏسڻ ۾ آيا ٿي. تفتان گاڏي اٽڪل 9 بجي رات جو پهتي. جتي بارڊر لاءِ جيڪا اٽڪل ٽن ميلن تي هئي پڪ اپ ڀاڙي لاءِ بيٺل هيون. اسان هڪ پڪ اپ ڪرائي تي ڪئي ۽ هڪ هوٽل تي پهتاسون. انهي هٽل ۾ هڪ ڪمرو جنهن جو صرف هڪ دروازو هو 50 رپين ۾ مليو رات جو سڀئي ٿڪل هئاسون ۽ ماني جي طلب ڪنهن کي به ڪونه هئي تنهنڪري سامان ٺاهي سمهي پياسون ـ

Leave a comment