ايران جو سفر (مورو کان ايران) (الف) ـ

الله سائين جا لکين احسان آهن جو هن انهي قابل ڪيو جو آءُ امامن سڳورن جي در جي چوکٽ کي چمڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس، ٿيو ائين جو گذريل سال آگسٽ ـ سيپٽمبر ڌاري برادرم صاحب احسان علي خان جن شوق ڏياريو ته پاسپورٽ وٺون ته جيئن ڪڏهن به موقعو ملي ته ايران هلون، هُن صاحب پاڻ به گهر وارن سوڌو پاسپورٽ تيار ڪرايو ۽ مان پڻ انهي لاءِ سکر ويس جتي فارمن ڀرڻ کان پوءِ اٺن ڏينهن کان پوءِ کڻي وڃڻ لاءِ چيائون مان اٺن ڏينهن بعد اوڏانهن ويس ۽ پاسپورٽ 5 سالن جي مهلت جا کڻي آيس. ياد رهي ته مون پڻ پنهنجي گهر واري همشيره لاءِ پاسپورٽ ڪڍايو ڇاڪاڻ ته انهن کي انهي سعادت حاصل ڪرڻ جي سڪ هئي ـ
انهيءَ زماني ۾ مان دادو مورو پل تي ڊيوٽي ڏئي رهيو هوس ۽ اها تقريبن مڪمل ٿيڻ تي هئي، آخر ان جو افتتاح صدر جنرل ضياءَ الحق ڪيو. ان کانپوءِ نومبر ۾ منهنجي بدلي ٿي وئي ۽ مان موري ۾ ٽيوب ويلن تي مقرر ٿي آيس، انهي دوران سياري جا ڏينهن اچي ويا هئا جنهن ڪري برادرم صاحب جن ارادو ڏيکاريو ته سياري گذرڻ کان پوءِ ايران هلنداسون ڇاڪاڻ ته اتي سيءُ تمام گهڻو پوندو آهي ـ
انهي دوران اسان جي مامي صاحب غلام عباس خان پڻ خيال ڏيکاريو ته هو به اسان سان گڏ هلي. هن جي هلڻ ڪري اسان کي وڌيڪ خوشي ٿي ته هڪ ئي گهر جا ماڻهو هلڻ لاءِ تيار آهن. هو پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر واري همشيره کي پڻ وٺي هلڻ لاءِ تيار ٿيو. هن پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاتين لاءِ پاسپورٽ ڪڍرايو، پاسپورٽ ڪڍرائڻ کانپوءِ ٻيو مرحلو اسان لاءِ ويزا ڪڍائڻ جو هو. ياد رهي ته مان توڙي برادرم احسان علي ٻنهي لاءِ اها نئين ڳالھ هئي ته ويزا يا ٻين زنوارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. جهڙوڪ حاجي غلام مهدي لغاري ۽ سندس ڀاءُ حاجي خان لغاري، پر انهن ماڻهن جو ڳالهائڻ به تمام مهانگو آهي ۽ قيمت رکي ٿو. پهريائين ائين فرمايو ويو ته جيئن اسان خميس جو حساب پورو چڪتو نه ڪيو آهي تيسن حيدرآباد جا مجتهد يا مولانا ڪابه سفارش نه ڪندا. جيڪا ويزا وٺڻ وقت ايران جي سفارت خانه تي ڏيڻي پوندي  ـ
پر خدا ڀلو ڪري انهن مجتهد ۽ مولوي ثمر حسين زيديءَ جو ۽ ٻيو مولوي لطيف آباد وارو جن ٿوري ڪوشش کانپوءِ برادرم صاحب کي اسان اٺن ماڻهن جي سفارشي چٺي ايران جي سفارت خاني ڏانهن ڏني ـ
اسان ٻئي ڀائر تاريخ 22 اپريل جمعي جي ڏينهن صبح جو موري کان نڪتاسون ۽ حيدرآباد مان جناب عرض محمد خان ٽالپر سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ مقصد بيان ڪيو جنهن وڏي خوشي سان مون کي موڪل ڏيڻ جو واعدو ڪيو. شام جو ڪراچي پهتاسون ۽ رات اورنگي ايل بلاڪ رهڻ کان پوءِ صبح جو سفارت خاني جي آفيس ۾ جيڪا ڪلفٽن تي آهي اتي پهتاسون. بس مان لهڻ کان پوءِ پڇا ڪندي جڏهن گيٽ تي پهتاسون ته اول چوڪيدار مليو ۽ اچڻ جو سبب پڇيائين. برادرم صاحب کيس احوال ڪيو ته اسين ويزا وٺڻ لاءِ آيا آهيون ۽ ايران زيارت ڪرڻ وينداسون. چوڪيدار اهو ٻڌي ٻئي ٻانهون اهڙي طرح مٿي ڪيون جو مون سمجهيو ته هو فرط عقيدت کان ڀاڪر پائي رهيو آهي پر ائين ڪونه ٿيو. سندس هٿ اسان جي کيسن جي تلاشي وٺڻ لڳا ڇاڪاڻ ته شايد سفارت خاني جو اهو قانون آهي ته ڪنهن به شخص کي هٿيارن سان اندر وڃڻو نه آهي. اجازت ملڻ کانپوءِ اسين اندر وياسون جتي اسان کي ويٽنگ هال ۾ وهاريو ويو. هڪ ماڻهو جيڪو آفيس جي اندر هو انهي کي برادرم صاحب ڪاغذ ڏيکاريا ۽ سفارشي خط پڻ حوالي ڪيو. ڪاغذ جنهن جي حوالي ڪيا ويا هئا اهو شايد ايراني هو ۽ اٽڪل 30 40 سالن جو چهري تي ننڍي ڪاري ڏاڙهي پڻ هئس ۽ ڪافي وجيھ جوان هو پر سندس اختيار ڪيل رخ مان ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هو اسان کي برداشت ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. خبر ناهي ته اها بيزاري اسان جي ايران داخل ٿيڻ لاءِ هي يا اسان جو پاڪستاني هئڻ. خير جيئن تيئن ڪري اسان کي اندر گهرايو ويو جتي هڪ نوجوان ڇوڪراٽ جيڪو اردو چڱي طرح ڳالهائي سگهيو ٿي اسان جا پاسپورٽ ڏٺا ۽ هڪ فارم ٺاهي اسان کي ڏنائين جنهن ۾ اها هدايت ڪيائين ته هر هڪ ماڻهو جو فوٽو انهي ڄاڻايل خاني ۾ چنبڙائي يعني ماڻهن جا نالا ۽ فوٽو سلسليوار داخل ڪيا وڃن. هڪ اهڙو فارم برادرم صاحب جي نالي به شايد هو. انهي فارم جون فوٽو اسٽيٽ به ڪڍرائڻ لاءِ چيائين ـ
اسين پروفارما وٺي ٻاهر نڪتاسين، هاڻي اسان لاءِ مسئلو فقط فوٽن جو هئو جي اسان وٽ ڪونه هئا. اسانکي جيڪر خبر هجي ها ته اڳواٽ ئي فوٽو کڻي وڃون ها پر ڏس ڏيڻ وارن بخل کان ڪم ورتو، انهي لاءِ سواءِ واپس موري اچي فوٽو ڪڍائي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. جنهن ڪري برادرام صاحب کي اتي ڪراچي ۾ ترسائي مان انهي مهل اٽڪل 12 بجي ڌاري ڪراچي مان بس تي چڙهي موري روانو ٿيس. شام جو 4 بجي ڌاري موري پهتس ۽ سڀني جا فوٽو هٿ ڪري رات جو 12 بجي واري بس ۾ ڪراچي روانو روانو ٿيس. اٽڪل ساڍي 7 بجي ڌاري صبح جو ڪراچي پهتس ۽ 9 بجي ڌاري برادرم سان ملي کيس فوٽو حوالي ڪيا. برادرم صاحب فوٽو کڻي فارم پر ڪري سفارت خاني روانو ٿيو جتان واپس اٽڪل 2 بجي ڌاري ٿيو ۽ احوال ڪيائين ته سفارش خاني وارن 30 اپريل جي ڏينهن تيار ٿيل ويزا ڏيڻ لاءِ چيو آهي ـ
انهي وچ ۾ احمد علي جي گهر وارن پڻ ساڻ هلڻ لاءِ چيو جنهن ۾ قاسم عي پنهنجي ڪوشش ڪري پاسپورٽ ڪڍائڻ لاءِ ڪراچي پڻ آيو هو. پر برادرم صاحب سان ملي ڪونه سگهيو اهو اهو هڪ ئي ڏينهن ۾ ويزا وٺي هليو ويو خبر ناهي ان ڪري ڪهڙي سفارش هئي جو سڀ ڪم هڪ ئي ڏينهن ۾ ٿيو ـ
برادرم صاحب پهرين مئي ڌاري ويزا وٺي آيو ۽ اسين خوش ٿياسون ته خدا جي فضل و ڪرم سان سڀ ڪم ٿي ويو. پر اڃان اسان لاءِ هڪ ڳالھ رهيل هئي جنهن جو نه اسان کي ٻڌايو ويو نه پاڻ ئي خيال آيو. اهو هو وئڪسينيسن سرٽيفڪيٽ جيڪو ڪالرا جي بچاءُ جي لاءِ سُين هڻڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي. اها خبر اسان کي مظهر علي خان کان پئي، ٻئي ڏينهن مان نواب شاھ ويس ۽ لڳاتار ٽن ڏينهن جي لاڳيتي پنڌ کان پوءِ اڄ اهو ڪم پورو ٿيو ۽ سڀني جا وئڪسينيشن سرٽيفڪيت جنهن ۾ احمد علي جي گهر وارن جو پڻ آهي وٺي آيس. انهي ۾ پڻ الله تعلي جي ڀلائي هئي نه ته تڪڙ ڪرڻ جي حالت ۾ شايد احمد عيل جي گهر وارن جو سرٽيفڪيٽ رهجي وڃي ها. اسين اڱاري جي ڏينهن تاريخ 26 رجب بمطابق 10 مئي 1983 جي ڳوٺ موري مان اٽڪل 8 بجي بس جي رستي سکر ڏانهن روانا ٿياسون. بس ۾ رش هئڻ جي باوجود اسان کي وهڻ جي جاءِ ملي ويئي. سکر بس اسٽينڊ تي لهي ٽانگن رستي روهڙي وياسون. اسين اٽڪل 3 بجي ڌاري روهڙي پهتاسون. روهڙي مان ساڍي ستين بجي ڪوئٽه پئسنجر رواني ٿئڻي هئي جنهن لاءِ اسان کي 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻو هو. روهڙي اسٽيشن تي ماني کائي ۽ ڪلاڪ ٻه آرام کانپوءِ سامان ڪولين کان کڻائي پليٽ فارم تي پهتاسون. 6 بجي ڌاري گاڏي پليٽ فارم تي پهتي. ڪولين سامان رکيو ۽ اسان ٻارن کي ٻن وڏين سيٽن تي وهاريو ۽ اسان مرد هڪ سيٽ واري ڪرسي تي ويٺاسون. روهڙي ۾ گاڏي تي رش بلڪل ڪونه هئي. گاڏي 8 بجي ڪوئٽه لاءِ رواني ٿي. جيڪب آباد اسٽيشن تي تمام گهڻي رش ٿي. اسانجي گاڏي ۾ ڪيترا ٻروچ لڏي جي سامان سميت داخل ٿي ويا ۽ هر خالي سيٽ ڀرجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو سامان مٿان ويهي رهيا. گاڏي اٽڪل 4 بجي ڌاري سبي پهتي ۽ 5 بجي رواني ٿي ڏينهن ٿي ويو هو. سبي کان ڪوئٽه تائين اٽڪل 7 ڪلاڪ گاڏي ورتا ۽ اسين 12 بجي ڏينهن جو ڪوئٽا پهتاسون. اسان کي ڪٿي ۽ ڪهڙي امام بارگاھ ۾ رهڻو هو جنهن جي اسان کي ڪابه خبر ڪانه هئي. اسين سڀ سوزوڪي وارن جي رحم ڪرم تي شهر ۾ امام بارگاھ ڳوليندا رهياسون. پهريائين اسانکي هزاره امام بارگاھ ۾ آندو ويو. پر اتان جي مهتم جيڪو رڳو پارسي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهيو ٿي تنهن چيو ته هتي رهڻ جي جاءِ ڪونه آهي. چوڪيدارن اسان کي پنجابي امام بارگاھ علمدار روڊ جو ڏس ڏنو جنهن ڪري وري سوزوڪي اوڏانهن رواني ٿي. سوزڪي وارو اسان کان 50 رپيه وٺي پنجابي امام بارگاھ ۾ لاهي روانو ٿي ويو ـ
امام بارگاھ ڏاڍي سٺي ۽ ڪشادي هئي. اتي اسان کي منظور حسين نالي پنجابي مليو جيڪو چوڌاري مختيار اهمد موري واري جو واقف هو. هن اسان جي سٺي پذيرائي ڪئي ۽ ٻه ڪمرا ڏنائين. جنهن ۾ گلم وڇايل هئا. اسين ٿڪل هئاسين جنهن ڪري ماني هوٽل تان گهرائي کائي سمجهي پياسون. ڪن کي ننڊ آئي ڪن کي نه، هوٽل جي کاڌي سٺي نه هئڻ سبب اسان پنهنجي ماني تيار ڪرڻ جو خيال ڪيو. اسان وٽ اٽو وغيره سڀ ڪجھ موجود هو صرف گيھ وغيره وٺي رات جو پنهنجي گهر جهڙي ماني کاڌي، رات جو ننڊ ڏاڍي آرام سان ڪئي، انهي وچ ۾ اسان سان مختلف ماڻهن ملاقات ڪئي هر هڪ پنهنجو حال احوال ڏيئي رهيو هو. خدا جي فضل سان امام بارگاھ ۾ رهڻ وارو فيصلو اسان نهايت ڪارگر ثابت ٿيو جتي اسانکي ايران وڃڻ ۽ رستي جي مشڪلاتن جي چٽي طرح آگاهي ٿي وئي. جيڪڏهن سوزوڪي ڊرائيور جي چوڻ مطابق هوٽل ۾ رهون ها ته سواءِ پئسن خرچ ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ به حاصل ٿي ڪونه سگهي ها، امام بارگاھ ۾ مسجد پڻ آهي جتي نماز جمائت سان ٿيندي هئي. پر اسان اها جمائت سان نه پڙهي سگهياسون ڇاڪاڻ ته مان ۽ برادرم صاحب شام جو گهمڻ نڪتاسون جتان واپس اچڻ کان اڳ ئي نماز ٿي وئي ـ
ماڻهن جي پاسپورٽن تي پئسن کڻي وڃڻ جو لکيل آهي ته هيترا هيترا پئسا کڻي وڃو. پر اسان جي پاسپورٽن تي اهڙو ڪجھ به لکيل ڪونه آهي، ڪي چون ٿا ته اهو لکائڻ ضروري نه آهي ته پئسا ڪونه ملندا ڪي چون ٿا ته اهو ٺيڪ آهي انهي ۾ پئسن کڻي وڃڻ جو مقدار لکيل ڪونه اهي جنهن ڪري پئسا جيترا به کپن کڻي وڃون. پئسن جي معاملي ۾ اڃا کٽڪو آهي ته بارڊر تائين ڪيئن پئسا کڻي وڃجن ـ
انهي سلسلي ۾ اڄ صبح جو يعني تاريخ 12 مئي برادرم صاحب ۽ مان انور حسين لغاري دوداڻي وٽسيراب وياسون. هن ڏاڍو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسان جي حال احوال ڏيڻ تي هن هڪ فون شايد طفتان جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪسٽم کي ڪئي ته اسان سان هر طرح مدد ڪري ٻي فون اسٽيشن وارن کي ڪئي ته جيئن اسان کي گاڏي ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ سيٽون وٺي ڏيئي. هن جو اهو ٿورو مڃڻ جهڙو اهي. هن اسان کي جمع جي ڏينهن منجهند جي ماني جي دعوت ڏيئي ڪار رستي واپس امام بارگاھ روانو ڪيو.
امام بارگاھ ۾ هڪ پنجابي نوجوان جنهن جو نالو شايد امير علي هو، اهو اسان وٽ ڪمري ۾ آيو ۽ هن ڪافي وقت مون سان ڪچهري ڪئي، هن ٻڌايو ته ايران جي بارڊر تي پاڪستان واري ڪسٽم تان ڪيئن به ڪري ماڻهو جان ڇڏائي سگهي ٿو پر ايران وارا بارڊر کان زاهدان تائين وري وري تلاشي وٺندا آهن ۽ ٿي سهگي ٿو ته گهڻا پئسا ڏسي اعتراض ڪن ۽ تنگ ڪن. هن جو چوڻ هو ته اسين صرف 2 هزار جا ايراني نوٽ مٽايون باقي پاڪستاني ڪرنسي ڪنهن صورت ۾ لڪائي کڻون ۽ اهي پوءِ تهران يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ مٽايون، خير هر ڪنهن ماڻهو جون پنهنجون ڳالهيون آهن ـ
منجهند کانپوءِ ٿورا ٿورا ڪڪر آسمان تي اچڻ لڳا ۽ شام جو ٿوري ٿوري بوندا باندي شروع ٿي وئي انهي دوران انور بلوچ صاحب پڻ آيو پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وارن کي به وٺي آيو جن اسان جي ٻارن سان گڏ ڪچهري ڪئي. شام جو هڪ گاڏي موڪليائين جنهن ۾ اسان ڪوئٽا شهر جو چڪر ڏنو ۽ بوندا باندي هلندي رهي، ڍنڍ به ڏسڻ وياسون ۽ ٿورا اڳتي اڙڪ وادي به ڏٺي سون. اسان جي ته اڳ ۾ ئي ڏٺل هئي پر گهر وارن کي ڏاڍو مزو آيو ٻي رات جو اسان ٻئي انور صاحب جي بنگلي تي وياسون جتي هن اسان جي ماني جي دعوت ڪئي هئي. رات جو اسان جي گهر وارن جو ماني پچائڻ جو پروگرام هو پر عين ماني پچائڻ وقت خبر پئي ته اسٽوو ۾ گاسليٽ ڪونه آهي. رات جو اٽڪل 11 بجي ڪٿان به گاسليٽ ملڻ جي اميد ڪونه آهي تنهنڪري اسان سڀاڻي جي سفر لاءِ ماني جو انتظام ڪري ڪونه سگهياسون جنهن جو نتيجو اسان کي سٺو مليو ـ

Leave a comment