ڳوٺ لغاري بجراڻي جي سماجي زندگي (ت) ـ

مردن کان علاوه عورتن جي زندگي پڻ وڏي گهماگهمي ۽ مصروفيت واري هوندي هئي. ان وقت جون عورتون نڊر، بهادر ۽ محنتي هونديون هيون. گهر جو ڪيترو به ڪم ڪار هجي ته ان کي وڏي سليقي سان ڪنديون هيون. جنڊ پيهڻ کان وٺي ڪتر هڻڻ، مال جي سار سنڀال ۽ ڏهائي وغيره سڀ پاڻ ڪنديون هيون. هو صبح جو اَسُر مهل اٿي جنڊ جوٽينديون هيون. هر هڪ گهر ۾ هڪ عدد جنڊ ته ضرور هوندو هو. پوءِ وڏي اَسُر مهل سڄي ڳوٺ ۾ جنڊ پيهڻ جو آواز ۽ پس منظر ۾ ڪڪڙن جون ٻانگون، پکين جي چيچاهٽ عجيب آواز پيدا ڪنديون هيون. اڃان جنڊ پيهڻ جو آواز مس جهيڻو ٿيندو هو ته الله هو الله هو سان ملندڙ جلندڙ آواز مَٽي ۽ مانڌاڻي جو ايندو هو. جو لَسي ولوڙڻ ۽ مکڻ ڪڍڻ واري مانڌاڻي جو ايندو هو. ماٽياڻي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي هنج ۾ کنيون ٻنهي هٿن سان مانڌاڻي جون واڳون جهلي واري سان ڇڪينديون هيون ۽ سندن ننڍڙو ٻار جنهن جا ٻئي هٿ ماءُ جي ٿڻن سان گڏ مانڌاڻي جي واڳ ۾ هوندا هئا ۽ ساڳي طرح اڳتي پوئتي ٿيندا هئا. ڄڻ ته ٻار به پنهنجي ماءُ سان ان جي نقش قدم تي هلڻ ۽ ساڻس محبت ۽ شفقت جو اعتراف ڪندو هجي. ڪهڙو نه دلفريب نظارو انهي زندگي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو. جتي نه صبح جي چانھ ۽ پاپا. بلڪ رات جي بچيل سڪل ماني ۽ ان سان گڏ ڌنورو يا مهي جي لپ ٻارن لاءِ وڌيڪ نعمت واري هوندي هئي. سج اڀرڻ کان پوءِ مرد ڪم ڪار سان هليا ويندا هئا ته عورتون پنهنجي گهر جي صفائي، وٿاڻن جي صفائي، ڇيڻو کڻي ڪنهن ڪنڌي يا ڀت يا ديوار تي ٿڦڻ جو ڪم ڪنديون هيون. ڇيڻو ٿڦي سڪائي گڏ ڪرڻ ان ڪري ضروري هوندو هو جيئن مردن تان ڪاٺيون ڪري اچڻ جو بار گهٽ ٿئي. ڳوٺ جون پڪيون پوڙهيون عورتون دلا مٿي تي رکي ڳوٺ جي اندر ٺهيل کوهن تان پاڻي ڀرينديون هيون. عورتون هڪ دلو مٿي تي ۽ هڪ ڪڇ تي کڻي ٽن چئن ڄڻن جو ٽولو ٺاهي نڪرنديون هيون. هر هڪ پاڙي ۾ هڪ عدد ننڍو کوھ ضرور هوندو هو. جنهن تان مخصوص وقت ۾ صرف عورتون پاڻي ڀرينديون هيون جيڪي پنهنجي عمر آهر برتن کڻي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. ان وقت نلڪن جو رواج ڪونه هو. جيڪڏهن ڪو مرد انهي وقت کوھ مان پاڻي ڀرڻ ايندو هو ته جيستائين سموريون عورتون پاڻي ڀري نڪري نه وڃن تيستائين هو انتظار ڪندو هو. اهڙي طرح جڏهن ڪو مرد پاڻي ڀرڻ لاءِ کوھ تي موجود هوندو هو ته عورتون ٿورو ڀرڀرو بيهي انتظار ڪنديون هيون. ڪڏهن به مردن ۽ عورتن کي کوھ جي گرد گڏ نه ڏٺو ويو . اهو هڪڙي قسم جو مخصوص عهدنامو هوندو هو جنهن تي ٻئي ڌريون رضاڪارانه عمل ڪنديون هيون. اهڙا ٻه ٽي کوھ مخصوص هوندا هئا. هڪ کوھ جيڪو بازار جي وچ ۾ هوندو هو اتي ڪابه عورت پاڻي ڀرڻ ڪونه ايندي هئي. ان کوھ جي ڀرسان هڪ وهنجڻ جي جاءِ به هوندي هئي جنهن جي چوڌاري پڪين سرن جي ٺهيل چارديواري ۽ هيٺ پڪين سرن جو فرش وڇايل به هوندو هو . هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ اها چارديواري ڊهي ويئي ۽ پڇاڙي ۾ فقط کوھ وڃي رهيو. هڪ کوھ جيڪو لعل محمد شاھ جي پڙ جي ڀرسان هو، ان کي به هڪ عدد وهنجڻ جي جاءِ هئي. اها به هندن جي وڃڻ کان پوءِ ڊهي ويئي. ان کوھ تي به عورتون ۽ مرد واري واري سان پاڻي ڀريندا هئا. انهن کان علاوه ٻيا به کوھ هوندا هئا، جيئن بجراڻين جي پاڙي ۾ يار محمد جي اوطاق جي ڀرسان، انهن کوهن مان صرف پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريو ويندو هو. خدا بخش جي ڳوٺ وارا ماستر ميوو خان جي کوھ مان پاڻي ڀريندا هئا. اهو کوھ آبادي لاءِ پڻ ڪم ايندو هو. ان تي نار چڙهيل هوندو هو. ان کوھ تي بصر، ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ جام ٿيندي هئي. هن ڳوٺ جون عورتون بهادر ۽ بي ڊپيون هونديون هيون ـ
هڪڙو اهڙو سچو واقعو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو اهو هيئن آهي ته ٻوڏ جي وقت جهنگ جون نانگ بلائون پاڻي مان نڪري سُڪي تي گهرن جي ڪنڊ پاسي وڃي پناھ وٺنديون هيون، ڇاڪاڻ ته گهرن جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. هڪ دفعي هڪ گهر ۾ هڪ چڱو موچارو نانگ گهڙي آيو. اهو هڪ عورت ڏسي ورتو هوءَ گهر مان ڏنڊو کڻي ان جي پويان پئي. نانگ هڪ ڪنڌي جي پاڙ ۾ گهڙي ويو. هن عورت ڪنڌي کي هڪ وڏي لٺ ذريعي ڪجھ کليو ڪيو ته ڏٺائين ته نانگ هڪ ڪاٺي تي اهڙي طريقي سان ور هنيون ويٺو هو. جو سندس اڳيون پاسو هڪ ڪاٺي ۾ ويڙهيل ۽ پويون حصو مٿي کليل. سندس گهر وارو گهر ۾ ڪونه هو . صرف ننڍا ٻار هئا. هن ٻارن کي موڪلي پنهنجي ڏير کي گهرايو ۽ نانگ ڏيکاريائين کيس چيائين ته مان نانگ جو پويون حصو هٿ ۾ قابو ڪري ڇڪيان ٿي ته نانگ جيئن اتان نڪري ته تون ان کي ڏنڊي سان مار. انهي عورت نانگ جي پوئين اڌ کي مضبوطي سان جهلي هٿ کي وڪڙ ڏيئي زور سان ڇڪيو نتيجي ۾ نانگ هٿن ۾ ويڙهجي نڪتو، جلدي ۾ ان عورت نانگ کي پٽ تي اڇلايو ۽ سندس ڏير ان نانگ کي ماري وڌو ـ
ڪڻڪ جي لاباري جي موسم ۾ ڳاھ ڳاهڻ کان اڳواٽ هر هڪ هاري ڪڻڪ جا گڏا کڻي گهر ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ڪاهيل زمين نه هوندي هئي ته اهو انهي موسم ۾ لابارو ڪندو هو. جنهن مان کيس ڪڻڪ جي گڏن جي صورت ۾ ملندي هئي. اها گهر کڻي ايندو هو. پوءِ باقي ڪم عورتن جو هوندو هو. عورتون انهي مان سنگ الڳ ڪري ڪٽي صاف ڪري ان ڪڍنديون هيون. باقي گڏي جي بچيل حصي مان تيليون ڪڍي گڏ ڪنديون هيون. بعد ۾ انهن تيلين کي پاڻي ۾ پسائي نرم ڪري ان مان دٻڪيون يا پنڊيون ٺاهينديون هيون، جيڪا سندن گهر جي اضافي آمدني هوندي هئي. واندڪائي جي وقت ڳوٺ جا غريب ماڻهو سرن مان “ڍڍو” يا ڪانهن مان هٿيون پٽي کڻي ايندا هئا. جيڪي سندن عورتون پُسائي نرم ڪري، ڪٽي ان مان واڻ به ٺاهينديون هيون، جيڪو کٽن واڻڻ لاءِ سٺي اگھ ۾ وڪامندو هو. پنهنجي گهر جي ڀاتين جا ڪپڙا هٿن سان سبڻ يا ڀرت ڀرڻ ته روايتي طرح هر گهر ۾ هوندو هو. ڪپڙن سبڻ ۽ ڀرٿ ڀرڻ جون مشينون هاڻي عام جام آهن پر اڳ ۾ ٻهراڙي ۾ ورلي ڪنهن وٽ مشين هوندي هئي. نه ته سڄو ڪم هٿ سان ڪيو ويندو هو. اڄ ڪلھ ته ٻهراڙي ۾ هٿ جو ڪيل ڪم جهڙوڪ: گهگا، گج ۽ ٻيا ڀرت ڀريل زنانا ڪپڙا شهرن ۾ به عام جام پاتا وڃن ٿا. ان کان علاوه اعلي کان اعلي قسم جون رليون پڻ هن ڳوٺ ۾ ٺاهيون وينديون هيون. مطلب ته ڳوٺ جون عورتون ڪنهن طرح سان محنت ۾ مردن کان گهٽ ڪونه هونديون هيون. ڪلهوڪلهي ۾ ملائي زندگي جو مشڪل سفر پنهنجي مرد سان گڏ طئي ڪنديون هيون. قدرت طرفان جن کي جهڙي صورت هوندي هئي ان کي سٺي سيرت ۾ بدلائي ڇڏينديون هيون. نڪو ان وقت شهرن وانگر سرخي، پائوڊر لڳائڻ جو رواج ۽ نه ريشم پٽ اوڍڻ جي ضرورت، بس!! سندن زندگي جو مقصد صرف وفاداري خدمت ۽ پنهنجي مرد لاءِ عزت، محبت ۽ اولاد لاءِ پيار
ـ

Leave a comment