ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سيد گهراڻو

ڳوٺ لغاري بجراڻي تي هميشه سيدن جي دعا رهي آهي. هڪڙا سيد ڪنهن سبب جي ڪري ڳوٺ مان لڏي پئي ويا ته ٻيا پي آيا. جڏهن کان سيدن جي دعا جو پاڇو لغاري بجراڻي تان لٿو تڏهن کان شهر زوال پذير ٿيو. پهريائين ڪورائين جي شهر مان هڪ سيدن جو قبيلو ڪورائين جو شهر ڇڏي هن ڳوٺ ۾ آيو. انهن سيدن مان حسن علي شاھ ولد صحبت علي شاھ جيڪو اڳ به لغاري بجراڻي ايندڙ ويندڙ هو اُهو لڏي آيو. ڇاڪاڻ ته هو شيعه اثنا عشري مذهب رکندڙ هو ۽ لغاري به ڪافي تعداد ۾ شيعه ٿي ويا هئا. جنهن مان ميان وائي فقير گهراڻو وڌيل هئا. حسن علي شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ جمعي جي نماز يا نماز عيد تي پيش امام جا پڻ فرائض انجام ڏيندو هو. ان جي انتقال کان پوءِ سندس ٻئي پٽ سيد لعل محمد شاھ ۽ سيد جعفر شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيا. سندن گهر اوڀر طرف آڍي خان ۽ ميان بخش وارن جي ڀرسان هوندو هو. سندن گهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هوندو هو. ٻاهر اوطاق پڻ ٺهيل هوندي هئي. ڳوٺ جي لغارين کي مذهب شيعه اثنا عشري ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ سيد لعل محمد شاھ وڏي ڪوشش ڪئي. ان کان علاوه سيد جعفر شاھ ۽ لغارين مان حامل فقير به شامل هئا. حامل فقير ته اڳ ۾ ئي ميان والي هئو، جنهن جولاڙو حضرت علي طرف هو. سائين لعل محمد شاھ جي گهر جي سامهون رستي جي ٻئي پاسي امام بارگاھ ٺهرائي ويئي هئي. جنهن جي وچ ۾ هڪ وڏو عَلم لڳايو ويو هو. رات جو بتي ٻاري رسي ۽ چرخي وسيلي مٿي چاڙهي ويندي هئي. جنهن ڪري رات جي وقت به عَلم روشن هوندو هو. مجلسون وغيره به انهيءَ پڙ ۾ ٿينديون هيون. انهي کي لعل شاھ جو پڙ سڏيندا هئا. لعل محمد شاھ جي ٻي شادي لغارين مان ٿيل هئي. اٽڪل سن 1940ع ڌاري هي سيد اسان جي ڳوٺ مان لڏي “ٻوٻي” شهر هليا ويا. سندن گهر خالي ٿي ويا. ڪجھ وقت کان پوءِ لغاري بجراڻي جو اسڪول شاھ صاحبن جي خالي ٿيل اوطاق ۾ قائم ڪيو ويو. سندن گهر واري جاءِ ڊهي ويئي ۽ پوءِ انهي خالي پٽ تي پريي ۽ مراد علي ولد سوڍو لغاري وارن قبضو ڪيو. اڃا سائين لعل محمد شاھ وارا اتي ئي هئا ته درياھ پار واري پاسي کان سيد ڏنل شاھ ولد سيد فتح محمد شاھ آيو. هي سيد تمام نيڪ پرهيزگار ۽ غريب انسان هو. سندس ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونه هو. سيد ڏنل شاھ کي خدا بخش جي ڳوٺ وارن مٺي موچي جي گهر جي ڀرسان رهڻ لاءِ جڳھ ڏني ۽ سائين ڏنل شاھ اتي ئي آباد ٿي ويو. سيد ڏنل شاھ پڻ لغارين وٽان شادي ڪئي. سيد ڏنل شاھ جي سادي طبعيت ۽ شرافت اسان جي لغارين تي سٺو اثر ڪيو ۽ کيس هر طرح جي مدد ڏيندا هئا. جيتوڻڪ شاھ صاحب ڏنل شاھ لغارين جو مُرشد يا ڏن وٺندڙ پير به ڪونه هو، تنهن هوندي به کين ايترو ڪجھ ڏيندا هئا جو هو گذر سفر ڪري سگهي. سائين ڏنل شاھ کي ٽي پٽ سيد لعل محمد شاھ، سيد پنجل شاھ ۽ سيد گنبل شاھ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سائين ڏنل شاھ اتي ئي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس اولاد يتيم ٿي ويو. سائين ڏنل شاھ جي اولاد همت نه هاري ۽ عزت وقار سان رهندا آيا. خاص طور تي سندس وڏي پٽ سيد لعل محمد شاھ جو ڪردار نمايان هو. ان کان علاوه هو انهي گهراڻي جو وڏو هو. هو پڙهڻ تي ويٺو فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ڪجھ انگريزي به پڙهيو پر جلد ئي وسيلا نه هئڻ سبب وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي تپيداري ڪورس ڪرڻ حيدرآباد هليو ويو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي همت سان سيد لعل محمد شاھ تپيدار خير خوبي سان پڙهي آيو ۽ 1950ع ڌاري ملازمت اختيار ڪيائون. 1960ع يا 1961ع ڌاري شاھ صاحب کي مورو شهر ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ پاڻ اتي هڪ پلاٽ وٺي جاءِ ٺهرائي ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءُ گنبل شاھ سميت موري شهر ۾ لڏي آيا. واضح رهي ته سندن ڀاءُ پنجل شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. باقي صرف ٻه ڀائر رهجي ويا هئا. جڏهن کان سيدن جي آخري گهراڻي ڳوٺ لغاري بجراڻي ڇڏيو تڏهن کان وٺي درياھ بادشاھ ڳوٺ جي چوڌاري حملا ڪندو رهيو. ڪڏهن وڏي ٻوڏ جي صورت ۾ ڪڏهن پائيندڙ جي صورت ۾ ڳوٺ وارن جا زيان ڪندو رهيو. درياھ جو آخري حملو سن 1973ع کان شروع ٿيو ۽ ٽي سال لڳاتار پائيندو رهيو آخرڪار 1976ع ۾ سڄو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۽ ڀر ۾ ننڍو ڳوٺ خدا بخش پائي ويو، ٻنهي ڳوٺن کان علاوه نور شاھ جو قبرستان به پائي سڄو علائقو پنهنجي پيٽ ۾ هميشه جي لاءِ گم ڪري ڇڏيائين ـ

Leave a comment