جهانگيئڙن جي جُهونگار

ڳوٺ لغاري بجراڻي ڪچي اندر درياھ جي نزديڪ اڏيل هو. اهڙي طرح جو اولھ واري پاسي جنهن طرف درياھ هوندو هو اهو گهڻو ڪري جهنگ هوندو هو. شهر ۾ يا پاسن ۾ گهڻا ٻٻر جا وڻ هوندا هئا، انهي ڪري جيڪڏهن ڳوٺ کان اولھ طرف ڏسبو هو ته جهنگ ئي جهنگ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڳوٺ کان اولھ طرف درياھ يا ڍنڍ جي ڪناري تائين هر سال ٻوڏ تي آبادي ٿيندي هئي ۽ اتي لين ۽ ٻٻرن جا وڻ جام هوندا هئا. ڳوٺ وارن جو واسطو ڪم ڪار سڀ جهنگ ۾ هوندا هئا. ائين کڻي چئجي ته هو جهنگ جا رهاڪو يا جهانگيئڙا هئا. جهنگ جون ٻوليون، جهنگ جو ماحول، جهنگ ۾ ڪي مينهون چاريندڙ نظر ايندا ته ڪي رڍون ٻڪريون چاريندا ۽ ڪي ڍڳا چاريندا نظر ايندا. انهي کان سواءِ ٻني ٻارو به جهنگ ۾ ئي هوندو هو. سڀ ڪو پنهنجي ڌُن ۾ مست، ڪو پنهنجي مال ۾ مست، ڪو پنهنجي حال ۾ مست، سڄو ڏينهن ڪجھ نه ڪجھ پيا جهونگاريندا هئا. جيڪڏهن ڪو انسان اهڙي ماحول ۾ جهنگ ۾ اڪيلو هوندو ته لازمي ڪجھ نه ڪجھ پيو جهونگاريندو، انهي ۾ سُر واري يا بي سُري هئڻ جو ڪو به شرط ڪونهي، ڌنارن جون ڪي ڪي ٻوليون ته بنھ انوکيون ۽ عجيب هونديون هيون. ڪيئي سال اڳ جيڪڏهن ڪو ڌنار ڪنهن ٻئي کان مال چاريندي اوجهل ٿي ويندو هو ته اهُو ڌنار ڪنهن اوچي وڻ تي چڙهي هيٺيان ٻول چوندو هو ـ
ٻولو الله ٻولو، ٻولو سائين ٻولو
ٻولو مرشد ٻولو، ٻولو مرشد ٻولو
ٻولو سائين ٻولو، ٻولو الله ٻولو
اهو آواز ٻڌندي ئي ٻيو ڌنار ساڳئي مٿين ٻولي ۾ ساڳيو جواب ڏيندو. پوءِ خبر پئجي ويندي ته اهو آواز ڪٿان آيو ۽ پوءِ اهي ٻئي ملي ويندا هئا. جيڪڏهن ٻيا به ڪي ڌنار انهي جوءِ ۾ هوندا هئا ته اُهي به ورندي ڏيندا هئا، يعني ٻولو ٻولو الله ٻولو پوءِ سمورو جهنگ الله ٻولو سائين ٻولو جي آوازن سان گونجي ويندو هو ۽ آسي پاسي جا سمورا ڌنار هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اهڙي طرح سندن ڪچهري مچي ويندي هئي. انهن ئي ڌنارن ۽ جهانگيئڙن وٽ هڪ ٻي به جهونگار انهي مطلب ۽ طريقي واري ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، اهڙي ورندي جيڪڏهن ڪنهن ڀرواري ڌنار ٻڌي ته اهو به اهڙي جهونگار جو جواب ڏيندو هو. وقت گذرڻ کان پوءِ اها جهونگار جوئر يا ٻاجهري جي پيهي تي جهار هڪليندڙ پڻ ڳائيندو هو. اهو به هڪڙو دور هو جو گذري ويو. خبر ناهي اهو اڳ به هو يا نه ڪڏهن شروع ٿيو. اها اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي حقيقت آهي. رات جو مارڪي تي جڏهن ڪي شوقين مزاج نوجوان گڏ ٿيندا هئا ته ڳائيندا به هئا. اهي بيت يا ڪافين کان علاوه به ڪجھ وايون جن مان لولي ۽ ڇلڙو مشهور هئا اُهي به ڳائيندا هئا. لولي ۽ ڇلڙو ٻئي سرائڪي زبان ۾ هونديون هيون. جيئن ته هتي جا ڳوٺاڻا سڀ لغاري هوندا هئا. گيت جي ڳائڻ جو انداز مٺو ۽ اثر انداز هوندو هو جو بُت مان سريرون نڪري وينديون هيون. انهن گيتن ۽ لولين کان علاوه ڪنور ڀڳت جو هي گيت مقبول هو. “نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو”. ننڍن ننڍن ٻارن جون وري پنهنجون پنهنجون ٻوليون ۽ رانديون هونديون هيون. چانڊوڪين وارن راتين ۾ ڳوٺ جا ڇوڪرا هڪ هنڌ گڏ تي راند ڪندا هئا. هڪ ٻئي کي سڏڻ جو طريقو به عجيب هوندو هو. ٻه ڄڻا گڏ ٿي ڪورس جي انداز ۾ هن طرح ڳائيندا هئا ـ
اڪ جي ڪاٺي
نم جو پايو
راند جو سايو
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو
موٽي وڃي مکڻ کائو
انهي ڪورس ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن به ڇوڪري کي گهر ۾ آرام ڪونه ايندو هو ۽ يڪدم ڊوڙي وڃي راند جي ميدان ۾ ٻين ساٿين سان شامل ٿيندو هو. پاڙي جون نينگريون گڏ ٿي پنهنجي الڳ راند رچائينديون هيون. “لڪ لڪوٽي” ڪرڻ وقت پهريائين ڪير اکيون بند ڪري ۽ ٻيون لڪي وڃن انهي لاءِ سڀئي ڇوڪريون پنهنجون مُٺيون زمين تي رکي ويهنديون هيون ۽ هڪ ڇوڪري واري سان هر هڪ مُٺ تي آڱر سان ٺونگو به هڻندي ۽ چوندي هئي ارچڪ مرچڪ، ڌاما ڌرچڪ، آڳ پٽيهر، نانگڻ جوڳڻ، کارا کُٽي، ٻُٽي ڇٽي. جنهن جي مُٺ جي مٿان “ڇٽي” جو لفظ پڪاريو ويندو هو ته اُها ڇوڪري آزاد ۽ وري ٻين ڇوڪرين تي اهو دهرايو ويندو هو. جيڪا نينگر آخر ۾ بچي ويندي هئي. ان تي آڳ اچي ويندي هئي. ان کان علاوه چار يا وڌيڪ نينگريون گڏ ٿي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هڪ دائرو ٺاهينديون هيون پوءِ نچڻ واري انداز ۾ گول ڦرنديون هيون ۽ هيٺيان ٻول چونديون هيون ـ
چيڪلي پايون
پير گسايون
پيرن منجھ ڪڙي اي
لعل سُناري جڙي اي
ڪيو!ـ
ڪيوي دي ڌياڻي
ڇوڙ ڳئي پاڻي
پاڻي وچ ڦوٽي
جيون ميڏي پيڪي
پيڪي گهر ويندي هان
ڪينهان ڪم ڪريندي هان
ٿالهي وٽي منجهيندي هان
عورتن جا گيت ۽ لاڏا اُهي ئي عام جام ساڳيائي هئا. جيڪي اڄ ڪلھ ڳايا پيا وڃن، البت ڳائڻ جو انداز اڄ ڪلھ ڊسڪو ٿي ويو آهي. اڳي جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ لاڏا ٿيندا هئا ته گهر وارن کي خوشي ۽ مُسرت ٿيندي هئي. هاڻي گهر جي ٻاهر وارن کي لاڏن ٻڌڻ جو شوق ٿئي ٿو ـ

Leave a comment