پنهنجي پاران (ايران جو سفر) ـ

هي ڪتاب جنهن جو نالو ”ايران جو سفر“ آهي قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. سائين منهنجا آءُ نڪو اديب ليکڪ آهيان آءُ ته هڪ غريب طبقي جو نيم پڙهيل شخص آهيان. بس! الله سائين جي مهرباني سان ٻه موقعا اهڙا مليا جو مان به پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نڪتس ـ
منهنجي عادت آهي ته ڪڏهن به گهر کان ٻاهر ڪجھ ڏينهن لاءِ سفر تي نڪرندو آهيان ته ڊائري ضرور لکندو آهيان. پنهنجي ملڪ ۾ ڪيترائي تفريحي سفر ڪيم جن کي پڻ قلمبند ڪيو پر اهو غير اهم سمجهيم، پر هي ملڪ کان ٻاهر جو سفر وڏي خبرداريءَ تفصيل سان لکيم ـ
پهريون سفر سال 1983ع جي مئي ـ جون مهيني ۾ ڪيو اهو سفر ايران جو هو، جتي اسان جي ٻارنهن امامن جي سلسلي جي اٺين امام علي رضا جو روضو مبارڪ آهي. هي روضو شهر ”مشهد“ ۾ آهي. ناهي کان علاوه به ڪيترائي امام زاده ۽ ٻيون بزرگ هستون ايران ۾ گهڻن هنڌن تي دفن تي دفن ٿيل آهن. انهن بزرگ جي مقبرن جي زيارت به باعث ثواب عبرت آهي ـ
پهرين سفر ۾ مون سان گڏ منهنجو وڏو ڀاءُ احسان علي ۽ اسان جو ماموغلام عباس خان هئا. ان کان سواءِ اسان سان گڏ اسان ٽنهي جون گهر واريون همشيره همسفر هيون. اهو سفر ڏاڍو خوشگوار طريقي سان پورو ٿيو، انهي سفر جي ٻن سالن کان پوءِ يعني سال 1985ع ۾ ٻيو دفعو ايران وڃڻ نصيب ٿيو. هن دفعي مون سان گڏ ڇھ دوست ٻيا به هئا جيڪي سڀ مورو شهر جا سُرهيا ذات جا هئا، سندن نالا هن ريت آهن، جناب حاجي غلام سرور سرهيو صاحب، جناب شوڪت حسين سرهيو صاحب، جناب گل حسين سرهيو صاحب، جناب فدا حسين سرهيو صاحب، جناب شير علي سرهيو صاحب، جناب عبدالستار سرهيو صاحب ـ
هي سڀئي هم سفر نهايت خوش اخلاق ۽ زنده دل هئا، جيئن ته مان انهن سڀني کان عمر ۾ وڏو هئس تنهنڪري هو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندا هئا، جيتوڻيڪ هو پاڻ ۾ بي تڪلف ۽ حجتي هئا ـ
هي سفر نامو بلڪل سادي زبان ۾ لکيو ويو آهي بلڪ ائين چئجي ته ڊائري جا مختلف جملا گڏي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري لکي ويئي آهي، هن ۾ ڪي وڏا الفاظ يا محاور به استعمال ٿيل ڪونه آهن ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته مان ڪو اديب ڪونه آهيان، اسان جي گهر ۾ سرائيڪي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ٻاهر سنڌي، جنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته صحيح سنڌي به لکي نه سگهيو هجان ۽ ان ۾ به سرائيڪي جو لهجو شامل هجي، مهرباني ڪري اهڙين غلطين کي درگزر فرمائيندا ـ

Leave a comment