ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ قربن جون ڪچهريون

هاڻي الاجي ڪهڙو واءُ وريو آهي جو هن دور ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو ويري بنجي ويو آهي، ڪير به ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ٿو ڪڍي. هر ڪو پنهنجي ڪرت ۽ پورهئي ۾ غرق آهي. تاهم سرسري طور هڪ ٻئي سان تعاون آهي. ڪنهن سان به ڪنهن جي عداوت ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ها ائين ضرور آهي جو ٻه ٿانو جيڪڏهن کٽ تي هوندا ته ٺڙڪندا ضرور . هڪ دفعو ڪچي جي زمين تان تڪرار ٿيو جنهن تي جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪهاڙين ۽ تلوارن جو آزادانه استعمال ٿيو. هن جو تفصيل وار ذڪر پوين صفحن ۾ ڪيو ويو آهي. اڳ ڪچهريون، قربن، محبت، احساس شڪر ۽ ايمان سنجيده هو. ايتري قدر جو ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ موسمي لحاظ کان مختلف طريقا گذر سفر ۽ روح راحت ڏيڻ واسطي هوندا هئا، جيئن ئي سرءُ جي موسم ايندي ۽ سر ڪانهه نسرندو، ڪونجون، تلورون، نير نگ ۽ ڊگوش به روس ڇڏي اچي درياھ جي ڪنڌي وسائيندا هئا ۽ ڪچي واسي به چيٽي جو ٻج زمينن ۾ ڇٽيندا هئا. هر ڪنهن کي ٻج، ڏاند، ناڙي ڪرڻ جي ڪرت هوندي، سانجهي جو جوڌا جوان پنهنجي سڄي ڏينهن جا اوکا پوکا لاهي اچي ميدان تي پهچندا هئا، سڄو شهر مڙي اچي بيهندو هو، بدن تان پيراهن پري ڪري، سندرا چيلھ سان ڪشي ڪانچن جا ور کڻي، هڪ ٻئي سان جُنبي ويندا هئا، ڪي ڪٻٽي ته ڪي ٻلهاڙو پيا ڪندا هئا. ٻار ۽ ننڍا جوانڙا جدا جدا ڪي ٻيا ونجھ وٽي ڪندا، ڪي اٽي ڏڪر ۽ اک ٻوٽ پيا کيڏندا. ڪن جي هٿن ۾ ڪوڏيون هونديون. ڪي وري وڏن جون ملهون ڏسي پيا هڪ ٻئي کي ٻَکُ وجهيو جانٺا هڻندا. غروب ٿيڻ کان پوءِ هر ڪو کائي پي اچي اوطاق ڀيڙو ٿيندو هو. سياري ۾ وچ ۾ مچ ٻيو ٻرندو هو ۽ چوڌاري ڪانڀا ڪڍيو مڙس ائين ويٺا هوندا ڄڻ ببر شينهن ويٺا آهن. اکين مان پيا اُلا نڪرندن. انهن کي ڏسي شايد ٻهراڙي جي ماين سهرو ٺاهيوـ
اکيون ادل جون ٻرن مشالا، ڳاني جو جوڙ بنايو ـ
سنجهي جو ڏور جا بيت شروع يا ڏيندا هڪ ٻئي کي ڳجهارتون، اچي اچي پيئي پوندي، سڄي ڪچهري چڪر ۾ هوندي هر ڪو پيو ڀڃڻ جي ڪندو، مثال: ڪاٺ جي، جهنگ جي، گهر جي، ڪنڌي جي، اهڙا پيا پاها ڏيندا، ڳجهارت ڏيندڙ ور ور ڪيو پيو چوندو ”هل ادا هل“ جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن جو پاهو لڳي ويو ته واڪو ڪري چوندو ”اجها آئي… ويئي يار ويئي..“ يعني ڳجهارت ڀڄي پئي، انهيءَ ڪچهري ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو، پوءِ ڪندو ڳجهارت ڏيندڙ ڳجهارت جي تشريح، اهڙي طرح واري واري سان ڪلام، ڪافيون، ڏوهيڙا، ڏور، بيت، آکاڻيون، داستان، قصا، ڳالهيون، ٽوٽڪا، مزاحيه چرچا وغيره پيا هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ۽ پنهنجي دل مان سڀئي اوٽار ۽ غبار لاهي ڇڏيندا هئا. جيڪي زندگي جي ڪشاڪش ۾ ۽ جيڪي سندن دلين ۽ دماغ تي چڙهندا هئا، مطلب ته اهڙو رنگ رچي ويندو هو جو ڪچهري کٽڻ کي نه ايندي هئي. ڪنهن جوانڙي کي ننڊ جي اوجهارڪي آئي ته اتي ئي باھ جي وٽ ۾ ڪرونڊڙو ٿي پوتڙو مٿان پائي پاسيرو ٿي پوندو. اوجهارڪي مان اک کُلندس ته اتان ئي پيو ڪندو “ واھ يار واھ” گهڻو ڪري سياري ۾ اوطاقن تي ”چلم“ به ٺهيل هوندي هئي، پاڻي جو مٽ، ٺڪر جو ٽڀو يا ڪُپي هوندي، ٻه چار کٽون هونديون، باھ جي چوڌاري ڪاٺ جون صندليون، منجيون ۽ پلال جا پيڙها به پيا هوندا هئا. هر ڪو سلام ڪري اهڙي صُحبت ۽ پنهنجائي سان ڪانڀ ڪڍي اچي وهندو ڄڻ ته پنهنجي وٿاڻ تي ويٺو آهي. وزم به پيو هلندو ۽ زماني جون ڳالهيون، ڏاندن جي گوءِ جا قصا، مڙسن جي مردانگي جا داستان مال، رزق، پوک، گاھ پٺي يا بٽين وغيره جا گفتا به پيا هلندا هئا، پري جو ڪو واٽهڙو يا مسافر لڙي ايندو هو ته ”جي آئين ڀلي آئين” پئجي ويندي هئي، هر ڪو پيو کيڪاريندو هوس ۽ پيو آجيان ڪندو، دال روٽي هوندي سابه آڻي اڳيان رکندس پوءِ ڪندس ”جي ادا“ يعني پڇندس حال احوال، وري جڏهن سيارو ويو ۽ ايندو بهار پوءِ ته ڪچي واسين لاءِ به بهاري ٿيو وڃي. هاري پنهنجي پوکيل ثمر سيڙهيندا يعني مٽرن ۾ ڦريون، چڻن ۾ ڍارون ۽ ڦوٽا، ڪڻڪون آنڀن ۾، سرنهن ۾ لابارا، سونف ڌاڻو، نيسر کي هوندو. گدرن ۽ ڇانهين جون وليون ، ڇٽ ۽ نير هڻنديون، مال متاع، پکي پکڻ، جانور انسان بلڪ ڪچي ۾ هر ساهواري شي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويندو. وهڙيون ڍارون چري وهربيون، ٽهاڻين ۾ به وهر هوندو، سانَ ٽڙاڏون هڻندا وتندا. اڇڙا تتر چاڙهيڪا ڇڏيندا. ڌنارن جون تڙن تي منڊليون هونديون، چڻن مٽرن جون ڏڌڙيون ڪندا رهندا. ٻيرن ۾ ڳاڙها ٻير هوندا. صبح سانجهي مال ۾ پيل چڙن ۽ ڊگرين ۾ “الله هو، الله هو” جون تنواريون هونديون. سوين مزا لکين لطف، پري پري کان دوست ڪهي اچي ڪچي جو سير ڪندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا. ڍنڍن ڍورن ۾ به مڇي جو شڪار جام ٿيندو هو. خفتي کنيو قهري ڪان ڪلهن تي وتندا ٻيٽن تي تلورون ماريندا. ڪيئي رنگي جا رنگ ڪيترا لکي ڪيترا لکجن. ديسي دوست گهڻو ڪري سياري ۾ شڪار تي لهن، جهنگ ڪنائبو ته جاڙيون پيون ڇڏينديون هيون، شل ڪچي جي واسين جا ويڙها وسن، سندن اوطاقون آباد هجن. سندن وسنديون وسن ۽ شال هر ڏينهن جيڪي سياري ۽ بهار ۾ مزا ماڻين ـ
اسان جون مائون، ڀينرون، خدا شال سندن اوکو واءِ نه لڳي صبح کان ويندي لڙي منجهند تائين تر جي به واندڪائي ڪانه ملندي هين. گهر ڌياڻيون جو ٿيون. پنهنجي وٿاڻن جون راڻيون ۽ وارثياڻيون جو ٿيون. بيگمون ته هيون شوخ جو صبح کان گهر ٻين جي حوالي ڪري ٻار آيائن جي هنج ۾ هڻي پاڻ وتن روا ڳچي ۾ وجهيو شهر چاکوڙينديون ۽ شاپنگ ڪنديون. اسان جي مائن، ڀينرن کي اسر ڏيئي اٿڻو پوندو هو ڪلمو پڙهي، خدا رسول جو نالو ڳنهي، کڻنديون هٿ ۾ ٻهاري يا ويهي هلائينديون جنڊ. ڪي وري کير جون چاڏيون ولوڙينديون ۽ مينهن ڀٽارين جو کير ڏهي ان ۾ سباڻ وجهنديون، اهي اوکا پوکا لاهي چُلھ تي وهنديون، نيرن پچائينديون. ٻارن کي کارائينديون ۽ کين وري منجهند جي ماني تائين مٿي کنهڻ جي واندڪائي به نه ملندن. ٿانو ٿپا به ڌوئيندون، لٽا ڪپڙا به ڌوئينديون ۽ لاڙوين منجهند کان پوءِ وڃي انهي ڪاروبار مان وانديون ٿينديون. اهو وقت ويندي لاڙوين ٽپهري تائين هلندو هون. جڏهن هو پاڙيوارين سيهلين جي گهرن جو چڪر هڻنديون هيون ۽ گهڙي ساعت ويهي ساھ پٽينديون هيون. پاڻ ۾ چار چونڪ ڳالهين جا ڪنديون ۽ هڪ ٻئي جي وارن کي ويريون به ڏينديون. انهي وقت هڪ طرف جيڪڏهن اهو مشغولو هوندو ته ٻئي طرف ڪي مايون رات لاءِ چانور پيون سوئينديون، ڪن جي اڳيان اکري ۾ ڪڻڪ يا ساريون پيل هونديون، جن کي پيون مُهري سان ڇڙنيديون يا ڇڄن ۾ پيون ڇنڊينديون، ڪن جا اوکا پولا لٿل هوندا ته اُهي پيون ڀرت ڀرينديون يا ويٺيون رليون يا ٽوپيون ٽوپينديون، اسان جي عورت وٽ ور وڏي اهميت رکي ٿي. عورت جي سموري زندگي جو مرڪز سندس سهاڳ ٿئي ٿو. ان جي ئي سندس فڪر ۽ خيال گهمي ٿو. غرض ڪهڙا مثال ڏيئي ڪهڙا ڏجن. شل سندن ور ۽ گهر پيڪا ۽ اباڻا، ابل ۽ ادل وسن ۽ جيئن. بهار ختم ٿيندو ته پهريائين ماٽي لڙهن سان هاڙ جي آمد شروع ٿيندي، چيٽي پوکون پچي تيار ٿينديون ۽ انهن ۾ لابارا شروع ٿيندا. ديرا، ٺيهڙا، ڳاھ ڳاهڻ، ٻياني ٽيانگ ۽ گاگڙئي (ڇڄ) سان وائرون ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ ان جي راھ ڪئي ويندي هئي. ٽوين ۽ پاٽين سان ڪاسا ۽ خرار ماپبا هئا. زميندارن جا کنڌا پڻ ڏنا ويندا هئا، پيراڻه ٽويا، ڀاڻيئي، حجم، ڪنڀر، ڊکڻ ۽ لوهار جا ٽويا به انهي راھ مان ڪڍيا ويندا هئا. جڏهن ڪچي جا ماڻهو چيٽي جو فصل کڻي، بٽين بڙن جا حساب ڪتاب ڪري آجا ٿيندا هئا. اهو هوندو هونَ محض واندڪائي جو وقت، پوءِ ڪي ماڻهو واهڙن تي يا ڍنڍن تي نار يا هُرلا چاڙهڻ جون تياريون ڪندا ۽ پڙهوڏا کوٽيندا. جيڪي اڳي جا کوٽيل هوندا هئا ته انهن کي به صاف ڪري وڌيڪ کاٽي ڏيندا هئا. پوءِ اڏيندا هئا منجھ ۽ پوءِ ڊکڻ ۽ هاري ڪاٺوڙا نار چاڙهي ۽ ڪَتي جو فصل، جوئر، ٻاجهري، تر، گوار ڪاهڻ جا سانڀاها ڪندا هئا، اهڙن نارن تي ٺهيل منجھ به ڪچهري جون خاص جايون هونديون هيون، باقي ٻيا ماڻهو پرھ ڦٽي ڏيئي اٿندا ۽ کڻندا هئا. پاڻ سان ڏاٽو ۽ ڪهاڙي سڌو رخ جهنگ ڏانهن، ڪو پنڃر ڪپيندو، ڪي لهيون ڪپيندا ۽ ڪي سَرَ ڪپيندا. ڪي وري ٻيلن مان وَرا يا داسا ڪپيندا هئا. ڪي وري سڄو ڏينهن پيا اوطاقن تي کٽون ڀڃيندا هئا يا بازار ۾ مختلف دڪانن تي ويٺا ڪچهريون ۽ مزاحيه ڀوڳ ڪندا هئا. مٺي فقير جو اوتارو ڪچهري لاءِ مشهور هوندو هو. مٺو فقير فقراءُ طبيعت رکندڙ هو. نظر يادو ۽ جوسي چرچائي هئا. ڳوٺ ۾ استاد ميوو خان، بخشو فقير، علودو خان، سمندر خان، گاجي خان، مڱڻ خان، احمد فقير، حيدر فقير، پنهل خان، جيوڻ خان وغيره نيڪ مرد هئا ته سگهڙ ۽ سمجهو به هئا. يار ويسي ڪچهري جا مور، هڏ ڏوکي هڪ ٻئي توڙي ڳوٺاڻن لاءِ اندر جي ٿانون ۾ احساس رکندڙ هئا. سدائين سندن چهري ۾ شادابي ۽ شگفتگي بکندي هئي. ائين سمجهبو هو ته مذڪوره ماڻهو سڄي ڪنڌي جا رکوالا آهن. شال رب سائين سندن ڪارڪردگين مان راضي رهي. بهشتي بنائين. جيئن ته هاڙ جي مند ماٽي لڙهن چڙهڻ سان شروع ٿيندي هئي تيئن پاتڻي يا نائکا پنهنجن ڍونڍين، ههڙن، بتيلن، ساکرو ۽ لاڙي ٻيڙين کي مھ ڏيندا هئا ۽ اڪثر پرين ڪپر پاڻن وارا يا آبادي ڪرڻ وارا سيڻهن کي رڱيندا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ درياھ تي خيروديرو پتڻ هوندو هو. ڏکڻ ۾ صفن پتڻ ۽ اتر ۾ لليا پتڻ هوندو هو. ليڪن پتڻ جا مورثي حقدار نائکو مُوسو ۽ نائکو قادر بخش ملاح هئا. پتڻ تي سندن ٻيڙيون پتڻ ڪنديون هيون. نائکي موسي جي ٻيڙي جو نالو کڻي بس ڪجي. سبحان الله سکر کان ڪراچي تائين ڪنهن به تڙ يا پتڻ تي ايڏي وڏي خوبصورت ٻيڙي ٻي ڪانه ٻڌبي هئي ۽ نه ڪنهن ڏٺي. جهڙو جنسي جهاز سڄي ساري جريب کن ۾ ويڪري ڊگهي تقريبن 200 وال ڊگهي ڪلمي، سو کن وال ڊگهي کوهي ۾ ٻڌل آڳل پاڇل ايتري ته ويڪري ۽ ڊگهي جو سوين ماڻهو آساني سان ويٺا هجن. ٻيڙي جو ترو صرف جانورن لاءِ ٺهيل، ٻيڙي جا ڪڇا پاڻي جي سطح کان مڙس کن مٿي هوندا هئا. آڳل ۽ پاڇل ۾ ٻه ٻه ڪوٺيون ٺهيل، جهڙا جنسي بنگلا ٺهيل، دامن، مرڪ، ويڻا، کوها، ناتاريون، پڳھ، منجنون، ونجھ، سڙھ، ڪلميون کوها، ساڪا، ساکرو نموني جي شاھ ڪاريگرن جي ٺهيل ٻيڙي هر وقت تيار، ويهارو کن مڙس ٻيڙي هلائيندا هئا، ڪوهين سڙھ ڏسڻ ۾ ايندو هو. درياھ ۾ اوڀاري هجي يا لهواري، درياھ ۾ ساندارو ڏيڻ کان پوءِ ائين ڇڇڪا ڪندي هلي جيئن ريل گاڏي پئي وڃي. ان کان علاو سنڌو ۾ سوين ڍونڍيون ۽ بتيلا ههڙا، ساکرو، لاڙي ٻيڙين جون ڪلميون پري کان ڏسڻ ۾ اينديون هيون. سدائين سنڌو جي سيني تي ترنديون وتن، مڇي مارينديون ۾ گهمنديون وتن. ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ درياھ جي تڙن ۽ پتڻن تي شهر ٻڌا پيا آهن ـ

Leave a comment