منظور حسين لغاري جي والد استاد ميوو خان جو تعارف

Ustad Mevo Khan Leghariاستاد ميوو خان لغاري ولد ڏتل خان لغاري سال 1876ع ۾ ضلعي نوشهروفيروز، تعلقه مورو، ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ پيدا ٿيو. سندن تعلق شيعه فقير گهراڻي سان هو. فقير گهراڻو ڪاڇي تعلقي جوهي چاڪرڪوٽ ۽ ميرو خان علائقي مان لڏپلاڻ ڪري ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ اچي آباد ٿيو. پاڻ 12 سالن جي عمر ۾ تعليم حاصل ڪيائين، محنتي هئڻ ڪري استادن کيس ٻه ٻه سال گڏ امتحان ۾ ويهڻ جو موقعو ڏنو، پاڻ محنت سان هن موقعي جو ڀرپور فائدو وٺي سنڌي فائنل پاس ڪري ورتائين. هن کان اڳ لغارين ۾ ڪوبه پڙهيل ڪونه هو يا ائين کڻي چئجي ته استاد ميوو خان لغارين ۾ پهريون استاد هو، جنهن کان پوءِ هڪ شمع مان ٻي شمع ٻرندي رهي، استاد ميوو خان جو تعلق مسڪين مارو خاندان سان هو. سندس پڙهڻ به هڪ معجزو هو مائٽن جي مرضي کيس پڙهائڻ تي اصل ڪانه هئي پر پنهنجي شوق ۽ عشق ڪري زوري پڙهڻ ويندو هو. اڳتي هلي مائٽن سندس ان عشق ڪري کيس پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏنو، جڏهن گهرو ڪم ڪار وغيره هوندو هو، هميشه جيان معمول مطابق ڪندو رهيو. تعليم اولڊ گچيرو اسڪول ۾ ورتائين، تعليم پوري ڪرڻ بعد ان ساڳئي اسڪول ۾ سنڌي ماستر ٿيو، جلدي ڪوشش ڪري پنهنجي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ 1930ع ۾ اسڪول قائم ڪرايائين، جتي پاڻ بدلي ڪرائي استاد ٿيو انهيءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اسڪول قائم ڪرايائين . نوڪري دوران ڏتل ڪورائي، وارياسو، بجراڻي لغاري ۽ مين پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿيو، پاڻ جڏهن ڏتل ڪورائي اسڪول ۾ ماستر ٿيو جيڪو سندس ڳوٺ کان 3 ميلن جي مفاصلي تي آهي ته پنهنجن پٽن سميت ڳوٺ جي شاگردن کي ساڻ اسڪول وٺي ويندو هو. ان دوران واري واري سان پنهنجن پٽن سان ٻين ڇوڪرن کي هنج به کڻندو هو مطلب ته وڏو محنتي ۽ همت ڀريو استاد ٿي گذريو. جنهن پنهنجي سڄي حياتي علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ گذاري. حيدرآباد ٽرينگ ڪاليج ۾ ماستري جو ڪورس پڻ ڪيائين، پڙهائي سان گڏ سٺو حڪيم پڻ هو، اڄ به سندس اولاد وٽ ناياب نسخن جا قلمي ڪتاب موجود آهن. سندس وٽ علاج لاءِ پري پري کان بيمار، اپاهج ڪهي ايندا هئا، پاڻ ڪنهن کان به پائي پيسو نه وٺندا هئا، سندس جوڙ جي حڪيمن ۾ خليق مورائي، حڪيم مولوي الهه ورايو ميمڻ، مولوي علي گوهر وغيره اچي وڃن ٿا. سندن شاگردي جو دائرو تمام وسيع هو جنهن ۾ قاضي محمد قاسم مورائي، قاسم علي اختر مورائي، حاجي الدين محمد سولنگي، قاضي محمد هاشم مورائي وغيره اچي وڃن ٿا، پاڻ ڊگهي قد وارو، سرو جهڙو سندو قد، شڪل صورت جو ڏاڍو موچارو، هميشه خوش پوش رهڻ وارو، سنهي ڏاڙهي، رعبدار شهپر، رنگ ڳاڙهو ڀورو هوندو هو، پوشاڪ ۾ هميشه اڇا صاف ڪپڙا پسند ڪندا هئا، جنهن مٿان خاڪي صدري ”بروڪيٽ“ پهريندا هئا، هٿ ۾ لئي جو لڪڻ، اکين تي نظر جي عينڪ چڙهيل، مٿي تي اڇو ململ جو پٽڪو، نهايت قابل ڏاڍو سنجيده ۽ خوشخاصي جو وڏو دلچسپ ۽ وڻندڙ، ڪچهري جو مور، جتي ويٺو اتي سج لهي وڃي، جديد عالم ۽ وڏو مفڪر، صورت خواھ سيرت ۾ وڏو فلاسافر، طبعيت دل جو، رهڻي ڪهڻي جو، اٿي ويٺي جو درويش ۽ ڏاڍو سير چشم، بلڪ سچ پڇو ۽ صحيح معني ۾ اهل دل هو. چلم ڇڪيندڙ هو، چوندو هو ته ڀائو! مڙيئي اگهاڙي انسان جا عيب لڪائيڻا آهن. ان لاءِ ڪهڙا ويهي اهتمام ڪجن، جسم ايترو لهي ئي ڪونه، جوان تي ايترو وقت ۽ ذهن ضائع ڪجي، اصل شيءَ اٿئي روح، ميان روح! جنهن جي سرگهور ڏاڍي ضروري آهي. سندن روزو، نماز، تلاوت ڪلام پاڪ ۽ علي علي ڪرڻ فطري عمل هو، استاد ميوو خان لغاري ڪل 35 سال نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيو. 1979ع سال جي 20 اپريل ۾ وفات ڪيائون، کيس محمود شاھ شاهپورجهانيان قبرستان ۾20180106_133447 دفن ڪيو ويو، اڄڪلھ جيڪي لغاري وڏين نوڪرين ۾ آهن، سڀ استاد ميوو خان جي صدقي پڙهي روزگار سان لڳا هئا. اولاد ۾ ٻه پٽ هئا وڏو احسان علي لغاري جنهن ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو منظور حسين جيڪو بئراج ڊويزن ۾ سب انجنئر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ـ